خاص

قائد عوام يونيورسٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر کي 3 سال قيد جي سزا

نوابشاھ جي ماڊل ڪورٽ-3، راشد علي اڄڻ جي عدالت قائد عوام يونيورسٽي نوابشاھ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر بدرالدين ميمڻ کي ڪوڙي چيڪ جي ڪيس ۾ 3 سال قيد ۽ 45 ھزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. واضح رھي ته جوابدار بدرالدين ميمڻ مٿان الزام ھو ته هن  فريادي ديدار علي دائودي کان نوڪري جي بھاني پئسا ورتا هئا ۽ ضمانت طور چيڪ ڏنو ھو، جيڪو چيڪ ڪوڙو ثابت ٿيڻ تي فريادي نوابشاھ جي ايئرپورٽ ٿاڻي تي گناھ نمبر 25/2021 قلم F-489 تحت ڪيس داخل ڪرايو ھو.