فيس بڪ صارفين لاءِ ڪهڙن نون فيچرن جي آزمائش شروع ڪئي آهي؟

فيس بڪ جلد ئي صارفين جي سهولت ۽ غلط ڄاڻ کي روڪڻ جي لاءِ نئون فيچر متعارف ڪرائيندو جنهن جي آزمائش جي شروعات ٿي چڪي آهي. جديد ٽيڪنالاجي جي موجوده دور ۾ شايد ئي ڪو اهڙو شخص هجي جيڪو سوشل ميڊيا جي استعمال کان پري هوندو ۽ فيس بڪ جو شمار ان سائنس ۾ ٿيندو آهي جيڪو صارف کي پنهنجي طرف ڇڪڻ ۾ چقمق جهڙي طاقت رکندو آهي. فيس بڪ تي خبرن کان وٺي انٽرٽينمينٽ ۽ مزاح سان ڀريل مواد هوندو آهي جنهن کي ماڻهو لکن ڪروڙن جي انگ ۾ شيئر ڪري رهيا هوندا آهن، پر هاڻ سوشل ويب سائيٽ تان هڪ شڪايت صارفين جي آهي ۽ اها هيءَ ته فيس بڪ غلط خبرون وائرل ڪرڻ جو ڳڙهه آهي. هتي صارفين ڪابه خبر بنا تصديق جي شيئر ڪندا آهن جنهن کانپوءِ ٻين ماڻهن کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. ان حوالي سان فيس بڪ نئين فيچر تي ڪم ڪري رهيو آهي جنهن جي تحت ڪوبه نيوز آرٽيڪل شيئر ڪرڻ کان اڳ ويب سائيٽ اوهان کان تصديق ڪندي جنهن ۾ هڪ پاپ اپ نوٽيفڪيشن اسڪرين تي شو ٿيندو جيڪو اوهان کي آگاهي ڏيندو ته اوهان جي مذڪوره پوسٽ شيئر ڪئي وڃي يا نه.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments