فوج ۽ حڪومت جي وچ ۾ مڪمل هم آهنگي آهي، مخالف ڌر ويڙهائڻ چاهي ٿي: وزيراعظم
وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حڪومت ۽ فوج جي وچ ۾ هم آهنگي آهي، مخالف ڌر حڪومت ۽ فوج کي ويڙهائڻ گهري ٿي، مخالف ڌر کي اها تڪليف آهي ته فوج حڪومڪت جي پاليسي تي هلي ٿي. اپوزيشن استعيفيٰ ڏي ته ننڍي چونڊ ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون. نجي ٽي وي چيئنلز جي ڊائريڪٽرز نيوز سان ملاقات دوران عمران خان وڌيڪ چيو ته مون کي مخالف ڌر مان ڪوبه خطرو نه آهي، “ن” هجي يا “ش” ٻئي پارٽيون نٿيون هلي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف مايوس ٿي چڪو آهي، هو حڪومت ۽ فوج جي وچ ۾ تاريخي هم آهنگي کي ٽوڙڻ ٿو چاهي ٿو، نواز شريف اميرالمومنين ٿي ادارن کي ڪنٽرول ڪرڻ چاهي ٿو، نواز شريف چاهي ٿو ته نه کيڏندس ۽ نه ئي کيڏڻ ڏيندس، هُو اِهو سڀ ڪجهه وطن واپس اچڻ لاءِ ڪري رهيو آهي، نواز شريف ۽ آصف علي زرداري جو ڪو سياسي مستقبل نه آهي. نواز شريف جي تقرير اخلاقي طور نشر نه ٿيڻ گهرجي ها. اليڪشن ٿيا ته اپوزيشن هڪ سيٽ به نه کٽيندي، پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ ٻئي جماعتون اسٽيبلشمينٽ جون پيداوار آهن. اپوزيشن وٽ ماڻهو نه آهن، تنهنڪري هو مولانا فضل الرحمان کي گڏ کڻي هلندا آهن، اپوزيشن جي ايجنڊا آهي ته حڪومت ۽ فوج کي ويڙهايو وڃي، حڪومت ۽ فوج جي هاڻوڪي هم آهنگي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿي آهي. هڪ سوال جي جواب هن چيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر استعيفيٰ ڏيندي ته ننڍي چونڊ ڪرائي ڇڏينداسين ۽ ننڍي چونڊ ۾ مخالف ڌر کي هڪ به سيٽ نه ملي سگهندي. عمران خان چيو ته اسان جي حڪومت اڃان به نئين آهي، جمهوري پارٽين جي اندر راءِ جو اختلاف ٿيندو رهندو آهي، اسان جي ڪابينا ۾ اهڙا به وزير آهن جيڪي پنهنجي پاسي ئي گول ڪري ڇڏيندا آهن. ڪابينا ميمبرن کي ذميواري جي سمجهه نه آهي، وزير بيان ڏيڻ وقت تجزيه نگار ٿي ويندا آهن، مڃان ٿو ته منهنجي حڪومت ۾ ميڊيا سان رابطن جي کوٽ آهي. کنڊ مافيا سان منهن ڏئي رهيا آهيون، اڳتي کنڊ مافيا کي اهڙي ريت اگهه وڌائڻ نه ڏينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته زندگي بچائيندڙ دوائون مارڪيٽ مان ئي گم ڪيون ويون هيون ان ڪري انهن جا اگهه وڌاياسين ته جيئن اهي ماڻهن کي ملي به سگهن.