فيوجي جبل ۽ سُميدا ندي
الطاف شيخ جو سفر نامون “جي وڃين تون جاپان” مان کنيل
فيوجي جبل ۽ سُميدا ندي
الطاف شيخ
دنيا جو سهڻو جبل فيوجي (Fuji) جيڪو جاپانين لاءِ پوڄا پاٺ جو درجو رکي ٿو اهو به هن ٻيٽ هونشو تي آهي. سندس چوٽي سطح سمنڊ کان 3775 ميٽر مٿي ٿيندي. هونشو ٻيٽ تي ڪيتريون ئي نديون آهن، پر سڀ ننڍيون ننڍيون آهن. وڏي ۾ وڏي ندي شِي نانو (Shinano) آهي جيڪا چِيڪوما به سڏجي ٿي. شينانو ندي 230 کن ميل ٿيندي. ٻئي نمبر تي وڏي ندي ٽوني (Tone) آهي جيڪا 200 ميل ٿيندي. هي ٻئي نديون هونشو ٻيٽ تي آهن. هڪ “سي آف جاپان” ۾ ڇوڙ ڪري ٿي ۽ ٻي پئسفڪ سمنڊ ۾. انهن کان علاوه ڪجهه ٻيون به اهم نديون آهن جيئن ته ابو ڪوما، ڪيتا ڪامي ۽ موگامي وغيره. جاپان جي ندين بابت هڪ ڊچ انجنيئر جي چوڻي مشهور آهي جڏهن هن جاپان جي ندي جوگانجي ڏٺي. هن جي دماغ ۾ ته يورپ جون وڏيون نديون ڊئنيوب، وولگا، ارل وغيره هيون سو تويوما پريفيڪچر مان وهندڙ 56 ڪلو ميٽر ڊگهي ندي ڏسي هن ڊچ انجنيئر چيو هو: This is not a river, but a water fall.

هتي اهو به لکندو هلان ته شروع ۾ جپاني ماڻهو هن نديءَ کي جاپان جي نيل ندي سڏيندا هئا ۽ کيس “ني ئي ڪاوا” چوندا هئا. جيتوڻيڪ نيل ندي 6900 ڪلوميٽر ڊگهي آهي ۽ ڪيترن ئي ملڪن مان لنگهي مصر پهچي ٿي. اهي ملڪ آهن تنزانيا، يوگنڊا، روانڊا، برونڊي، ڪانگو، ڪينيا، اٿوپيا، اريٽيريا، ڏکڻ سوڍان، سوڍان وغيره.

جاپان اهو ملڪ آهي جتي رڳو جبل ئي جبل آهن. ملڪ جي 75 سيڪڙو زمين تي جبل آهن، جن تي برف ڳرڻ تي يا مينهن پوڻ تي پاڻي نديءَ جي شڪل ۾ هيٺ وهي ٿو. چوڌاري ويجهو سمنڊ به آهن سو يڪدم وڃيو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن. سو جاپان ۾ ڪُوئي جي پڇ جهڙيون ته ڪيتريون ئي نديون آهن، پر هتي جي حڪومت جن کي گريڊ ون نديون سڏي ٿي اهي به 14000 ٿينديون جن جو انتظام هتي جي وزارت ٽرانسپورٽ ۽ ٽوئرزم سنڀالي ٿي.
جاپان جي ندين تي هڪ ته ڊئمون ٺاهي اليڪٽرڪ سٽي پيدا ڪئي وئي آهي ۽ ٻيو پوک جي ڪم ۾ خاص ڪري سارين جي پوک لاءِ استعمال ۾ اچن ٿيون. اها شيءِ جيڪا سارين جي فصل ۾ ڪم اچي يعني پاڻي، اها شيءِ جاپانين لاءِ قابلِ احترام آهي. ندين ۽ چانورن جو ذڪر جاپاني لوڪ ڪهاڻين ۽ شاعريءَ ۾ به ڏاڍو اچي ٿو. جاپاني نيويءَ کي جيڪي ٻه ڪروزر جهاز هئا انهن مان هڪ جو نالو موگامي (Mogami) هو. جيئن اسان وٽ ڪيترن جهازن تي نالا ندين تان رکيل آهن جيئن ته ستلج، چناب، اباسين وغيره. موگامي ندي ازوما جبل تان شروع ٿئي ٿي ۽ ياماگچيءَ مان ٿيندي جپاني سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. سترهين صديءَ جي مشهور جپاني شاعر متسو باشو هن نديءَ ذريعي سفر ڪندي هن نديءَ تي ڪيترائي شعر (هائيڪو) لکيا جن مان ڪجهه سندس يادگيرين واري ڪتاب (Oku No Hosomichi) ۾ ڏنا آهن جيڪو انگريزيءَ ۾ “دي نئرو روڊ ٽ دي ڊيپ نارٿ“ نالي ترجمو ٿيل آهي. انهن ۾ هڪ هائيڪو تمام گهڻو مشهور آهي جنهن ۾ شاعر متسو باشو هن ندي موگا جو ذڪر ڪيو آهي:

Samidare
Atsumete hayashi
Mogami gawa.
گڏ ڪري رهي آهي بارش جو پاڻي،
مينهوڳيءَ جي موسم ۾ –
تکو وهندڙ موگامي ندي…
جاپان ۾ هر صوبي (پريفيڪچر) جو قومي ترانو، قومي گل، ميوو، لوگو آهي. ياما گچي پريفيڪچر جي قومي تراني جو نالو ئي آهي موگامي ندي ۽ اهو ترانو ڪنهن ٻئي نه پر ملڪ جي شهنشاهه هيروهٽو لکيو.
اهڙي طرح ٽوڪيو شهر مان وهندڙ سميدا ندي جو ذڪر پڻ ڪيترن شاعرن ڪيو آهي. ماتسو بوشو جو گهر هن نديءَ جي ڪناري تي هو جنهن جي ٻاهران ڪيلي جي وڻ هو جنهن کي جاپانيءَ ۾ باشو سڏين ٿا جنهن تان ماتسوءَ تي قلمي نالو ”باشو“ پيو.
جاپانيءَ جي هڪ ٻئي مشهور شاعر ڪوباياشي اِيسا 1820ع ۾ پنهنجي هڪ هائيڪو ۾ سميدا نديءَ جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:

Nodokasa ya
Nezumi no nameru
Sumida- gawa.
هن هائيڪو جو انگريزيءَ ۾ ترجمو هن طرح لکيل آهي:
Spring peace
A mouse licking
Sumida river
جاپانيءَ ۾ ناميرو (Nameru) معنيٰ چٽڻ آهي To Lick ۽ ان جي معنيٰ سواد وٺڻ، چوسڻ پڻ آهي. نيزومي (Nezumi) معنيٰ ڪوئو ۽ گاوا (Gawa) يا ڪاوا (Kawa) معنيٰ ندي آهي. هيءَ سميدا نديءَ جي ڪناري جي ڳالهه آهي جيڪا ندي ٽوڪيو شهر مان 27 ڪلو ميٽر وهي اڳيان بندرگاهه وٽ خليج ٽوڪيو (Tokyo Bay) ۾ ڇوڙ ڪري ٿي، هن نديءَ مٿان 26 پليون آهن. هڪ پرسڪون ۽ بهاريءَ واري ڏينهن تي جڏهن شاعر ڪوباياشي ايسا هن نديءَ جي ڪناري تي چهل قدمي ڪري رهيو هو ته هن جي نظر هڪ اڃايل ڪوئي تي پئي جيڪو پاڻيءَ جون چشڪيون ڀري رهيو هو. پهرين سٽ ۾ لکيل لفظ Nodokasa ya تمام گهڻو جاپاني شاعريءَ ۾ اچي ٿو جيڪو دراصل اسم نودوڪا (Nodoka) مان نڪتل آهي. نودوڪا معنيٰ خاموش، پرسڪون، امن امان وارو ڏينهن، جنهن مان صفت Nodokasa آهي. Nodokasa معنيٰ پر امن بهار جو ڏينهن يا سانتيڪو ڏينهن.

ايسا جو ئي هڪ ٻيو شعر آهي جنهن ۾ پڻ نودوڪا استعمال ڪري ٿو:
Hisakata no hikari nodokeki haru
وغيره. نودوڪا نه فقط شاعريءَ ۾ پر نثر ۾ به گهڻو استعمال ٿئي ٿو. جپاني ڪنهن نظاري جي تعريف ۾ اڪثر چوندا:
Nodoka na fuukei desu nee
“هي ڇا ته پرسڪون/ سانتيڪو نظارو آهي.”
ڳالهه اها آهي ته شاعر ڪوباياشي اِيسا (Issa) بهار جي موسم واري هڪ سانتيڪي ڏينهن جو ذڪر ڪرڻ لاءِ يا نقشو چٽڻ لاءِ جاپاني لفظ نودوڪا استعمال ٿو ڪري ته ههڙي سٺي موسم ۾ هڪ ڪوئو به سرور محسوس ڪري بي ڊپو ٿي سميدا نديءَ مان پاڻي پي رهيو آهي. هن ههڙي موسم Nodoka کان متاثر ٿي نه فقط ڪوئي جو احوال لکيو آهي پر هڪ ٻوڌيءَ جو پڻ جيڪو ٻائو ٿي ڪري ڪنهن جي گهر جي ڀت جي سوراخ مان يا لوڙهي مان ليئا پائي ٿو.
Nodokasa ya
Kakima o Nozoku
Yama no soo.
انگريزيءَ ۾ ترجمو آهي:
Spring peace…..
A mountain monk peeks
Through the hedge……
ڪاڪِي جاپانيءَ ۾ لوڙهي يا گهر جي ٻاهرين اڏاوت کي سڏجي ٿو. ياما نوسُو معنيٰ جبل جو ٻائو. ياما جاپانيءَ ۾ جبل آهي جيئن فوجي ياما معنيٰ فوجي جبل.
بهرحال پاڻ ڳالهه پئي ڪئي جاپان جي ندين جي جن کي جاپاني شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ خوب آندو آهي. موگامي نديءَ تي هڪ ٻه شعر مٿي لکي چڪو آهيان هڪ ٻيو ياد اچي رهيو آهي جيڪو هن ريت آهي.
Atsuki hi wo
Umi ni iretari
Mogami gawa.
(The hot sun was set into the sea by the mogami river)
جاپان جي هر ضلعي ۾ سوين نديون آهن. هر شهر مان هڪ يا هڪ کان وڌيڪ نديون وهنديون نظر اچن ٿيون – خاص ڪري بندرگاهه وارن شهرن ۾ جو اهي نديون ڇوڙ ئي ان بندرگاهه واري سمنڊ ۾ ڪن ٿيون. ڪي نديون ته لنڊن جي وچ مان لنگهندڙ ٿيمس يا بئنڪاڪ شهر جي وچ مان لنگهندڙ چائو فريا وانگر جاپان جي وچ شهر مان لنگهن ٿيون. انهن سڀني ۾ منهنجو سڀ کان گهڻو لڳ لاڳاپو سميدا سان رهيو آهي جيڪا ٽوڪيو شهر مان لنگهي ٿي ۽ جنهن سان ڪيتريون ئي تاريخي ڳالهيون وابسته آهن. هر دفعي ڪا نه ڪا نئين ڳالهه ٻڌي حيرت ۽ خوشي ٿي ٿئي. هڪ دفعي ٽوڪيو جي شپ يارڊ ۾ جهاز ٺهڻ تائين مون کي ٻه ٽي مهينا هڪ اهڙي گيسٽ هائوس ۾ رکيو ويو جيڪو سميدا نديءَ جي ڪناري وٽ گنزا جي ويجهو هو. آئون شام جو جڏهن به گنزا ويندو هئس ته نديءَ جو ڪنارو وٺي واڪ ڪندو هئس يا ڪڏهن پري روپنگي، شبويا، شنجوڪو يا ٽوڪيو جي ڪنهن ٻئي علائقي مان موٽندو هئس ته سب وي ذريعي گنزا ۾ لهي پوءِ اتي جي ڪنهن ريسٽورنٽ ۾ چانهه يا ڪافي پي پوءِ پنهنجي رهائش تي پهچڻ لاءِ سُميدا نديءَ جو ڪنارو ڏئي واڪ ڪندو هئس. ڀلي شام هجي يا رات – رستي تي ملندڙ واندن پوڙهن پوڙهن سان ڀڳل سڳل جاپانيءَ ۾ خبرون ڪندو هوس. ڪنهن کي انگريزي ايندي هئي ته ان پوڙهي مرد يا عورت جي جلدي پچر نه ڇڏيندو هئس. ان کان فون نمبر به وٺڻ جي ڪندو هئس جيئن ان سان وري يا ٻئي دفعي ٽوڪيو اچڻ تي به ملي خبرون ڪريان. هر عنوان تي خبرون ڪندو هئس. ادب ۽ شعر و شاعريءَ کان ٽٽ مسخريءَ تائين. کانئن سندن ننڍپڻ جون ڳالهيون پڇندو هئس ۽ هو اسي يا ستر سالن جا پوڙها پنهنجي ننڍپڻ جي زماني جي جاپان جون ڳالهيون ٻڌائيندا هئا. اڄ آئون انهن جي عمر جو آهيان نه ته انهن ڏينهن ۾ ٽيهن سالن جو به نه ٿيو هئس.
هڪ دفعي گنزا ڏي وڃڻ بدران سميدا جو ڪنارو ڏئي ٻئي پاسي ويندو رهيس. هڪ هنڌ هڪ پوڙهي جاپانيءَ مون کي ادب ۾ دلچسپي وٺندو ڏسي مون کي نديءَ جي ڪناري هڪ جاءِ ڏي اشارو ڪري چيو ته تنهنجي دلپسند شاعر باشو موتسو جو هي گهر هو جتي لاءِ هن لکيو آهي ته ”منهنجو گهر ڪيلي جي وڻ وٽ هو جنهن تان مون پنهنجو قلمي نالو باشو رکيو“. نه ته هن جو ڄمڻ مهل نالو (Matsu Kinsaku) هو. جيئن سنڌونديءَ تي دادو مورو جهڙيون ڪيتريون ئي پليون آهن تيئن سميدا نديءَ کي اڪرڻ لاءِ مختلف هنڌن تي 27 کن پليون آهن. سنڌو ندي ته دنيا جي ڊگهين ۽ ويڪرين ندين مان هڪ آهي، پر جاپان جي هيءَ نوڙيءَ جهڙي سنهي سميدا ندي 30 کن ڪلو ميٽر مس آهي جيڪا ٽوڪيو جي ڇهه ست وارڊن (ضلعن) مان گذري “خليج ٽوڪيو” سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. آڳاٽي زماني کان هن نديءَ مٿان پليون ٺهنديون رهيون ۽ هن وقت اٽڪل هر ڪلو ميٽر جي فاصلي تي هڪ پل آهي جتان توهان هيءَ ندي اڪري ٻي پار پهچي سگهو ٿا.
مون وانگر جيڪي پاڻي جي جهاز ۾ ٽوڪيو اچن ٿا انهن جي ڄاڻ لاءِ اهو لکندو هلان ته جيئن ئي جهاز خليج ٽوڪيو (Tokyo Bay) ۾ لنگر انداز ٿئي ٿو ته سميدا نديءَ جي ڇوڙ وٽ جيڪا پهرين پل نظر اچي ٿي اها ڪاچي ڊوڪي پل Kachidoki Ohasi آهي. اتي ئي تسڪي شيما ٻيٽ آهي. پل جي هڪ پاسي اناري مندر Inari Jinja ۽ ان جي ڀرسان تسوڪي جي مارڪيٽ آهي جيڪا دنيا جي وڏي ۾ وڏي مڇي مارڪيٽ آهي.
سميدا نديءَ مٿان ٽوڪيو ۾ جيڪي پليون آهن انهن مان هڪ “ريوگو ڪُو باشي” پل آهي جيڪا 1659ع ۾ ٺهي هئي جيڪا 1932ع ۾ وري نئين سنئين ٺاهي وئي. هڪ ٻي پل جتان منهنجو لنگهه ٿيو ٿي اها Eitai bashi آهي اها 1696ع ۾ ٺهي هئي جنهن کي 1924ع ۾ وري نئون ڪيو ويو.
- سڪورا پل جيڪا منهنجي جاپان ۾ هجڻ وارن ڏينهن 1985ع ۾ ٺهي
- ڪوٽو توئي پل جيڪا 1928ع ۾ ٺهي. هن پل جي هڪ طرف Mimeguri جنجا (مندر) آهي ۽ ٻئي پاسي Matsuchi yama Shoden آهي.
- ازوما پل جيڪا پهرين 1774ع ۾ ٺهي ان بعد 1931ع ۾ ان کي ڊاهي نئين ٺاهي وئي. هيءَ پل ٽوڪيو جي هڪ خوبصورت علائقي اساڪسا جي ريلوي اسٽيشن وٽ آهي.
- ڪوماگاتا پل جيڪا 1927ع ۾ ٺهي ۽ هيءَ پل متسو گاتا مندر کان مشهور آهي.
- يومايا پل جيڪا 1875ع ۾ ٺهي جنهن کي 1929ع ۾ نئون ڪيو ويو.
- ڪورا مائي باشي (پل) جيڪا سئو سال کن اڳ 1924ع ۾ ٺهي …. ۽ اهڙي طرح ٻيون پليون. هتي اهو به لکندو هلان ته جاپاني لفظ باشي (Bashi) جي معنيٰ پل آهي. ان ڪري توهان کي جاپان ۾ هر پل جي نالي پويان باشي لفظ ڳنڍيل نظر ايندو. جيئن اوساڪا جي پلين جا نالا آهن: هيگو باشي، اوتي باشي، هوماچي باشي، ڪورائي باشي، نشيڪي باشي وغيره.

