فلاسافيءَ جي پسمنظر ۾ پروفيسر نويد سنديلو سان ڳالهه ٻولهه زاهده ابڙو | مارچ 2022
همسري
زاهده ابڙو: فلاسافي جي هڪ شاگرد جي حيثيت سان توهان کي ڪهڙي شيءِ متاثر ڪيو جو توهان فلسفي جهڙي ڏکئي مضمون کي چونڊيو؟
نويد سنديلو: هڪ ڳوٺ آهي جنهن جي چوڌاري زيتونن ۽ انبن جا باغ آهن، هڪ فطرتي ماحول آهي، ٻيو ننڍپڻ کان مون کي ڪتابن پڙهڻ جو شوق رهيو. گهر ۾ ان ماحول جو اثر پيو منهنجو والد صاحب قربان سنديلو جيڪو پنهنجي دور جو هڪ وڏو ڪهاڻيڪار رهيو آهي ۽ انگريزي ادب جو پڙهندڙ هو. اسان کي جڏهن موڪل هوندي هئي ته انبن جي باغ ۾ وٺي ويندو هو. ننڍا ڀائر وڏا ڀائر به گڏ هوندا هئا ۽ آئون انهن فطري لقائن تي تمام گهڻو سوچيندو هئس. پوءِ جيئن مون ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيا، منهنجو والد جيڪو شاعر به هو ته ڪهاڻيڪار به، هو اسان کي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو. مون کي ياد آهي جڏهن مان ٽئين درجي ۾ هئس ته هن مون کي هڪڙو ڪتاب ڏنو جنهن جو نالو آهي ”ابتدائي سياسي تعليم“ نهرو پنهنجي ڌيءَ اندرا گانديءَ کي جيڪي خط لکيا انهن تي مشتمل آهي، اهو ڏنو ته اهو مان پڙهان. اهو جڏهن مون پڙهيو ان ۾ ڪافي اهڙا سوال هئا ته هيءَ ڪائنات ڪيئن ٺهي آهي، ٻوليون ڪيئن ٺهيون آهن ته اهي خيال ذهن ۾ ننڍپڻ ۾ ئي پيدا ٿيڻ لڳا. ٻيو ته بابا اسان کي هر جمعي تي باغ ۾ وٺي ويندو هو ۽ پوءِ انگريزي ۾ ڪو ڪتاب ويهي ڏاڍيان پڙهندو هو انهن شين به مون کي ڏاڍو اتساهه ڏنو. جيئن جيئن مون ادب ۽ شاعري پڙهڻ شروع ڪئي، جنهن شيءِ سان منهنجو پهرين يا بنيادي تعلق جڙيو جنهن ۾ مون فلمون به ڏٺيون، آرٽ جي پاسي به رجحان پيدا ٿيو، فلمن ۾ جيڪي سنجيده ڪردار هوندا هئا اهي مون کي تمام گهڻو متاثر ڪندا هئا. ڳوٺن ۾ جيڪڏهن ڪو واقعو ٿيندو هو يا ڪو قتل ٿيندو هو يا ڪا شادي ٿيندي هئي ته مان انهن تي سوچيندو هئس يا برسات ٿيندي هئي يا جيڪڏهن ڪوئل جي ڪوڪ ٻڌندو هئس ته ان کان به متاثر ٿيندو هئس. انڊلٺ جا رنگ به مون کي ڏاڍا وڻندا هئا، سڄي سڄي رات ويهي آسمان تي تارن کي ڏسندا هئاسين. پوءِ جڏهن مون ادب پڙهڻ جي شروعات ڪئي ته منهنجي والد مون کي هڪ ڪتاب ڏنو، هن چيو ته تون خليل جبران ۽ ٽيگور کي ته پڙهين ٿو، پر هاڻي هي ڪتاب پڙهه، جنهن جو نالو هو ”Basic Teachings of Philosophers“ چيائين ته هي ڪتاب ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي وهاڻي هيٺان رکي سمهندو آهي. جيڪو مون ميٽرڪ جي دوران پڙهڻ شروع ڪيو، سائنس سان لڳاءُ هو، ادب ۽ شاعري سان لڳاءُ هو. ٻيو ڪتاب مون کي منهنجي والد ڏنو جيڪو خليل جبران جو هو ”Prophet“. جبران، ٽيگور، وليم بليڪ، شيخ اياز ۽ ڀٽائي کي ته مان پڙهندو رهيو هئس، پر ان سان گڏوگڏ هن ڪتاب ۾ جيڪي فلسفياڻه موضوع هئا انهن مون کي وڌيڪ متاثر ڪيو ”بيسڪ ٽيچنگز آف گريٽ فلاسافر“ به مون کي متاثر ڪيو. ان وقت گرو رجنيش اوشو جو به مون نالو ٻڌو هو، ان جا به هڪ ٻه ڪتاب مون کي مليا. ايئن مان انگريزي ادب مان وليم بليڪ جي شاعريءَ کي به ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ فلسفي کي وڌيڪ پڙهڻ شروع ڪيو. پوءِ مون ڳوليو ته سنڌي ادب ۾ فلسفي تي ڪهڙا ڪتاب آهن. خاص طور محمد ابراهيم جويو صاحب جو ڪتاب ”فلسفي جو ابتدائي ڪورس“ اهو مون کي گهر ۾ مليو. ٻيو اسان کي ”ڏاهيون ڏک ڏسن“ ڊاڪٽر گل ان وقت نوجوان هو، جنهن سنڌيءَ ۾ ان وقت ترجمو ڪيو هو، اهو مون کي مليو. ايئن مون کي ڪافي ڪتاب گهر مان مليا. ”Living Issues of Philosophy“ جيڪو اڄ به مون وٽ موجود آهي اهو والد صاحب مون کي ڏنو. ٻيو ته بابا سان فلسفي تي بحث ٿيندا هئا. خاص ڪري علامه آءِ. آءِ. قاضي ۽ اي. ڪي بروهي جا ڪتاب ۽ ان جون تقريرون، ليڪچر جيڪي ڇپيل هئا. Casual Peeps at Sophia ۽ دنيا جا جيڪي ٻيا ڪتاب آهن اهي به مون پڙهڻ شروع ڪيا. ان کان علاوه Russell Britten جا ڪتاب، ان جون آتم ڪهاڻيون مون پڙهڻ شروع ڪيا. ان وقت تائين مان ڪافي شيون سمجهي چڪو هئس ۽ اهو منهنجو فلسفي ڏانهن هڪڙو سفر هو، رياضيءَ ڏانهن منهنجو رجحان هو. پوءِ وري مان ميڊيڪل ۾ هليو ويس. منهنجو وڏو ڀاءُ ڊاڪٽر آهي جيڪو هن وقت ٻاهر آهي ان وري مون کي مشورو ڏنو ته مان ڊاڪٽر ٿيان، پر پوءِ منهنجو رياضيءَ سان شوق گهٽجي ويو. وري جو فلسفو پڙهڻ شروع ڪيم ته رياضي ۽ فزڪس جي فلاسافي کي مون ٻئي نموني سان ڏسڻ شروع ڪيو. هڪ ته فلسفي جو ماحول مون کي گهر ۾ مليو، ان سان گڏوگڏ اسان جي گهر ۾ جيڪي انگريزيءَ جا ڪتاب هئا ان ۾ ايمرسن جا مضمون ۽ Henry David Thoreau جو ڪتابMove to Walden Pond، ان کانپوءِ شوپنهار، هيگل، مارڪس، انهن جا ڳاڙها ڪتاب اسان جي گهر ۾ موجود هئا. اسان جو ننڍو چاچو مارڪسسٽ فلاسافي کان ڏاڍو متاثر هو. رات جو سياري ۾ باهه پئي ٻرندي هئي پوءِ ڳاڙهن ڪتابن تي ويهي بحث ڪندا هئاسين. ايئن ننڍي عمر کان ئي سياسي منظر به ڏٺوسين خاص طور تي ايم. آر. ڊي جي تحريڪ ان وقت ۾ هلي رهي هئي ۽ اهي سڀ شيون پسمنظر ۾ موجود هيون. جيڪا سياسي سمجهه ۽ سياسي فلسفي ڏانهن لاڙو ان وقت ۾ جڙي رهيو هو ان اهو سمجهايو ته سياست کانسواءِ انسان اڌورو آهي. ادب ته آهي، پر سياست به هجي ۽ فڪري ڳالهين فڪر ڏنو. فلسفو انسان کي منطقي سوچ ڏئي ٿو ۽ شين کي گهرائي سان ڏسڻ جي اک ڏئي ٿو. افلاطون چوي ٿو ته فلسفو Child of wonder آهي يعني فلسفو حيرت جو ٻار آهي. فلسفي جي ڪتابن ۾ اهي سڀئي سوال به موجود هئا جيڪي ٻاروتڻ ۾ اسان جي ذهن ۾ به اڀرندا هئا ته اسين آهيون ڪير؟ هيءَ ڪائنات ڪيئن ٺهي آهي.
زاهده ابڙو: فلسفي جي باري ۾ جيڪڏهن هڪ عام ماڻهو وانگر توهان کان سوال پڇان ته فلسفو بنيادي طور تي ڇا آهي؟ ڇو ته جڏهن لفظ فلاسافي ٻڌون ٿا ته ذهن ۾ ڪافي منجهائيندڙ شيون اڀري ٿيون اچن ۽ لڳي ايئن ٿو ته انهن مونجهارن مان ڪا شيءِ ڳولهي اچڻي آهي ان جي سادي معنيٰ ڇا ٿيندي؟
نويد سنديلو: بنيادي طور تي فلسفو يوناني لفظ آهي جيڪو اسان وٽ مروج ٿي ويو آهي ته هي فيلسوف آهي يا فلسفو آهي. جيڪڏهن اسان لفظ جي تاريخي بنياد ڏانهن وينداسين جيڪو انگريزي ۾ به رائج ٿي ويو آهي ۽ اسان به ان کي اختيار ڪري چڪا آهيون اهو آهي Philo Sophi اهو اصل ۾ يوناني ٻوليءَ جي ٻن لفظن جو مرڪب آهي. هڪڙو آهي Philo معنيٰ پيار، Sophi معنيٰ ڏاهپ جنهن جو مطلب آهي ڏاهپ لاءِ پيار ۽ چاهت. سوال ٿو اڀري ته ڏاهپ آهي ڇا، ڇا هر ماڻهو جيڪو سوچي ٿو ان وٽ ڏاهپ آهي. عام طور تي ته اسان چئي سگهون ٿا ته هرهڪ ماڻهو ڏاهو آهي. ڇو ته هر ماڻهوءَ جو پنهنجو تنتي سرشتو آهي ۽ هو پنهنجي زاويي سان دنيا کي ڏسي ٿو، سوچي ٿو، هڪ هاري هجي، بينڪر هجي، ڪو ٻار هجي، ڪا عورت هجي، ڪو مرد هجي، ڪو ٻڍو هجي، ڪو مصور هجي يا ڪو فنڪار هجي. مطلب ته هرهڪ وٽ پنهنجي زندگي گذارڻ جو هڪ انداز آهي. ٿلهي ليکي اسين فلسفي کي ان زاويي کان ٿورو تبديل ڪري ڏسنداسين. پيٿا گورس يونان جو هڪ رياضيدان فلسفي هو. سندس چوڻ هو ته فلسفي لاءِ اهو مناسب آهي ته هو پاڻ کي ڏاهو نه چوي، پر ڏاهپ سان پيار ڪري جنهن جو مطلب آهي فلاسافر، جنهن جو سنڌيءَ ۾ مطلب آهي ڏاهپ سان پيار ڪندڙ. فلاسافيءَ لاءِ اهو چيو ويو آهي ته اهو خشڪ مضمون آهي، مبهم آهي، پر مان چوان ٿو ته فلسفو هن ڪائنات جي رازن کي سمجهڻ لاءِ آسان طريقو آهي. غور ويچار ڪري انسان انهن شين تائين پهچي ٿو ۽ هڪ تنقيدي شعور پيدا ڪري ٿو. ٻي ڳالهه ته اسان وٽ هندستان ۾ فلسفي لاءِ وري ٻيو لفظ آهي جيڪو آهي درسن يا درسنا، جنهن جو مطلب آهي سچ کي سمجهڻ يا ڏسڻ، حقيقت کي ڏسڻ، اها حقيقت ڇا آهي؟ جيڪا آفاقي آهي. مطلب ته جيڪي شيون اسان کي نظر اچن ٿيون جن کي اسان سچ ٿا چئون فلسفو چوي ٿو ته اهو سچ ناهي، ان جي پٺيان جيڪا شيءِ آهي يا ان جي تهه تائين پهچڻ جي لاءِ اسان کي هڪ اک ڌارڻي پوندي اهو اسان کي زاويو کپي يا اسان کي هڪ ڌار لينس کپي ۽ فلسفو اسان کي نوان لينس مهيا ٿو ڪري، نوان جهرونڪا ٿو کولي ڏيکاري ته دنيا کي اسان هن طرح سان ڏسون. روايت دنيا کي پنهنجي طريقي سان ڏسي ٿي، سائنس رياضيءَ ۾ ڪائنات کي ڏسي ٿي، پر فلسفو شين کي ڪُلي طور ڏسي ٿو. مان سمجهان ٿو فلسفو آرٽ جي اندر جماليات ۾ موجود آهي، رياضيءَ ۾ ان جو پنهنجو ڪم آهي 2+2=4 اهو هڪڙو رياضيءَ جو فارمولو ته آهي، پر اهو ڪائنات جو علم آهي. اسان کي فلسفي ۾ ابتدائي فلسفي روايتي سوچ کان منفرد ٿا نظر اچن ٿا، اهي فطري فلسفي سڏجن ٿا. اهي خاص ڪري يونان جي اندر پيدا ٿيا، هندستان جي اندر به فلسفو پيدا ٿيو، سواءِ چارواڪ جي ٻين فلسفين جي نگاهه جو مرڪز روح ۽ هن دنيا کانپوءِ ٻي دنيا آهي يا ناهي ان تي رهيو. مان سمجهان ٿو ته فلسفو ماڻهوءَ کي انهن سوالن جا جواب ڏئي ٿو جتي ٻيا علم محتاج آهن يا کٽي ٿا پون.
زاهده ابڙو: فلسفي ۾ رياضيءَ جي اهميت لڳي ٿو ته تمام گهڻي آهي. توهان پنهنجي ڳالهين ۾ به ان جو ذڪر ڪيو آهي اسان کي ٻڌايو ته فلسفي ۽ رياضيءَ جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق رهيو آهي؟
نويد سنديلو: تمام اهم سوال آهي جيڪو فلسفي ۽ رياضيءَ سان لاڳاپيل آهي. يونان جو شهر ايٿينس جيڪو علم جو ٿاڪ هو جنهن کي ”مدر آف گاڊيس آف ناليج اينڊ وزڊم“ چيو ٿو وڃي. اهو هڪڙو واپاري شهر هو جتي مختلف قسم جا ماڻهو ايندا هئا، جتي شين جي مٽا سٽا جي چٽا ڀيٽي ٿيندي هئي اتي مصر ۽ دنيا جي ٻين حصن کان ماڻهو ايندا هئا، ان ڪري اتي رياضي جو علم رائج ٿيو ۽ وڌيو ويجهيو. هونئن ته مصر ۽ هندستان ۾ به رياضي جو علم ملي ٿو ۽ ان جون تاريخي شاهديون به آهن، پر جڏهن پيٿا گورس جو ذڪر ٿا ڪريون ته هي اهو فلسفي آهي جنهن اتي هڪ اڪيڊمي قائم ڪئي هئي، هڪڙو مڪتب ٺاهيو هو، جتي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏ پڙهندا هئا. توهان تصور ڪريو ته ان وقت جو يونان جيڪو سٽي اسٽيٽس ۾ ورهايل هو ۽ انهن جون هڪٻئي ۾ جنگيون به ٿينديون هيون. اسپارٽا ۽ يونان جون جنگيون به تاريخ جو حصو آهن اتي مذهب به رائج هو، روايتون به موجود هيون، پر پيٿا گورس هڪ ترقي پسند سوچ رکڻ وارو ماڻهو هو جيڪو صوفي به هو ۽ رياضيدان به هو. سندس اسڪول ۾ هڪڙا شاگرد ظاهري علم سکندا هئا ته هڪڙا باطني علم سگهندا هئا. باطني علم حاصل ڪرڻ وارا شاگرد گهڻو ڪري جبلن جي چوٽين تي چڙهي رات جو آسمان جو مشاهدو ڪندا هئا ۽ پاڻ ۾ روحاني راز ۽ نياز جون ڳالهيون ڪندا هئا، انهن ۾ هڪڙو عجيب عنصر موجود هو جو اهي سڀ شاگرد گڏجي ننگو ناچ ڪندا هئا ۽ جيڪڏهن ڪو جانور سندن اڳيان اچي ويندو هو ته ان کي ذبح ڪري ٻوٽي ٻوٽي ڪري ان جا تڪا ڪباب ٺاهي باهه تي پچائي کائيندا هئا. ان سان گڏ شراب پيئندا هئا ۽ چوندا هئا ته دنيا هڪڙو جنجهٽ آهي ۽ اچو ته پاڻ ديوتا سان هڪ ٿيون ۽ شراب انهن جي لاءِ اهم عنصر هو ۽ اهو سڀ ڪجهه گهڻو ڪري ڊائنوشس جي ڏڻ تي ٿيندو هو. ڊائنوشس ديوتا موسيقي ۽ شراب جو ديوتا آهي. پوءِ سرمستيءَ جي عالم ۾ اچي اهو ڏڻ ملهائيندا هئا. پيٿا گورس رياضيءَ جو بنياد وڌو، پيٿا گورين ٿيورم اسان وٽ اڃان تائين پڙهايو وڃي ٿو. هن چيو ته هيءَ پوري ڪائنات رياضيءَ جي عددن وانگر ڪم ڪري رهي آهي. هن ۾ موسيقيءَ واري هارمني موجود آهي، پر اها رياضيءَ تي ٻڌل آهي. جنهن جي ڪري اڳتي هلي وليم بليڪ جيڪو مصور به هو ۽ سندس هڪ مشهور پينٽنگ آهي جنهن ۾ پوري ڪائنات کي ان جو خالق پرڪار سان ماپي رهيو آهي، اهو تصور جيڪو سندس پينٽنگ ۾ موجود آهي، اهو پيٿا گورس جي خيال کان کنيل آهي. يونان ۾ جيڪا ٻي اڪيڊمي پيٿا گورس جي اڪيڊمي کان متاثر ٿي ٺهي اها افلاطون جي اڪيڊمي هئي. افلاطون پيٿا گورس کان متاثر ٿي ڪري پنهنجو مڪتب اقاديموس ديوتا جي نالي پٺيان ٺاهيو، ان جي دروازي تي لکيل هو ”منهنجي اڪيڊميءَ ۾ رياضيءَ جي علم کانسواءِ ڪوبه داخل نٿو ٿي سگهي، ديوتا هر وقت جاميٽريڪل ڪم ۾ رڌل آهي“ اهو ڪم افلاطون پيٿا گورس کان متاثر ٿي ڪيو هو. پيٿا گورس جي ڪم مان اسان کي خبر پوي ٿي ته هيءَ ڪائنات جنهن جي اهميت پوءِ بعد ۾ وچئين دور ۾ به ملي ٿي ۽ سر جين جيمز جا مثال ملن ٿا جن فلڪيات جي علم ۾ ڪم ڪيو آهي، اهي سڀ پيٿا گورس کان متاثر هئا. رسل برٽن پنهنجي ڪتاب ”History of Western Philosophy“ ۾ لکي ٿو ته جيڪڏهن پيٿا گورس نه هجي ها ته شايد رياضيءَ جي اهميت به نه هجي ها، افلاطون به نه هجي ها، سينٽ آگسٽين به نه هجي ها. ڇو ته سينٽ آگسٽين ۾ به اهي ساڳيون صوفياڻيون صلاحيتون موجود هيون. عيسائي هڪ لفظ ڪلمو حضرت عيسيٰ سان منسوب ڪن ٿا اهو لفظ به شايد نه هجي ها جيڪڏهن پيٿا گورس نه هجي ها. پيٿا گورس پهريون خيال ڏنو ته هيءَ ڪائنات رياضيءَ جي عددن تي ٺهيل آهي ۽ هر عدد شين کي اظهاري Represent ڪري ٿو. مثال طور: ٻڙي پاڻ هڪ نقطو آهي اهو اظهاري ٿو شين کي، ليڪ جنهن کي اسان سڌو پايون ٿا ۽ جيڪي به شيون ڪائنات ۾ موجود آهن اهي يا ته جاميٽري جي بنياد تي ٺهيل آهن يا رياضيءَ تي ٺهيل آهن. جيئن ٽڪنڊو آهي، ٽڪنڊي ۾ ٽي ليڪون، ٽڪنڊو باهه جي شڪل کي اظهاري ٿو ۽ ٻيا جيڪي آسمان تي گرهه آهن اهي گول شڪل ۾ آهن. گول ۾ جاميٽري به آهي ته رياضي به آهي. ويهين صديءَ ۾ رسل وارن چيو ته هڪ اهڙي ٻولي هجڻ کپي جيڪا هن ڪائنات کي سمجهي. ڇاڪاڻ ته ٻيون ٻوليون محتاج آهن ۽ محدود آهن، اهي آخري سچ کي سمجهي نٿيون سگهن. ڪانٽ چيو ته اڄ سج اڀري ٿو سڀاڻي جيڪڏهن سج اڀري نه اڀري مون کي ان تي شڪ ٿي سگهي ٿو، پر آئون رياضيءَ جي انگن تي ۽ ان جي علم تي شڪ نٿو ڪري سگهان، رياضيءَ جي فلسفي اندر ايتري اهميت آهي. نيوٽن به رياضيءَ تي ڪم ڪيو، پاڻ فلسفي به هو، فزڪس ۾ به ڪم ٿيل اٿس. هن وقت به فلسفي کي سڀني علمن جي ماءُ سڏيو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح سائنس جي ٻولي رياضي آهي، رياضيءَ کانسواءِ ڪائنات جي رازن کي سمجهي نٿو سگهجي، ان ڪري رياضيءَ جو فلسفي سان لاڳاپو تمام گهڻو آهي.
زاهده ابڙو: زندگيءَ ۾ فلسفي متعلق ڪو اهڙو فلسفياڻو سوال توهان جي ذهن ۾ پيدا ٿيو هجي جنهن کي اسين ايئن چئون ته منجهائيندڙ سوال جنهن کي حل ڪرڻ لاءِ توهان فلسفي کي هڪ مضمون جي طور تي چونڊيو.
نويد سنديلو: ٻه ٽي سوال منهنجي ذهن ۾ ننڍپڻ کان بار بار هلندا هئا، هڪڙو ته ماڻهو مرن ڇو ٿا ۽ جيڪڏهن مرن ٿا ته پوءِ ماڻهو چون ٿا ته قيامت جو ڏينهن ٿيندو ۽ حساب ڪتاب جو ڏينهن ٿيندو. ڏسندو هئس ته پکي مري ٿا وڃن يا ڪو اوڙي پاڙي ۾ ماڻهو مري ويو، ٻار جي حيثيت سان اثر ٿيندو هو، پر مان ويٺو ڏسندو ۽ سوچيندو هئس ۽ ٻيو سوال اهو هو ته اسين آهيون ڪير؟ فلسفي جي شروعات به اتان کان ٿئي ٿي. ان جو جواب اڃان تائين ڪنهن وٽ به ڪونهي، مذهب پنهنجي طريقي سان ٻڌايو آهي، سائنس پنهنجي طريقي سان ٻڌايو آهي. ٽيون سوال اهو هو ته هن زندگيءَ کانپوءِ واري زندگي ڪيئن هوندي. ماڻهو ٻڌائيندا هئا ته مستقل هوندي، پر آئون انهن جوابن مان مطمئن نه ٿيندو هئس. ٽيون سوال اهو هو ته هيءَ جيڪا لامحدود ڪائنات آهي، هي چنڊ ستارا، پهرين ته اهي ستارا بلبن وانگر ٻرندا محسوس ٿيندا هئا، پر سائنس پڙهڻ کانپوءِ انهن جي حقيقت جي خبر پئي. ذهن ۾ اهو خيال اڀرندو هو ته هن ڪائنات کي ٺاهيو ڪنهن آهي ۽ پوءِ وري سوال اٿندو هو ته ان ٺاهيندڙ کي ڪنهن ٺاهيو آهي ۽ اسين ٻار هڪٻئي ۾ ويهي ان قسم جا هڪٻئي کان سوال ڪندا هئاسين. چوٿون سوال اهو ذهن ۾ اڀرندو هيءَ سڄي ڪائنات ڪٿان ٺهي آهي، اهو به فلسفي جو بنيادي سفر آهي. جڏهن آئون ڪتاب پڙهڻ لڳس ۽ ڪجهه فلسفين جون آتم ڪٿائون پڙهيم، رايا ۽ نظريا پڙهيا ته پوءِ ڪجهه حد تائين اطمينان ٿيو ته اهي ڳالهيون حقيقت ۾ هينئن آهن. ٿيلس جي فلسفي کي پڙهيوسين جنهن جو چوڻ آهي ته هيءَ ڪائنات پاڻيءَ جي ٺهيل آهي، خدا جي ڳالهه ته اتي ٿي ڪونه، اتي ٻي ڪا هستي ته آهي ڪونه، پاڻي ڏسون ٿا پيئون پيا، پوءِ مون سمجهيو ته هن فلسفي خود اهو دليل ڏنو آهي. وري ٻئي ڪنهن فلسفي کي پڙهيم ان چيو ته ڪائنات هوا جي ٺهيل آهي، وري ڪنهن فلسفي چيو ته مٽيءَ جي ٺهيل آهي، وري ڪنهن فلسفي چيو ته هڪ لامحدود مادو آهي، جنهن جو نالو Apeiron آهي. خاص ڪري پارمينس ان جي ڳالهه ڪئي آهي. اناڪسيمينڊر، اناڪسيمينس مختلف تصور ڏنا. وري سائنس پڙهيسين ته ان چيو ته ڪائنات ائٽم جي ٺهيل آهي. لسيپس ۽ ڊيماڪيسس چيو ته ڪائنات مادي جي ٺهيل آهي ۽ سائنس به اها ئي ڳالهه ڪئي ۽ مادو ئي ڪائنات جو خالق آهي جنهن کي مارڪسزم ۾ به پڙهيوسين. جيئن جيئن پڙهندا وياسين ته مختلف تصور جيڪي ڏنل آهن انهن جي باري ۾ علم حاصل ٿيو. جيئن جيئن فلسفي کي ماڻهو پڙهي ٿو تيئن تيئن گهرائي ۾ هليو ٿو وڃي، هي تمام اونهو سمنڊ آهي، پر ڊائلاٽڪس خاص ڪري هيگل يا مارڪس جو يا سائنس ۾ خود نيوٽن جو مڪينيڪل لا آهي. اهو مون فزڪس جي اندر ڏٺو ته هيءَ ڪائنات هڪ مڪانيڪي انداز سان مشين وانگر ڪم ڪري رهي آهي، جنهن جو اثر ڊيڪارٽ تي به پيو. جيئن هڪ گهڙيال ۾ ننڍي وڏي ۽ وچئين سوئي مختلف وقت ڏيکاري ٿي ايئن ڪائنات ۾ به خدا پروگرام وجهي ڇڏيو آهي جيئن گهڙي ساز گهڙيال ۾ پنهنجو پروگرام وجهي ڇڏيندو آهي ۽ گهڙي پئي هلندي آهي ايئن ڪائنات به هلي پئي. اهو تصور نيوٽن ڏنو ۽ جڏهن وري مون آئنسٽائن کي پڙهيو جنهن جو ٿورو خدا تي به يقين آهي اهو به ساڳي ڳالهه ٿو ڪري. گيليلو جو جيڪو ٽيليسڪوپ وارو دور آهي يا ڪوپرنيڪس جو دور فلڪيات اندر هڪ تبديليءَ وارو دور آهي. پهرين اهو تصور ڪيو ويندو هو ته ڌرتي مرڪز آهي ۽ ڪائنات ڍڳي جي سنڱ تي بيٺي آهي ۽ چوندا هئا ته ڌرتيءَ جي هيٺان پاڻي آهي. جڏهن فلاسافي پڙهي سين ته خبر پئي ته ڌرتي خود بال وانگر خلا ۾ ڦري پئي، ان سان سوچ جا زاويا تبديل ٿيا ۽ اها تبديلي ڪتابن جي پڙهڻ سان آئي. گهڻو ڪري سائنس پڙهڻ کانپوءِ اها تبديلي آئي. ادب يا شاعري پڙهڻ سان اها تبديلي ڪونه آئي. ڇو ته ان ۾ سماج جا اولڙا ۽ عڪس آهن. جيڪڏهن ڪو مذهب جو عقيدو رکڻ وارو آهي ته اهو ان حساب سان لکي ٿو ۽ جيڪڏهن ڪو ملحد آهي ته ان زاويي سان لکي ٿو. جڏهن سائنس ايجاد ٿي ته شاعري وٽ اها ٻولي ئي ڪانه هئي جيڪا فزڪس جي قانونن کي بيان ڪري سگهي يا رياضي جي فارمولي کي سمجهي سگهي يا فلاسافي جا منطقي ۽ تنقيدي تجزيه ڪري سگهي، جيڪي فلاسافي وٽ آهن اهي شاعر وٽ ناهن ۽ مون کي محسوس ٿيو ته اهي سڀ شيون فلسفي ۾ آهن. مون کي فلسفو وڌيڪ سحر انگيز لڳو. ادب به يقينن پنهنجي حد تائين آهي، پر مون کي هن ۾ وڌيڪ گهرائي نظر آئي.
زاهده ابڙو: اسان کي اهو ٻڌايو ته جيئن مذهب ۾ مختلف مڪتبهءِ فڪر آهن ڇا فلسفي ۾ به ايئن مختلف مڪتبهءِ فڪر آهن؟ جيڪڏهن آهن ته توهان ڪنهن کان متاثر آهيو.
نويد سنديلو: جي ها، فلسفي ۾ تمام گهڻا مڪتبهءِ فڪر موجود آهن. شروع ۾ ته ٿلهي ليکي ٻه فڪر سڄي دنيا ۾ موجود آهن. هڪڙا آهن خيال پرست ٻيا آهن مادي پرست. هڪڙا چون ٿا ته هيءَ ڪائنات ڪنهن ديوتا ٺاهي آهي ۽ اهو ئي سپر پاور آهي جنهن جو نالو الله آهي، ديوتا آهي، گاڊ آهي. مطلب ته ڪا اهڙي هستي آهي جنهن هن کي ٺاهيو آهي ۽ اها هستي پاڻ مادو ناهي. جنهن ۾ افلاطون به اچي وڃي ٿو، جن کي اسان ريشنلسٽ چئون ٿا جيڪي عقليت جي بنياد تي خيال جي دنيا کي پرکين ٿا، جيئن افلاطون چوي ٿو ته هڪ ٻي اهڙي دنيا آهي جيڪا اڻ مٽ آهي، اصل آهي، لافاني آهي هيءَ دنيا ان جي ڪاپي آهي. اهو ئي تصور مذهب ۾ رهيو آهي. مذهب به اها ئي ڳالهه ڪري ٿو ته خدا اڻ مٽ آهي، ڪائنات پئي تبديل ٿئي، ماڻهو مرن ٿا فنا ٿين ٿا ۽ ان کي ٺاهيندڙ ڪا هستي آهي. اهو خيال پرستي جي ذمري ۾ اچي ٿو ۽ سڀ مذهب ان پاسي بيٺل آهن. ٻئي پاسي سائنس بيٺي آهي، منطق بيٺو آهي، دليل بيٺو آهي، بحث ۽ تجربو بيٺو آهي، سڄي سائنس ان تي بيٺل آهي خاص ڪري فرانسس بيڪن، ارسطو، ڪارل مارڪس، هيگل بيٺل آهن.
مادي پرست چون ٿا ته ڪائنات جو جوهر اهو مادو خود پاڻ ئي آهي جيئن چئون ته خدا خود پاڻ کي پاڻ پيدا ڪيو، سبب پاڻ آهي، پر هن ڪائنات جو سبب اهو آهي. هن پاسي جيڪي مادي پرست آهن جنهن ۾ سائنس به اچي ٿي وڃي، ڪميونزم به اچي ٿو وڃي، سوشلزم به اچي ٿو وڃي، ڊائلاٽڪس جو سڄو بحث مباحثو آهي، فرانسس بيڪن ۽ جان لاڪ تائين اهو چون ٿا ته اها مادي واري دنيا ئي حقيقت آهي ۽ مادي ۾ ائٽم آهي ۽ ڪائنات ۾ جيڪو سڄو ڪم ٿئي پيو اهو حرڪت (Motion) جي ذريعي ئي آهي. ارسطو چيو ته مادي جو بنيادي جوهر حرڪت آهي. جڏهن حرڪت جو تصور مادي سان گڏ آهي ته مادو حرڪت کانسواءِ ٿي ئي نٿو سگهي يعني اها حرڪت سڄي ڪائنات ۾ موجود آهي. مان به ان فڪر جو آهيان ۽ مارڪسسٽ آهيان ۽ هيگل جي ڊائلاٽڪس کي مڃيندو آهيان. هيراڪليٽس به ان جا ڪلاسيڪل بنياد رکيا هئا. ان کي توڙ تائين پهچائڻ ۾ وڏو هٿ هيگل جو آهي جنهن کان ڪارل مارڪس متاثر هو. هيگل جو فلاسافيڪل تصور تاريخ ۾ موجود آهي جيڪو چوي ٿو ته ڪو روح (sprit) آهي، جيڪو ڊائلاٽيڪل انداز سان ڪم (manifest) ٿو ڪري قومن ۾، تهذيبن ۾، فطرت ۾، ماڻهن ۾، ادارن جي اندر. جيڪڏهن اسان موهن جي دڙي کي ڏسون ته واقعي به اسان کي خبر پوي ٿي ته اهو هڪڙو تاريخي عمل آهي جيڪي به دنيا ۾ تهذيبون آيون آهن جيڪي علم انسان ڏنا آهن، اهو اسپرٽ جو نتيجو آهي. ظاهري ڳالهه آهي ته انسان جو شعور وڌيو. مارڪس جو چوڻ اهو آهي ته جڏهن انسان اوزار ٺاهيا ته تاريخ جي اندر اهو جيڪو انسان جو ڪم آهي ان ليبر انسان کي تخليق ڪيو. اهو فڪر خيال پرستي کان وڌيڪ طاقتور آهي ان ۾ سائنس تمام گهڻو اڳتي وکون وڌايون آهن ۽ انسان کي روشن خيالي ڏني آهي. جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته انسان کي روشن خيالي نه ملي ها ۽ انسان شعوري طور سگهارو نه بڻجي ها. مون کي ان ڪري فلسفي جي هن مڪتبهءِ فڪر تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي. ٻي ڳالهه ته مڪتبهءِ فڪر مختلف رهيا آهن. مثال طور: ڪلاسيڪل دور آهي، قديم دور آهي ان ۾ هيراڪليٽس آهي جيڪو ڊائلاٽڪس کي ڏسي ٿو، ٻيا وري پارميننٽس آهن جيڪي مستقل تسلسل جا قائل آهن جن جو خيال آهي ته ڪائنات ۾ هڪ مستقل هستي آهي ۽ هنن وٽ اهو تصور ئي ناهي ته اها تبديل ٿيندي هجي. ٻئي پاسي هيراڪليٽس چوي ٿو ته تبديلي ئي سڀ ڪجهه آهي. هن مطابق تبديلي مستقل آهي. ٻيو هڪڙو ڪانٽ جو مڪتبهءِ فڪر آهي، ڪانٽ جا پيروڪار آهن، جن ڪائنات کي آئيڊيل ازم ۾ ڏٺو. ٻيو هيگل جو اسڪول آف ٿاٽ آهي، ٻيا شوپنهار وارا آهن جيڪي پئسيمسٽ آهن. ان کان علاوه ٻيا وري پراگميٽزم وارا آهن جنهن ۾ خاص ڪري آمريڪا ۾ وليم جيمز آهي، جان ڊوئي آهي، جنهن تعليم تي تمام گهڻو ڪم ڪيو. پوليٽيڪل فلاسافي ۾ مارڪسزم جي اثر هيٺ رهيا آهن. ٻيو وجوديت جي فلاسافي آهي، جنهن ۾ هيڊيگر، سورئن ڪرڪيگارڊ، سارتر آهي، البرٽ ڪاميو آهي، جنهن ادب ۾ ڪم ڪيو ناول لکيا، وجوديت جو هڪڙو اثر آهي جنهن ۾ انفرادي آزادي جي ڳالهه آهي اهي مختلف مڪتبهءِ فڪر آهن. هاڻي پوسٽ اسٽرڪچرل ازم جو دور پيو هلي جيڪو سختيات جو دور آهي يا ڪالونيل فلاسافي آهي. هڪڙي پوسٽ ڪالونيل فلاسافي آهي. جيئن جيئن وقت گذرندو ويو فلسفو هماگير ٿيندو ويو، فلسفو هڪڙي وڻ وانگر هو جيئن سڀني علمن جي ماءُ هو پوءِ ان جون شاخون نڪتيون ميٽافزڪس، ايٿڪس، پوليٽيڪس، ايسٿٽڪ، لاجڪ. اهي ان جو بنيادي ڌيئون آهن جن وري اڳتي هلي ٻين علمن کي جنم ڏنو. ميٽافزڪس مان فزڪس ۽ ڪيميسٽري پيدا ٿيون. پوءِ وري نيچرل سائنسز الڳ ٿيون اهڙيءَ طرح فلسفي اندر پوليٽيڪل فلاسافي آهي وري ان ۾ الڳ مڪتبهءِ فڪر آهن. مثال: هڪڙا نيو لبرلسٽ آهن، هڪڙا لبرلسٽ آهن، هڪڙا Impressest آهن جن کي تجريدي فلسفي چئجي ٿو. هڪڙا ريشنلسٽ آهن جنهن ۾ ڊيڪارٽ، اسپينوزا ۽ ٻيا اچن ٿا. هن دور ۾ هڪڙا وري اينالاٽيڪل فلسفي آهن، هڪڙا جرمن فلسفي آهن جيڪي آئيڊيلسٽ به آهن ۽ انهن ۾ هيومنزم جو تمام گهڻو تصور موجود آهي. انهن جي اندر اسان کي ڪانٽينينٽل تصور جيڪو فرينچ ۽ جرمن اسڪول آف ٿاٽ جو ڪامبينيشن ملي ٿو. هڪڙا تنقيدي فلسفي آهن جن ۾ خاص ڪري مارڪس جا پوئلڳ آهن. ان کان علاوه گرامچي آهي، ڪيترا فلسفي آهن ڪيترن جا نالا کڻجن.
زاهده ابڙو: فلسفي جي هڪ استاد ۽ هڪ شاگرد جي حيثيت سان اهو ٻڌايو ته فلسفي ۾ مغرب ۾ وڌيڪ ڪم ٿيو آهي يا مسلم ورلڊ ۾ به فلسفي ۾ ڪم ٿيو آهي. هن وقت جيڪڏهن اسان پنهنجي ملڪ ۾ ڏسون ته فلاسافي کي گهڻو پسند نٿو ڪيو وڃي بلڪه ان تي ڪنهن حد تائين بندش وجهڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي وڃي. ان جا ڪهڙا سبب آهن؟
نويد سنديلو: هي تمام بنيادي سوال به آهي ۽ اڄڪلهه جي دور ۽ اسان جي سماج سان ٺهڪندڙ به آهي. مغرب ۾ ۽ وري خاص طور تي يورپ ۾ فلسفي تي تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي. هڪڙي شيءِ مان واضح ڪندو هلان ته خاص ڪري اسان جو سنڌ ۽ هندستان يا اورينٽل ٿاٽ خاص ڪري چين ۽ جاپان جي فلاسافي به تمام گهڻي پراڻي آهي لڳ ڀڳ ٽي هزار سال پراڻي آهي جڏهن يونان اڃان پيدا ئي ڪونه ٿيو هو ته اسان وٽ فلاسافي موجود هئي. رگويد اسان وٽ تمام پراڻا ڪتاب آهن جيڪي سنڌوءَ جي ڪناري تي ويهي لکيا ويا ۽ سڀ کان وڏو الميو اهو آهي ته رگويد جهڙو وڏو ڪتاب جنهن ۾ فلسفي واري زاويي کان مختلف ماڻهن ويهي لکيو هو ۽ تاريخ ۾ به ان جو ذڪر آهي ته اهي سنڌوءَ جي ڪناري ويهي لکيا ويا، پر اسان جا سنڌي ادب جا دانشور، پروفيسر ۽ تاريخدان ڊاڪٽر بلوچ جهڙن ماڻهن به انهن رگويدن جو ذڪر ئي نه ڪيو آهي ته اهي به اسان جي ادب جو حصو آهن. مها ڀارت به اسان جي ادب جو حصو آهي، رامائڻ به اسان جي سنڌي ادب جو حصو آهي جيڪي توهان جون پراڻيون غارن ۾ هٿ جون تصويرون ٺهيل آهن اهي به اسان جي تاريخ ۽ ڪلچر جو حصو آهن. اسان جي تخليق جو حصو آهن. هڪڙي آمريڪن عورت سوسن ڪيلنگر جنهن جو وڏو ڪم آهي ۽ سندس ڪم علامت نگاري تي آهي. هن چيو ته اها وڏي چُڪ آهي ته غارن ۾ ٺهيل تصويرن کي تقريبن سڄي دنيا ۾ ماڻهن مذهب سان ڳنڍيو آهي، پر سوسن جو چوڻ آهي ته اهو انسان جو آرٽ آهي تخليق آهي. جڏهن ٻيڙائتا ٻيڙين ۾ ويندا هئا ۽ جڏهن اهي هڪٻئي کي سڏ ڪندا هئا ۽ هوا ۾ جيڪا پنن جي کڙ کڙ ٿيندي هئي ۽ پاڻيءَ جي لهرن تي جيڪو آواز اڀرندو هو اهو خود ان وقت مذهب نه پر آرٽ هو. ڇو ته ماڻهن پنهنجو پاڻ کي اظهاريو. اڃان جڏهن ڪي به سازن جا اوزار پيدا نه ٿيا هئا، جڏهن بانسري يا بورينڊو پيدا نه ٿيو هو ته انسان ايئن ئي فطرت ۾ جهونگاريندو هو جيڪا هڪ نئين شيءِ هئي. هندستان جي اندر فلسفو رهيو آهي، مغرب ۾ ان تي تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي، ان تي تنقيدي ڪم وڌيڪ ٿيو آهي. يونان جو علم عيسائيت اچڻ جي ڪري يورپ ۾ ختم ٿي ويو هو ته اهو علم ان وقت عرب دنيا ۾ منتقل ٿي رهيو هو. جنهن کي مسلم فلاسافي جو نالو ڏيون ٿا جنهن ۾ ابن رشد، ابن عربي، ابن فارابي جا نالا اچن ٿا. انهن سڀني سائنس ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو. يورپ ۾ جڏهن اونداهي واري دور جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي اها به هڪڙي ڀُل آهي ته ڇا ان وقت يورپ ۾ ڪم نه ٿي سگهيو هو. بلڪل ان وقت به ڪم ٿي رهيو هو. ان وقت اسڪولسٽڪ فلاسافي ۾ سڄو يورپ وچئين دور ۾ ذرخيز آهي. ان ۾ سينٽ آگسٽائن به ملندو، عقيناس به ملندو. ان وقت تصور ته ريشنلٽي جو هو، هڪ جرمن فلاسافر Stephen Zoech نالي رائيٽر هو جنهن هڪ ڪتاب ”Capton and Cologne“ لکيو هو جنهن ۾ عقيدي ۽ دليل جو پاڻ ۾ بحث مباحثو ٿيل آهي. مون ڏٺو ته جويو صاحب فڪر جي آزاديءَ جي نالي سان ان ڪتاب کي ترجمو ڪيو ۽ هن سڄي مڊيول دور جي ڪالونيل ازم واري دور کي پيش ڪيو آهي. مغرب ۾ فلسفو ختم ٿي رهيو هو ۽ عرب دنيا ۾ زور وٺي رهيو هو. ارسطو جا ڪتاب انهن عربي ۾ ترجمو ڪيا، ايتري تائين جو انهن تي مقدمه به لکيا ۽ جيڪي ترجما ڪيائون اهي به پنهنجي نالي سان ڇپرايائون. انهن ۾ ارسطو جو نالو ئي نه هو ته اهو ان جو لکيل آهي. افلاطون جو ڪم به اتي موجود هو. جڏهن انسان جي جيو سينٽرڪ کانheliocentric ڏانهن شفٽنگ ٿي جنهن ۾ تصور آيو ته ڌرتي ڪائنات جو مرڪز ناهي، ماڻهو ڌرتيءَ تي رهن ٿا، سج مرڪز آهي ڌرتي مرڪز ناهي. ان وقت يورپ ۾ ڪوپن نيڪر هڪ ترقي جو دور کڻي آيو ان جو نالو رکيائون ته اها سائنس جيڪا مري چڪي هئي ان ٻيهر ساهه کنيو آهي. يعني ان جو ٻيهر جنم ٿيو آهي. جيڪو عربن جو علم لاطيني ۾ ٽرانسفر ٿيو هو، اهو ئي ساڳيو ڪم هو جيڪو يونانين ڪيو، پر عيسائيت جي اچڻ ڪري انهن تي پابندي مڙهيل هئي. ان دور ۾ فلڪيات ۽ رياضيءَ جي سڪندريه ۾ هڪ وڏي قابل استاد هئي جنهن جو نالو هيپشيه هو. ان جو پيءُ به رياضيدان هو، ان کي عيسائين ٻاون پڪڙي برهنه ڪيو، ان کي سزا ڏيئي باهه ۾ جيئرو ساڙيو ويو. ان جو تمام وڏو ڪم هو ٽالمي جي نالي جيڪو ڪم ٿيل آهي اهو ان عورت جو ٿيل هو. عيسائي ٻاون جيڪو منطق سان ظلم ڪيو اهو اسان وٽ ايتري قدر نه ٿيو. صليبي جنگيون انهن جون مشهور آهن. عربن جي اندر ڪم ٿيندو رهيو آهي. هينئر به جيڪا روائيول ازم جي ڳالهه ڪئي پئي وئي انهن ۾ ابن تيميه آهي، غزالي به انهن جو پوئلڳ هو، علامه اقبال به هو. علامه اقبال شاعري جي اندر ته ان جا جوهر ڏيکاريا آهن ۽ انگريزي جي ڪتابن ۾ به ڏيکاريا اٿس، پر حقيقي زندگيءَ ۾ هو ڪنزرويٽو هو ترقي پسند نه هو. مولانا حالي ۽ علامه اقبال عورتن جي تعليم جي خلاف هئا، انهن جو خيال هو ته عورتن جي تعليم ايئن آهي جيئن ڇوڪري پنهنجي شاديءَ تي پاڻ ناچ ڪري. سندس شعر آهي:
جس زر سي بني زن نازن
هي تعليم جو زيور پائي عورت نازن ٿي بڻجي عورت نٿي رهي اها سندس سوچ هئي، اهو سندس سوچ جو منفي پهلو آهي جنهن تي ڪنهن روشني ناهي وڌي. ترڪي جي هڪ شاعر ضياءُ غوخيل کان متاثر هو جيڪو ترڪيءَ جو هڪ وڏو شاعر هو ۽ ترقي پسند هو. هن عورتن جي تعليم ۽ آزاديءَ جي ڳالهه ڪئي آهي اهو ماڊل ته اقبال هتي کڻي آيو ۽ ڳالهه ڪيائين ته اسين به هن ماڊل تحت ڪم ڪنداسين، پر اڳتي هلي ڊڄي ويو يا خوف کائي ويو ۽ پير کڻي ويو. پوءِ روائيول ازم ۾ جيڪو ابن تيميه ۽ غزاليءَ جو آهي اهي سڀ خود اسان وٽ هينئر اسلام جو جيڪو نعرو آهي ۽ ان تحت جيڪو فلسفي کي تمام گهڻو ڊارڪ ڪري ڇڏيو ويو آهي ان تي هينئر هڪڙو ٻيو ڪتاب ڇپيو آهي تازو اهو آهي Arab Reason جيڪو ٻن جلدن ۾ آهي ان ڪتاب تي تمام وڏو ڪم ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ مارڪسسٽ فلاسافيءَ تي اتي تمام گهڻو ڪم ٿئي پيو، ترڪيءَ ۾، مصر اندر. انهن روائيول ازم جي خلاف لکيو آهي، انهن هرميونيٽڪس جي ڪانٽيڪسٽ ۾ لکيو آهي ۽ ان کي ٻيهر نئين طريقي سان بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهن اقبال تي به تنقيد ڪئي آهي ته انهن ماڻهن جي ڪري عرب دنيا تي دقيانوسي ڇانئجي وئي. روائيول ازم اهڙي شيءِ کي چئبو آهي جيڪا مري وئي هجي ۽ ان کي ٻيهر جيارڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. اهڙي گرامر ٺاهي وئي، اهڙي ٻولي ٺاهي جن سماج کي نون تصورن ڏانهن وٺي وڃڻ يا سائنس کي ڀليڪار ڪرڻ جنهن سان انسان ترقي ڪئي آهي ان کي ڄڻ روڪيو. الجابري Arab Reason نالي ڪتاب لکيو آهي. هينئر ٻيا به مسلمان عرب فلسفي ڪم ڪري رهيا آهن، پر جيئن ته اسان وٽ انهن جا ترجما نه پيا ٿين جنهن جا مختلف سبب ٿي سگهن ٿا. انگريزيءَ ۾ ته هڪ ٻه ٿيا آهن، رسل برٽن کانسواءِ ٻين سڀني فلسفين اها دعويٰ ڪئي آهي ته اسان جو فلسفو هاڻي اهڙن عربي ڪتابن جو جيڪڏهن انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيندو ته انهن جي دعويٰ به غلط ثابت ٿيندي. جيڪڏهن يونان جي ديوتائن کي ڏسجي ته خبر ٿي پوي ته انهن جا ديوتا به پنهنجا ڪونه آهن. يونان ۽ ويسٽ جي نالي اسان کي جيڪو فلسفو ملي ٿو اهو ته خود ايشيا مائينر جو هو. هومر به ايشيا مائينر جو هو، جيڪي هنن سڀ پنهنجي کاتي ۾ کنيا آهن. جڏهن ته مون ٻڌايو ته ٽي هزار سال قبل مسيح اسان وٽ فلسفو موجود هو. چارواڪ اوهان کي ملندا جن ائٽمن جي ڳالهه ڪئي آهي. اسين چئون ٿا ته اهو ڪم يونانين ڪيو ته اها پنهنجو پاڻ سان نا انصافي آهي. اسان کي پنهنجو ماضيءَ جي ورثي کي جيڪو اورينٽل ورثو آهي ان کي به سمجهڻ گهرجي، ان کي به پنهنجو سمجهون ۽ عرب دنيا ۾ جيڪو فلسفي ۾ ڪم ٿيو آهي جنهن ۾ دليل جي بنياد تي يا سائنس ۾ جيڪو ڪم ٿيو آهي يا هينئر الجابري جيڪو ڪم ڪيو آهي ۽ جيڪي مارڪسي پيدا ٿيا آهن جن جو تمام وڏو حصو آهي. ابن رشد، ابن فارابي انهن جو سائنس ۾ ۽ فلسفي ۾ خوارزمي جو فلڪيات ۾ ڪم ٿيل آهي. جيئن ته يورپ پنهنجو پاڻ کي مهذب ۽ معتبر ڏيکارڻ چاهي ٿو. اڄ به يورپ جا ماڻهو پنهنجو پاڻ کي انسان سمجهن ٿا باقي سڄي دنيا کي ۽ خاص ڪري آفريقا جي ماڻهن کي انسان ئي نٿا سمجهن.Frantz Fanon پنهنجي ڪتابThe Wretched of the Earth ۾ پورو ڊسڪورس کڻي آيو آهي ته يورپ جي ماڻهن ڪارن سان ڇا ڇا نه ڪيو. ايئن سڄو ڪالونيل دور يا پوسٽ ڪالونيل دور بابتEdward Wadie Said يا Homi K. Bhabha ان تي لکيو آهي. ان کان علاوهGayatri Chakravorty Spivak عورتن جي حوالي سان لکيو آهي. اهي انڊيا جا تمام وڏا دانشور آهن ته انهن کي به ڏسجي ته انهن ڪافي ڪم ڪيو آهي.
زاهده ابڙو: توهان جي چوڻ مطابق فلسفي دنيا ۾ تمام وڏي تبديلي پيدا ڪئي آهي ۽ ان جو اصل بنياد اسان جي ايشيائي ملڪن ۾ پيل آهي ۽ فلسفو زندگيءَ جي هر شيءِ جو احاطو به ڪري ٿو، پر انسان کي اڃان تائين فلسفو امن نه سيکاري سگهيو آهي. تازو جيڪڏهن يوڪرين ۽ روس جي جنگ واري صورتحال کي ڏسجي ٿو ته انسان زندگيءَ کي امن واري سبق ڏانهن يا خوبصورتي سان جيئڻ واري احساس ڏانهن کڻي وڃڻ ڇو نه سکي سگهيو آهي.
نويد سنديلو: توهان جي سوال جي جواب ۾ مون کي مرزا غالب جي شعر جي هڪ سٽ ٿي ياد اچي:
آدمي ڪو ڀي ميسر نهين انسان هونا.
ماڻهو لاءِ اهو ڏاڍو ڏکيو آهي ته هو انسان ٿئي هن جون جيڪي هيومن فيڪلٽيز آهن، انسان جيڪو جانور نما انسان هو ۽ انهن حالتن مان پار پئي پوءِ وري انسان جي صورت ۾ آيو. اسان انساني فيڪلٽيز کي جنهن زاويي سان ڏسون ٿا يا جنهن ۾ ان کي هجڻ گهرجي ته هو سپر مين ڪيئن ٿيندو، صالح ۽ شريف النفس ڪيئن ٿيندو. اسان وٽ جيڪو هينئر يوڪرين ۽ رشيا جو مسئلو هلي پيو ان ۾ سڀ کان وڏو مسئلو ئي اهو آهي ته جيڪڏهن انسان ۾ انسانپڻو ناهي جيئن صوفي چون ٿا ۽ صوفي ازم جو پهريون ڏاڪو ئي انسانيت آهي. ان ۾ پنهنجي انا کي ختم ڪرڻو آهي، ان کانپوءِ توهان انسانيت کي حاصل ڪريو ٿا. جيئن سياسي قسم جا مفاد آهن، انفرادي مفاد آهن اهي مسئلو پيدا ڪن ٿا. مارڪس جيڪو فڪر ڏنو هو ان ۾ ته سڄي انسانيت جو ڇوٽڪارو هو، انسان کي آزاد ڪرڻو هو، بني آدم کي خوشحالي ڏيڻي هئي، امن ڏيڻو هو. امن کانسواءِ اهو ممڪن ئي ڪونهي ته دنيا جنت ٿئي. شيخ اياز چوي ٿو ته:
دنيا جنت ٿيڻي ئي نه آ
پوءِ به دوزخ تي ڦٽڪار
خاص ڪري جيڪو فتنو ۽ فساد جن ماڻهن پيدا ڪيو آهي اهي سياسي ماڻهو آهن. انهن جي سوچ جي اندر انسانيت جي لاءِ اها محبت موجود ئي ناهي ۽ سڀني جي لاءِ خوشحالي وارو تصور موجود ئي ڪونهي. انهن وٽ صرف اقتدار جو حصول ۽ طاقت جو حصول سڀ ڪجهه آهي. اها هڪڙي راند آهي جيڪا انسان ذات سان کيڏي وڃي ٿي. ڌرتيءَ تي جيڪي سرحدون آهن اها به خود انهن جي نالائقي آهي. روسو جهڙو ماڻهو جيڪو رومانٽڪ به هو ۽ فلسفي به هو ان کي اهو چوڻو پيو ته جڏهن کان وٺي خانگي ملڪيت جو تصور پيو تڏهن کان وٺي هي فتنو ۽ فساد شروع ٿيو نه ته اعليٰ قسم جو جهنگلي ماڻهو جيڪو اڃان مهذب ڪونه ٿيو هو اڃان جهنگلي ئي هو جيڪو وڻ جي هيٺان ويهندو هو پاڻي پيئندو هو، پر اعليٰ هو ۽ محدود وسيلن تي خوش هو. هن وقت ڏسو ته افغانستان سان ڇا ٿيو ويجهڙ ماضيءَ ۾ عراق سان ڇا ٿيو. جيڪي سرمائيدار ملڪ آهن انهن جو اهو ئي مقصد آهي ته اسين خوشحال هجون ۽ اسان وٽ طاقت هجي باقي ٻي انسان ذات کي ڪيئن غلام ٿا بڻايون. اهي جيڪي نوان نظريا دنيا ۾ متعارف ٿيا جيئن نيو لبرل ازم، گلوبلائيزيشن، نيو ورلڊ آرڊر، پوسٽ مارڊرن نظريه. جديديت جي اندر ته اسان کي نوان نظريه ملن ٿا، پر جديديت پڄاڻان ته اسان کي سرمائيدار ٿو ملي، اسان کي مارڪيٽ اوريئنٽيڊ ڪنزيومر ٿو ملي جيڪو روز پنهنجي فرنيچر کي مٽائي ٿو، موبائل مٽائي ٿو. ماڻهن کي اهو ڏٽو ڏنو ويو ته نيو ورلڊ آرڊر ايندو ۽ دنيا خوشحال ٿي ويندي. توهان کي ان جي صورت ۾ افغانستان واري جنگي صورتحال ملندي، ٻارن جا، عورتن جا لاش ملندا. فلسطين جي اندر، وچ اوڀر جي اندر جيڪا سڄي صورتحال آهي ان ۾ آمريڪا يوڪرين کي استعمال ڪندو رهيو. ضياءُ جي دور ۾ پاڪستان به استعمال ٿيندو رهيو، مجاهدين پيدا ٿيا، جن ملڪ جو حُليو بدلائي ڇڏيو. هن تازي يوڪرين واري صورتحال ۾ روس کي ايئن نه ڪرڻ گهرجي ڇو ته اتي به معصوم ماڻهو مرن ٿا. USSR ٽُٽو ۽ رياستن آزادي ورتي. مون جيئن ڳالهه ڪئي ته ماڻهو اڃان ان بربريت واري صورتحال مان ٻاهر ناهي نڪتو. انسان جي جيڪا وحشت واري جبلت آهي ان مان هو اڃان تائين ڇوٽڪارو حاصل ناهي ڪري سگهيو. جنهن فلسفي جو بنياد ڪانٽ، روسو ۽ والٽيئر رکيو جنهن جي اندر ته سڄي دنيا ۾ انسانيت لاءِ امن هجي ان جا اولڙا ته اسان کي ڪٿي ڪٿي نظر اچن ٿا، پر اڃان تائين سياسي جانورن مان اسان جي جند نه ڇٽي آهي.
زاهده ابڙو: توهان جي جواب مان ئي هڪڙو سوال منهنجي ذهن ۾ اڀريو آهي ته جيڪڏهن اسين ماڻهو کي انسان ٺاهڻ ٿا چاهيون ته اسان کي دنيا جي سڀني اسڪولن ۾ ٻارن جي شروعاتي تعليم لاءِ ڪهڙو نصاب پڙهائڻو پوندو يا ان ۾ ڪهڙا فلسفي جا بنيادي اصول پڙهائڻ گهرجن جنهن سان ماڻهو جي اندر انسانيت اجاڳر ٿي سگهي.
نويد سنديلو: بنيادي طور تي سڄي دنيا ۾ جيڪي نصاب ترتيب ڏنا ويا آهن يا جيڪي اسڪول آهن ٻارن جا خاص طور تي، Wordsworth چوي ٿو ”ٻار انسان جو پيءُ آهي“ ٻار انسان جو پيءُ ڪيئن ٿو ٿئي. جيڪا ٻار جي ننڍپڻ ۾ پرورش ٿئي ٿي اهو ئي هو ٿيندو، اهو ئي ڪم ڪندو ۽ اها ئي سوچ عملي طور تي لاڳو ڪندو. هن وقت يورپ ۽ مغرب جي تعليم ۾ ته ڪافي سڌارو اچي چڪو آهي. سائنس پڙهن ٿا، پر اسان وٽ گهڻو ڌيان آهي روايتن تي. خاص طور تي اسان ننڍي ٻار کي اسلاميات پڙهائينداسين هندو هوندو ته ان کي ان جو مذهب پڙهايو ويندو، پوءِ اسان جو هٿرادو هيرا ٺهيل هوندا ۽ هٿرادو ولين ٺهيل هوندا، جنهن سان تعصباڻي تعليم ٻار کي ملي ٿي، جنهن سان ٻار جي ذهن جي واڌ ويجهه ٿيڻ بجاءِ اها ان کي تباهه ڪري ٿي. ٻار کي فطري ماحول مهيا ڪجي، سائنس جو علم ان کي وڌيڪ پڙهائجي، تاريخ غلطين کان پاڪ پڙهائجي. منهنجي خيال ۾ ته ننڍي ٻار کي ننڍي هوندي ته صرف فطرت جو مطالعو ڪرائجي، اهڙو ماحول ڏجي جنهن ۾ پارڪ هجن، اسڪولن ۾ پارڪ آهن ئي ڪونه. اسان وٽ اسڪولن جو تصور جيل وارو آهي. John Dewey جي مطابق ٻن سالن جي ٻار جو ذهن ايترو پختو ٿي وڃي ٿو جو ان کي تعليم به ڏيئي سگهجي ٿي. ڪنڊر گارٽن ۽ مونٽيسري جا تصور جان ڊوئي جي اصولن مطابق ٺاهيا ويا. روسو چوندو هو ته ٻار جڏهن ڏهن يارنهن سالن جو ٿئي جڏهن هو فطرت کان متاثر ٿي پڙهي سمجهي وٺي ان کانپوءِ ان کي اسڪول ۾ ويهاريو نه ته هن جي تخليقي صلاحيت متاثر ٿئي ٿي. سڄي دنيا جي اندر ٻار کي مشين بڻايو وڃي ٿو. جيڪو مائٽ چاهيندا آهن، استاد چاهيندا آهن، جيڪو رياست جو ڍانچو هوندو آهي ۽ ان جو نصاب جڙيل هوندو آهي اهو ٻار جي تخليق کي ڏاڍو منفي طريقي سان متاثر ڪندو آهي. ڇو ته اسان کيس اهو سيکارڻ چاهيندا آهيون جيڪو اسين چاهيندا آهيون. جڏهن ته ٻار پنهنجي طريقي سان لکندو آهي ۽ پنهنجي طريقي سان سوچيندو آهي ۽ پنهنجي ٻوليءَ ۾ پنهنجا خيال تخليق ڪندو آهي. سڄي دنيا جي تعليم مدي خارج آهي ان ۾ ڪا تخليق ڪونهي. جڏهن تخليق نه هوندي ته سماج ۾ ورجاءُ ٿيندو رهندو چاهي اهو مشرق هجي يا مغرب. اسان ٻارن کي اهو ماحول ئي نٿا ڏيون، اسين ٻار کي اها ئي سوچ ڏيون ٿا جيڪا سماج جي آهي. هن وقت اسين سوشل ميڊيا جي ذريعي سمجهون ٿا ته ٻارن کي اسين کان نئين شيءِ ڏيئي رهيا آهيون، پر اصل ۾ ٻار جي صلاحيت تباهه ٿي رهي آهي. اسين ٻار کي تجربو ڪرڻ کان روڪيون ٿا ۽ کيس ٿيوري ڏانهن وٺي ٿا وڃون. جنهن ۾ ٻار صرف رٽيندو ويندو ۽ ان جي ذهن اندر ڪابه شيءِ ڪونه ويندي. اسين ٻار جا پنهنجا لينسز وڌڻ ويجهڻ نٿا ڏيون، ان ڪري ٻارن کي فلسفي جهڙو علم پڙهائجي. اهي شيون ايئن نه هجن جو ٻار سوال ڪري ته استاد چوي ته اهو سوال نه ڪر. سچ ته اهو آهي ته يونيورسٽين تائين اهو حال آهي جو سوال کي استاد پسند نٿا ڪن. اسان جي ابتدائي تعليم ته ڄڻ ختم ٿي چڪي آهي. اسين مغرب کي ڏسون ٿا ته اهي ئي ٻار آهن جيڪي سٺن اسڪولن مان پڙهي به نڪرن ٿا، پر وري پوءِ ساڳيا وڏا ٿي دنيا ۾ تباهي به آڻين ٿا جنگيون به ڪن ٿا. اهو ئي تعليم جو ماڊل آهي جنهن ٽئين دنيا کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، سرمائيڪاري کي وڌايو آهي، اهي ئي انهن جا دانشور آهن، اهي ئي انهن جا ماهر آهن. مون جن دانشورن جا نالا کنيا جن ۾ والٽيئر ۽ روسو به آهن انهن ڪڏهن ٻڙڪ به نه ڪڍي ته ڪارن سان اهو ظلم يورپين ڪيئن ڪيو. جن وڏن فلسفين جا نالا اسين کڻون ٿا جن ۾ رسل برٽن آهي ان به ڪڏهن ان ظلم خلاف نه لکيو ته ڪارن سان ظلم پيو ٿئي پوءِ فينن پاڻ اٿيو ۽ ان ڪارن سان ٿيندڙ ظلم خلاف آواز بلند ڪيو. پنجن صدين تائين ڪارن کي ڪٺو ويو، انهن جي خلاف نفرت ٿيندي رهي، اسڪولن جي اندر، زندگيءَ جي هر شبعي ۾ توهان ناولن ۾ پڙهو، انهن تي ٺهيل فلمون آهن اهي ڏسو. بعد ۾ اهي شيون منظر عام تي آيون سڄو ڪالونيل دور ان سان ڀريل آهي. جڏهن عام ماڻهن جي ڪتابن تائين رسائي ڪونه هئي جنهن ۾ تاريخ جو صرف هڪ پاسو ٻڌايو پئي ويو. فلسفي جي لاءِ به انهن اها دعويٰ ڪئي ته انهن جو آهي، سائنس انهن جي آهي. جڏهن ته سائنس ٻئي هنڌ به موجود هئي، فلسفو ٻئي هنڌ به موجود هو، ٻڙي هندستان جي ايجاد آهي، ٻڙيءَ کانسواءِ رياضيءَ جو تصور ئي نٿو ڪري سگهجي. تعليم جو جيڪو نظام آهي اهو اتي به اهڙو ئي آهي جيڪو رياست چاهي ٿي. اسان وٽ اهڙو ئي آهي جهڙو اسان جي رياست چاهي ٿي. آزاد سوچ جي ڳالهه آهي ئي ڪونه، نصاب جو اسٽرڪچر رياست جا ماڻهو ٺاهين ٿا. انهن کي نه تعليم جي خبر آهي نه نفسيات جي. نصاب ٺاهڻ وقت نفسيات جي ماڻهن کي شامل ڪيو وڃي جنهن ۾ آزاد چونڊ ڪرڻ جي موڪل هجي. جيئن جاپان ۾ ۽ ٻين ڪافي ملڪن ۾ تبديلي اچي چڪي آهي، پر اها اڃان ڪافي ناهي.
زاهده ابڙو: توهان جا ٻه ڪتاب فلسفي تي اچي چڪا آهن هي ڪتاب فلسفي جي تاريخ توهان مڪمل فلسفي جي تاريخ لکي آهي يا ان کي توهان ڪنهن هڪ حصي ۾ پيش ڪيو آهي، ان جا ٻيا حصا به اچڻا آهن يا نه ۽ جيڪا تاريخ توهان هن ۾ لکي آهي اها ڪهڙي تاريخي دور کي پيش ٿي ڪري.
نويد سنديلو: منهنجو هي ڪتاب فلسفي جي تاريخ تقريبن پنجويهن سالن تي محيط آهي. جيئن جيئن مون فلسفو پڙهڻ شروع ڪيو ته منهنجي ذهن ۾ اهو خيال ايندو هو ته سنڌيءَ ۾ هڪڙو اهڙو ڪتاب هجڻ گهرجي ۽ گڏوگڏ انگريزيءَ ۾ به مان فلسفي تي لکان پوءِ مون سنڌيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو جيڪو لڳ ڀڳ سئو صفحن جو ڪتاب 1997ع ۾ گم ٿي ويو. مون ان کي ٻيهر لکڻ شروع ڪيو، مون فلسفي تي 1996ع کان لکڻ شروع ڪيو آهي. جيئن جيئن ڪتاب پڙهندو هئس ته ننڍا ننڍا مضمون لکندو ويندو هئس ۽ اهي مضمون اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا هئا. ان سان گڏوگڏ مون هڪ ڪتاب انگريزيءَ ۾ به لکڻ شروع ڪيو. جيڪو 2004ع ۾ The Wings of Wisdom جي نالي سان ڇپيو هو، جنهن کي نوجوانن ۾ ڪافي پذيرائي ملي. مان شاعري سان گڏوگڏ فلسفي تي پنهنجي ڊائرين ۾ نوٽ لکندو رهندو آهيان ۽ اهڙيون ڊائريون منهنجون سئو کان مٿي آهن. جڏهن 2011ع ۾ يونيورسٽي ۾ فلاسافي ڊپارٽمينٽ کي جوائن ڪيو ته پبلشر سان ڳالهايو جنهن ۾ يوناني ڪلاسيڪل ۽ قديم فلسفو، يوناني ميٿالاجي، مذهب جو ٺهڻ ڪيئن آهي ۽ فلسفو خود ڇا آهي ۽ ڪجهه فلسفين تي به مون لکيو هو اهو ڪتاب 150 صفحن تي مشتمل آهي. مان ماڊرن فلاسافي تي به لکندو رهيو آهيان، وجوديت ۽ ٻين موضوئن تي به مان لکندو رهيو آهيان مون سسٽميٽڪ انداز ۾ چاهيو ته هڪڙو حصو مڪمل ڪجي پوءِ جيڪو ڪتاب 100 صفحن جو هو اهو 400 صفحن جو ٿي ويو، جيڪو 2017ع ۾ مڪمل ڪري ڏنو جنهن کي ٽي سال رڳو ايڊيٽنگ ۽ پروفنگ ۾ لڳي ويا. هي ڪتاب 2021ع ۾ ڇپجي آيو آهي. هن ڪتاب کي مون تنقيدي حوالي سان لکيو آهي، يعني مون هن ۾ تنقيد ڪئي آهي جنهن ۾ افلاطون جي ڪا ڳالهه آئي آهي جو عورتن جي باري ۾ هن ڳالهايو آهي ۽ ٻيو جيئن ته اسان وٽ عام طور تي لکڻ جي ميٿڊ جي ماڻهن کي خبر ناهي جيئن اسان چئون ته ڪانٽ ته ان جو هڪڙو پنهنجو ميٿڊ آهي هڪڙو سسٽم آهي جنهن جي تحت هن لکيو آهي. جيڪڏهن هيگل آهي ته هن جو هڪڙو ڊائليٽيڪل ميٿڊ آهي لکڻ جو ۽ سمجهڻ جو. اها صرف اسان جي سماج جي ٽريجڊي آهي جو اسان کي سسٽم جي يا ميٿڊ جي خبر ڪونهي ته ميٿڊ ڪيئن ٿيندا آهن .تنقيدي ميٿڊ آهي، هرماناٽيڪل ميٿڊ آهي، فنامانيٽيڪل ميٿڊ آهي ريسرچ جي ڪجهه پيراميٽرز کي ڏسجي ته مون ان ڪتاب ۾ خاص طور تي تنقيدي ميٿڊ کي کڻي هن ڪتاب جو جائزو ورتو آهي، اهي ڪتاب جيڪي مستند آهن. خاص طور تي Bhartrihari جنهن جو يوناني فلاسافي تي وڏو ڪم ٿيل آهي، زيلر آهي، جان برنيٽ آهي. ان کان علاوهW.T Stace آهي جنهن جو ڪتاب آهي هسٽري آف ڪرٽيڪل فلاسافي. هن وقت فلسفي جو وڏو زور آهي ڪرٽيڪل ٿنڪنگ ۽ لاجڪ تي. دنيا جي اندر هن تي تمام گهڻو ڪم ٿئي پيو. اسان جي سماج کي جيستائين تنقيدي سوچ نه ڏينداسين تيستائين شين جو تجزيو نه ڪري سگهنداسين. هن ڪتاب جا ٻه واليوم آهن قديم ميٿالاجي، گريڪ جو قديم ۽ ڪلاسيڪل سڄو دور هن ۾ شامل آهي. هن ۾ ڪيترائي حوالا موجود آهن. ان کان علاوه جديد فلاسافي تي مون وٽ ٻه واليوم موجود آهن جيڪي اڃان ڇپيا ناهن، اخبارن ۾ مختلف وقتن تي ڇپبا رهيا آهن، پر انهن کي ٻيهر ڏسڻ جي ضرورت آهي. ان کان علاوه ”وجوديت جو فلسفو“ جي نالي سان منهنجو هڪڙو ڪتاب آهي جيڪو ڇپائي جي اندر آهي. ان کان علاوه پوسٽ مارڊرن ۽ پوسٽ اسٽرڪچرل ٿيوريز ۽ پوسٽ ڪالونيل ٿيوريز تي مون 300 صفحن جو هڪ ڪتاب لکيو آهي، جنهن جو نالو آهي In Search of Truth، جنهن ۾ رفليڪشن پيپر آهن. مون جيڪڏهن ڪو فلسفي جو نظريو پڙهيو آهي ته ان تي پنهنجا رفليڪشن ڏنا آهن ۽ ڪجهه ريفرنس ڏنا آهن. ان کان علاوه منهنجي ميز تي ڏهه کن شاعري جا ڪتاب پيا آهن. ٻيو هڪڙو سارتر جو ڪتاب آهي ايگزسٽنشل ازم ۽ هيومن ازم اهو ترجمو ڪري رهيو آهيان. ان کان علاوه منهنجو استاد آهي فريد الدين شيخ جيڪو هن وقت ڪئناڊا ۾ آهي ان جو ڪتاب آهي ”قديم هندستاني فلسفو“ ان کي به ترجمو ڪريان پيو. منهنجي ڪوشش آهي ته اهي سڀ ڪتاب سنڌي ۾ اچن.
زاهده ابڙو: نويد صاحب توهان پنهنجي ڪتاب رابيل رت مايا نگر مان اسان کي ڪجهه پڙهي ٻڌايو؟
نويد سنديلو:
توڻي سانوڻ سانگ سجايا،
توبن ننڊ نه اکڙين آئي.
دل به ڪائي هرڻي آهي،
ڊوڙي پويان تَلَ ترائي.
ماڪ ڀنيءَ جو ڀونئرا اڏرن،
ٿڪجي ٿڪجي توکي ڳوليان.
روز اڱڻ ۾ ڦيريون پائي،
پنهنجا ويٺو ڦٽ اکيليان.
***