قديم فلسفي جي جديد تاريخ ڊاڪٽر شير مهراڻي | مارچ 2022
فلسفو يعني علم جو چاهه، محبت ۽ پيار. انسان ابتدا کان وٺي جنهن شيءِ سان وڌيڪ چاهه ڪيو آهي، اهو علم، فڪر ۽ فلسفو ئي آهي ۽ جنهن شيءِ کيس سڀ کان وڌيڪ جوکم ۾ وڌو آهي، تڪليفون ڏنيون آهن، اهنج ڏنا آهن، اها به ڏاهپ ئي آهي. انگريزي ۾ مشهور چوڻي آهي ته Ignorance is a blessing يعني لاعلمي هڪ رحمت آهي. لطيف سائينءَ به چيو هو ته ”الا ڏاهي مَ ٿيا ڏاهيون ڏک ڏسن“ ۽ پنجابي ۾ چوڻي آهي، ”عقل نا هووي تي موجان ئي موجان“ يا عقل ناهي ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي ۽ انسان خوش رهندو. لاعلمي رحمت ڇو آهي؟ ۽ علم توڙي عقل ۾ ڏک ڇو آهي؟ اهو ان ڪري آهي جو لا علم ماڻهوءَ کي اها خبر ئي ناهي هوندي ته کيس ڇا گهرجي ٿو، سندس حق ڪهڙو آهي؟ دنيا ڪيڏانهن پئي وڃي، ڇو پئي وڃي؟ ڪائنات ڪيئن وجود ۾ آئي؟ فرد ڇو آيو؟ کيس ڇا ڪرڻو آهي؟ ڪيڏانهن وڃڻو آهي؟ ڪنهن جو چيو آکيو مڃڻو آهي؟ ڪنهن کان ۽ ڪٿي انڪار ڪرڻو آهي؟ ڪٿي اقرار ڪرڻو آهي؟ هو انهن سڀني ڳالهين کان لا علم پنهنجي ڌن ۾ مست مگن! ”جهڙا اچن ڏينهڙا، تهڙا ويهي گهار“ جي مصداق هوندو آهي. ٻئي پاسي هڪ ڄاڻوءَ کي نه صرف انهن سڀني سوالن جا جواب گهرجن، پر انهن تي عمل به گهرجي ۽ عمل ڪڏهن ڪڏهن کانئس وڏي قيمت وٺندو آهي، بلڪه زندگيءَ کان به وڏي! پر اسان لا علميءَ جو علم حاصل ڪرڻ ۽ علم جي اندر جهاتي پائي گهري اڀياس کانپوءِ پڪ ئي پڪ ان نتيجي تي پهچنداسين ته بيشڪ لا عملي واري خوشيءَ کان علم ۽ ڏاهپ وارو ڏک ڀلو آهي. فلسفو انهن سڀني سوالن جا جواب ڏئي ٿو، جيڪي سوال اسان جي ذهن ۾ اچانڪ اڀرن ٿا. سوال جو ذهن ۾ اڀرڻ يا ڪنهن سان اختلاف ڪرڻ عقل جي نشاني آهي ۽ عقل وڏي نيڪي ۽ اخلاق آهي. تڏهن ئي ته ارسطو پنهنجي استاد افلاطون سان اختلاف ڪندي لکيو هو ته مون کي افلاطون ڏاڍو پيارو آهي، پر علم، سچ ۽ عقل ان کان وڌيڪ پيارا آهن.
سنڌيءَ ۾ فلسفي تي تمام گهٽ ڪم ٿيو آهي. محمد ابراهيم جويي صاحب پاران جارج پوليزر جي ڪتاب جو ترجمو جيڪو هن ”فلسفي جو ابتدائي ڪورس“ جي نالي سان ڪيو. رشيد ڀٽيءَ جو ”سچ جو فلسفو“ ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جو ”تصوف جي چير ڦاڙ“، اڪبر لغاري صاحب جو ”فلسفي جي مختصر تاريخ“ (جيڪو اردوءَ ۾ به ترجمو ٿيو آهي.)، ڊاڪٽر سڪندر مغل جا ڪتاب، ”ڏاهپ جو اڀياس“ ۽ ”ارتقا جي ڪهاڻي“، آغا سليم پاران ول ڊيورانٽ جي ڪتابPleasures of Philosophy جو ترجمو ”فلسفي جون راحتون“، اڪرم انصاريءَ پاران ول ڊيورانٽ جي ٻئي ڪتاب Story of Philosophy جو ترجمو ”فلسفي جي ڪهاڻي“ ڊاڪٽر گل پاران يوناني فلسفي جا ترجمو ڪيل ڪجهه ڪتاب، راشد دائودپوٽي جو ”يوناني فلسفي جي تاريخ“، ممتاز بخاريءَ پاران جوسٽن گارڊر جو ترجمو ڪيل ناول/فلسفي جي تاريخ ”صوفيءَ جي دنيا“ يوسف شاهين ۽ يوسف سنڌيءَ جا يوناني ڏند ڪٿائن، ديوين ۽ ديوتائن بابت لکيل ڪتاب، استاد حيدر لغاري صاحب جا ڪجهه مضمون، ڊاڪٽر عالم شاهه جا ڪجهه مضمون، ڊاڪٽر غفور ميمڻ صاحب جا ڪجهه مضمون ۽ مقالا، ڊاڪٽر رسول ميمڻ جا ڪجهه ڪتاب، جاويد ڀٽي ۽ جامي چانڊيي صاحب جا ڪجهه ليڪچر منهنجي سامهون گذريا آهن. شايد ڪي اڃان ٿورا ڪتاب يا مضمون ٻيا به هجن ته هجن نه ته ڪُل پيران دا خير! حالانڪه ماڻڪ پٿاوالا لکيو آهي ته سڪندر اعظم جڏهن سنڌو نديءَ جي سامهون آيو ته چيائين ”هن دريا کي سجدو ڪريو هن اسان کي ڊائنوسس ديوتا ڏنو آهي.“ يونانين ئي سنڌو نديءَ کي ”انڊوس“ سڏيو هو، جيڪو اڳتي هلي ”انڊس“ ٿي ويو. اسان جي نوجوان استاد نويد سنديلي سنڌيءَ ۾ ”فلسفي جي تاريخ“ لکي هڪ تاريخي ڪم ڪيو آهي. 392 صفحن تي ٻڌل هن ڪتاب ۾ ٻه ڀاڱا شامل آهن، جيڪو قديم دور کان شروع ٿي يونان جي ڪلاسيڪي دور تي ختم ٿئي ٿو، پر تاريخ اڃان اڳتي هلي ٿي. پياري نويد سنديلي کي هن جهڙا اڃا ٻه ٽي ٻيا به ڪتاب لکي فلسفي جي تاريخ مڪمل ڪرڻي پوندي. هن ڪتاب ۾ جيترو ڪم هن ڪيو آهي، اهو به ڏاڍو مستند ۽ لاڀائتو آهي. هن ڪتاب جي ٻنهي ڀاڱن ۾ ڪُل چوڏهن باب آهن.
هيءُ ڪتاب گهڻن حوالن سان اهم ۽ مٿي ٻڌايل ڪتابن کان مختلف آهي. پهرين ڳالهه ته جنهن نموني ڪتاب جا هي ٻه ڀاڱا آندا ويا آهن، ان مان لڳي ٿو ته ڪتاب جا ٻيا ڀاڱا به ايندا، حالانڪه اهڙو ذڪر نويد سنديلي هن ڪتاب ۾ ناهي ڪيو. اسان جي کيس گذارش هوندي ته هو فلسفي جي تاريخ کي مڪمل ڪري ۽ ٻه چار اهڙا ٻيا به ڪتاب ضرور آڻي. ٻي اهم ڳالهه هن ڪتاب جي اها آهي ته هن ۾ ڪوشش ڪري هر بحث جو نتيجو ڏنو ويو آهي. جيئن پهرين باب جي نتيجي ۾ هو لکي ٿو، ”ڏند ڪٿا کان فلسفي ڏانهن اچڻ نه رڳو يوناني فڪر کي اڳتي وڌايو، پر ان جي نتيجي ۾ روءِ زمين جا ماڻهو انهن سائنسي فڪرن مان گهڻو سيراب ٿيا… هومر ۽ هيسيڊ جي شاعريءَ جي نتيجي ۾ اتان جي تعليمي نظام ۾ سڌارو آيو ۽ انسان کي عام زندگيءَ ۾ پنهنجو ڪردار نڀائڻ جو صحيح دڳ ملي ويو. ان سان گڏوگڏ کين پنهنجي ماضيءَ جي ڪردارن جي آڌار تي تاريخي واقعن کي سمجهڻ جي پروڙ ملي وئي. اهڙيءَ طرح انساني ذهن ارتقائي منزل ماڻيندو ڏند ڪٿا، مذهب ۽ ادب کان هلندو سائنسي ۽ فلسفياڻي سوچ ڏانهن سفر ڪرڻ لڳو.“
هن ڪتاب جو هر باب اهم آهي ۽ ڪتاب جي ٻي اهم خوبي اها به آهي ته ان کي عام فهم ٻوليءَ ۾ لکيو ويو آهي ۽ مختلف فلسفياڻا نقطه سمجهائڻ لاءِ سنڌي ۽ اردو شاعريءَ مان به مثال ڏنا ويا آهن. جيئن تقديريت جو نظريو سمجهائيندي هو شاھ سائينءَ جو هيءُ بيت ڏئي ٿو:
آئُون ڪِ نه ڄاڻان اِيئن؟ ته جَرَ گِھڙي جوکو ٿئي؛
قَضا جا ڪَرِيمَ جِي، تَنهن کان ڪَنڌُ ڪَڍِبو ڪِيئن؟
هِڪُ لِکِـئي، ٻِئي نِينهَن، آڻي اڇليو آب ۾.
يا ٻئي هنڌ سماج ۾ فرد جي ڪردار بابت لکندي هو لکي ٿو ته. ”ڳالهه آهي فڪر جي سوچ سمجهه جي جنهن ۾ انسان جو ذهن هن دنيا ۾ شعور ۽ منطق جون واٽون ووڙي هڪ فرد کان وٺي قوم تائين پوري سماج کي نئين دڳ لائي ٿو. باقي ٻيا ماڻهو ماهر ٿيڻ پسند نٿا ڪن. ننڊ ۽ لاشعور ۾ حياتي گهاري هميشه لاءِ هليا وڃن ٿا، ڄڻ سندن جيون جو ڪو مقصد ئي نه هو.“
مَحرُومَ ٿِي مَرِي وِيا، ماهِرَ ٿِي نه مُئا؛
چِڙِيءَ جِيئَن چُهِنجَ هَڻِي، لَڏِيائُون لُئا؛
حُبابَ ئِي هُئا، اِنهِيءَ واديءَ وِچَ ۾.
نويد سنديلي محض فلسفي جي تاريخ تي ڪتاب ناهي لکيو بلڪه هن تاريخي سچاين کي اڄ جي دور سان پڻ همڪنار ڪيو آهي. اهوئي سبب آهي جو هيءُ ڪتاب پڙهندي ڪٿي به ڪنهن اوپرائپ جو گمان نٿو ٿئي. هو تاريخ، فسلفي، سچ، نيڪي، سونهن، وجود، ماديت پرستي، خيال پرستي، طبعيات، حياتيات، نفسيات، سياسيات ۽ اخلاقيات تي گهرا بحث ڪندي نتيجا اخذ ڪري انهن کي اڄ جي دور سان سلهاڙي ڇڏي ٿو. اهڙي ريت فلسفي جهڙو خشڪ موضوع دلچسپ ٿي وڃي ٿو. هن ڪتاب جو هر صفحو سندس عرق ريزي جي گواهي ڏئي ٿو. هن ڪتاب جي تياري ۾ هن 44 انگريزي ڪتابن سميت ڪُل 49 ڪتابن مان مدد ورتي آهي. جن جا هن حوالا پڻ ڏنا آهن. هيءُ ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ اسان ان نتيجي تي پهچون ٿا ته سنڌيءَ ۾ فلسفي بابت لکيل ڪتابن ۾ هيءُ هڪ منفرد ڪتاب ضرور آهي، پر ان ۾ جيڪڏهن ساڳين موضوعن تي لکيل سنڌي ڪتابن مان به مدد وٺي حوالا ڏنا وڃن ها ته ڪتاب اڃان وڌيڪ نشانبر ٿي بيهي ها. پياري نويد سنديلي کي بهترين ڪتاب لکڻ تي واڌايون.
***