پاڪستانخاصنيو‍‍ز

قمر زمان ڪائره پيپلز پارٽي کي پي ڊي ايم ۾ واپس اچڻ جي شرط ٻڌائي ڇڏي

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائره جو چوڻ ھو ته مولانا فضل الرحمان پنهنجي گار واپس وٺي ۽ شاھد خاقان عباسي معذرت ڪري، پيپلز پارٽي پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) ۾ واپس اچڻ لاءِ تيار آھي. پتوڪي ۾ پارٽي اڳواڻ طارق شاهه جي گھر ميڊيا سان ڳالھائيندي قمر زمان ڪائره جو چوڻ ھو ته مريم نواز، شاھد خاقان عباسي ۽ رانا تنوير چئي رھيا آھن انھيءَ حڪومت کي ختم ڪرڻ نٿا چاھيون جڏھن ته شھباز شريف مخالف ڌر گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي. قمر زمان ڪائره جو چوڻ آھي ته نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڌڙا ٺھي ويا آھن، اسان جي شرط پوري ڪئي وڃي ته اسان پي ڊي ايم ۾ واپس اچڻ لاءِ تيار آھيون، ھن جو چوڻ ھو ته نواز ليگ پي ڊي ايم کي پنھنجون خواھشون پوريون ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو، نواز ليگ ساٿ ڏئي ھا ته نه صرف پنجاب، پر وفاقي حڪومت به ختم ٿي چڪي ھجي ھا.