خاص

فيس بُڪ معاشرو خراب ڪري رهيو آهي: 76 سيڪڙو آمريڪين جي راءِ

آمريڪا جي آبادي جي ٽين چوٿائي کان وڌيڪ ماڻهن جو خيال آهي ته فيس بُڪ معاشري کي خراب ڪري رهيو آهي. آمريڪي ٽي وي سروي جي مطابق 76 سيڪڙو آمريڪين جو چوڻ آهي ته فيس بُڪ جي سبب ماڻهو سازشي نظرين تي يقين ڪرڻ لڳا آهن. سروي ۾ چيو ويو آهي ته 50 سيڪڙو آمريڪين جو خيال آهي ته حڪومت کي فيس بُڪ جي ريگيوليشن پڙهڻ گهرجي. واضح رهي ته گذريل مهيني فيس بُڪ جي چيف مارڪ ذڪر برگ ساليانه ڊولپرز ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته فيس بُڪ جي بنيادي ڪمپني جو نالو ميٽا طور تبديل ڪيو پيو وڃي. ان کانپوءِ سوشل ميڊيا سائيٽ ”فيس بُڪ“ جي ڪمپني جو نالو ”ميٽا“ رکڻ جي اعلان سان گڏ ئي سوشل ميڊيا سائيٽ ٽوئيٽر تي صارفين هنگامو مچائي ڇڏيو آهي.