خاص

ٽنڊو محمد خان ۾ وڌيڪ ست ڄڻا ڪورونا جو شڪار، انگ وڌي 17 ٿي ويو

ٽنڊو محمد خان ۾ وڌيڪ 7 ماڻهن ۾ ڪورنا وائرس جي تصديق کانپوءِ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ وڌي 17 ٿي ويو آهي، جن مان ٽي ماڻهو شهر جي نصيرآباد پاڙي سان لاڳاپيل ٻڌايا وڃن ٿا. سنڌ جي وڏي وزير جي خاص مددگار ۽ ڪورونا وائرس بابت ضلعي جي فوڪل پرسن سيد قاسم نويد قمر ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ ڪل ڪورونا مريضن جو انگ 17 هجڻ جي تصديق ڪئي آهي. اهڙي ريت ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ ڪورونا وائرس جي متاثرن کي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال جي آئيسوليشن وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڄاڻايل پازيٽو آيل مريضن جي آغا خان اسپتال مان ٻيهر رپورٽ تصديق ڪرڻ لاءِ نمونا ورتا ويا آهن ٻئي پاسي اسڪول ۾ قائم ڪيل ڪورنٽائن سينٽر ۾ رکيل 100 کان وڌيڪ تبليغي جماعت سان تعلق رکندڙ ماڻهن ۾ ڪورونا جي ٽيسٽ 7 ڏينهن گذرڻ باوجود نه ڪرائي وئي آهي