قومي عوامي تحريڪ جو اڳواڻ اياز لطيف پليجو ٽين عاصمہ جھانگير عالمي ڪانفرنس لاھور کي خطاب ٽرانسڪرپشن ۽ سنڌيڪار: ثاقب ابڙو
تاريخ ۽ ھنڌ: 21ھين نومبر 2021 _ آواري ٽاورز ھوٽل، لاھور، پنجاب (پاڪستان)
سلمان صاحب (سيشن ماڊريٽر سلمان اڪرم راجا) چيو آھي تہ اوھان سڀني کي ٻڌايان تہ اسان جا مسئلا ڪھڙا آھن؟ مونکي ۽ اسان سمورن سنڌ واسين کي اھا ئي خبر ناھي تہ اسين آھيون بہ يا ناھيون! اسين آھيون ڪٿي؟ يعني اسانکي جيڪا 1935 جي گورنمنٽ آف انڊيا ائڪٽ ۾ حيثيت حاصل ھئي، (اڄ) اُھا بہ ناھي. اسين اُھي آھيون جيڪي نہ مارشل ريس آھيون جيڪي ٻي عالمي جنگ ۾ انگريزن جي فوج جو حصو بڻجي سگھون تہ جيئن اسانکي ڪا حيثيت ملي سگھي. اسين نہ ئي تورا بورا جي جبلن تي ھٿيار کڻي چڙھندڙ ۽ نہ ئي رزسٽنٽ موومنٽ جا ماڻھو آھيون جن کان ماڻھو خوف کائين ۽ انھن سان ڳالھيون ڪن. اسين نہ اھي وڳوڙي ماڻھو آھيون جيڪي ڪراچيءَ جي رستن کي بند ڪري ڇڏين تہ جيئن نيٽو جا ڪنٽنرز نہ گذري سگھن ۽ اسان سان ڳالھيون ڪيون وڃن. اسين اھي انتھا پسند بہ ناھيون جيڪي اسلام آباد ۾ مارچ ڪريون ۽ ڌرڻو ھڻي ويھي رھون ۽ پوءِ اسان سان رياست ۽ حڪومت ڳالھيون ڪري. اسين اڌ تتر اڌ ٻٽير “ قسم جا ماڻھو، پُر امن ماڻھو، جن جِي ھٿيارَکڻڻ جي تربيت ۽ تاريخ ناھي. جيڪي انتھا پسنديءَ جي رستي تي ناھيون. جيڪي اوھانکي محمد علي جناح ڏيئي سگھون ٿا. ”جيڻا ڀائي“؛ ان جو نالو محمد علي جناح ڪري ان کي جھرڪ مان اغوا ڪري ڪراچي شفٽ ڪيو ويو. اسين اھو تہ ڏئي سگھون ٿا. اسين اوھان کي منھين جي دڙي جي تھذيب تہ ڏيئي سگھون ٿا. اسين اوھان کي ذوالفقار علي ڀٽو ڏيئي سگھون ٿا جنھن کي ڦاھيءَ تي چاڙھيو ويو. اسين رسول بخش پليجو ڏيئي سگھون ٿا جنھن کي ڪوٽ لکپت ۾ اَٺَ سال قيد ڪيو ويو. اسين اوھان کي شيخ اياز ڏيئي سگھون ٿا جيڪو ساھيوال جيل ۾ قيد رھيو. اسين اوھان کي جي . ايم . سيد ڏيئي سگھون ٿا جنھن کي غدار قرار ڏنو ويو. حيدر بخش جتوئي ڏيئي سگھون ٿا. اسين اوھان کي بينظير ڀٽو ڏيئي سگھون ٿا جنھن کي راولپنڊي جي رستن تي قتل ڪيو ويو.
اسين ھٿياربند ناھيون. اسين انتھاپسند ناھيون. اسين ڊرگ مافيا ناھيون. اسين ھيومن ٽريفڪرز ناھيون جو اوھين اسان سان ڳالھيون ڪريو. اسين ماڻھن کي واجب القتل قرار ڏيندڙ ناھيون. انڪري اسين ڳڻپ ۾ شمار نٿا ڪيا وڃون. اسين اوھان کي ٻاھتر ڏھائي پنج سيڪڙو گئس تہ ڏيئي سگھون ٿا. ٽي صوبا ستاويھ ڏھائي پنج سيڪڙو گئس ڏين ٿا، سنڌ (صوبو) ٻاھتر ڏھائي پنج سيڪڙو گئس ڏئي ٿو. پاڪستان جو اٺونجاھ ڏھائي پنج سيڪڙو پئٽرول سنڌ (صوبو) ڏئي ٿو. دنيا جو ڇھون وڏو ڪوئلي جو ذخيرو سنڌ ۾ آھي. ستر سيڪڙو ٽئڪس سنڌ (صوبو) ڏئي ٿو. بندرگاھ سنڌ ۾ آھي. پر سنڌ کي ڪير بہ ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونھي ڪو. ھن ملڪ ۾ اسانکي ٻڌو ئي ناھي ويو. اسان جي راءِ جي حيثيت ئي ناھي. ھتي عدليہ جي ڳالھ ٿي رھي آھي .عدليہ جي حوالي سان، پاڪستان جي تاريخ ۾، ھن کي ڌٻڻ مان ڪڍڻ وارو چيف جسٽس، جنھن اچي ايمرجنسي کي رد ڪري ڇڏيو، جنھن مشرف جي سموري بربريت ۽ جبر جي ڦيٿي کي اونڌو ڪري ڇڏيو، راڻا ڀڳوان داس جو ڪو قدر ناھي. ان جو ڪو ذڪر نٿو ٿئي. ڪالھ سمورو ڏينھن راڻا ڀڳوان داس جو ڪو ذڪر ٿيو!؟ ان کان اڳ ڪو ذڪر ٿئي ٿو!؟ نہ ٿو ٿئي. ڪو نہ ٿيندو ذڪر سجاد علي شاھ جو جيڪو ڄمي بيھي رھيو ھو. ڪو نہ ٿيندو ذڪر جسٽس جوڻيجي جو جنھن نامزدگيءَ جا فارم رد ڪري ڇڏيا ھئا. ذڪر ناھي. ڇو جو پرتيَ ويٺا آھيون. پريَ . . . پريَ . . . پريَ . . . ھِتان کان ھزارين ميل پري ماڻھو ويٺـا آھن. اُنھن جو آواز، پاڪستان جي ميڊيا جو پسنديدہ آواز ناھي. پاڪستان جي ٽاپ ميڊيا جو پسنديدہ آواز ننگر پارڪر، ڇاڇرو ۽ ڏيپلو ناھي جتي ٻارڙا مرن پيا. ڪالھ ھڪ ٻارڙو ڪانت ڪمار، ھڪ ستن اٺن سال جي ٻارڙي کي ڪالھ ٻٻرلوءِ ۾ _ خيرپور ۾ جنسي ڏاڍائي ڪري ماريو ويو آھي. ڪجھ ڏھاڙا اڳ ھڪ نوجوان ناظم جوکيو ماريو ويو. پاڪستان ۽ ننڍي کنڊ ۾ ڪو شخص اھڙي طريقي سان مدر نيچر جي لاءِ ، اھڙي طريقي سان ماحوليات جي لاءِ، اھڙي طريقي سان پنھنجي جنگلي جيوت جي لاءِ وڙھيو آھي !؟ جھڙي طريقي سان ناظم جوکيو عرب شڪارين جي آڏو ڀت بڻجي بيھي رھيو، ان کي قتل ڪري ماريو ويو. اڄ ان جي ڀاء کي مينيج ڪيو ويو، ان جي ڀاء کي ۽ ان جي زال کي قيد ڪيو ويو آھي. ڇو جو ان جي زال ڪيس ۾ فريادي ٿيڻ گھري ٿي. ھن جي زال، اسان جي ڀيڻ، شيرين جوکيو قيد ۾ آھي ھن وقت بہ. اسان جي ھڪ ٻي ڀيڻ فھميدہ سيال قرآن پاڪ ھٿ ۾ جھليو بيٺل آھي ۽ ان کي گولين سان پرڻ ڪيو ويو آھي. ڪو سوئوموٽو ٻڌڻ آيو اٿَوَ؟ ھا ! فريال گوھر جي ھٿ ۾ ڪا ٿيلي ھجي تہ ان تي تہ سوئوموٽو ٿي ٿو وڃي. ان تي تہ سوئوموٽو ٿئي ٿو. پر ھُتي فھميدہ سيال جي قتل تي، ھُتي ناظم جوکيو جي قتل تي، ڪو آواز بلند نٿو ٿئي. ھُتي ڪنڌڪوٽ ۾ ميمونہ سومرو نالي ٻارڙي قتل ڪئي وئي، ھُتي قرت العين بليدي کي قتل ڪيو ويو آھي حيدرآباد ۾. ڪو ڳالھائڻ وارو ناھي. ڇو جو ايجنڊا تي ناھي.
سنڌ جي ماڻھن کي تہ اسٽيريو ٽائيپ بڻايو ويو آھي نہ. سائين سرڪار… وَڊيِ سرڪار… سنڌ جا ماڻھو انھن جي نگاھ ۾ حڪمران طبقي جا پنج سئو يا ھڪ ھزار ماڻھو آھن. جيڪڏھن اُھي ڪرپٽ آھن ۽ آئون اھو نہ چوندس تہ اُھي ڪرپٽ ناھن. اُھي بلڪل آھن. سنڌ جي حڪمران طبقي جا ماڻھو پنجاب جي حڪمران طبقي جي ماڻھن کان وڌيڪ ڪرپٽ آھن. اھو ھڪ سنڌي ھجڻ جي حيثيت سان آئون تسليم ڪريان ٿو تہ سنڌ جي تباھي ۽ برباديءَ ۾ جتي اسلام آباد جو ڪردار آھي اُتي سنڌ جي تباھيءَ ۽ برباديءَ ۾ اسلام آباد کان وڏو ڪردار سنڌ جي حڪمران طبقي جو آھي. مگر اھو حڪمران طبقو بہ تہ اسان تي مَڙھَڻ وارا اوھان ئي آھيو جيڪي اسلام آباد ۾ ويٺا آھيو. اوھان ئي انھن کي اسان تي مَڙھيو ٿا ۽ پوءِ وري چئو ٿا تہ ”ڀوڳيو“. ھي اوھان جا ماڻھو آھن. اِھي اوھانجي سِرَ تي ويٺل رھندا. انھن کي اوھان ڪڏھن پنھنجي بِي ٽيم ٺاھيو ڇڏيو. ڪڏھن انھن کي عارضي طور تي پنھنجو مخالف بڻائي، ھيرو بڻايو ٿا ڇڏيو، پوءِ اُھي ھيرو بڻجيو وڃن ۽ ھيرو بڻجي پوءِ ايندڙ پنج سال وري سنڌ کي تباھ ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لھي ايندا آھن. سنڌ ۾، اوھان کي خبر آھي سنڌ جي ارڙھن ضلعن جي لاءِ سنڌ ھاءِ ڪورٽ چيو آھي تہ ماڻھو اتي گٽر شامل ٿيل پاڻي واپرائين پيا. خراب پاڻي نہ ! گدلو پاڻي نہ ! گٽرن جو مليل پاڻي.ارڙھن ضلعن ۾گٽرن جي لائين ۽ پاڻيءَ جي لائين ڳنڍي پئي آھي، سنڌ ھاءِ ڪورٽ ٿي چوي، آئون ڪو نہ پيو چوان.
سنڌ، جتي ھن وقت ٻيلا ڪٽجي چڪا آھن، ڪچي جا علائقا وڏيرن ۽ جاگيردارن وٽ آھن. اسلام آباد مان اچي اوھين اسانجي ڳوٺن جون لکين ايڪڙ زمينون ڪراچيءَ ۾ بلڊر مافيا جي حوالي ٿا ڪري ڇڏيو. ۽ بلڊر مافيا ۾ ڪير ويٺل آھن. انھن جا ڀاڱي ڀائيوار سنڌ جي حڪومت جا ماڻھو، انھن جا اڳوڻا آفيسرز، اڳوڻا فوج جا ڪرنلز ۽ برگيڊيئرز. . . بحريا ٽائون جي سڄي ايڊمنسٽريشن تہ اھي آھن. اھي اتي ويٺا آھن. ھنن سنڌ جي ڳوٺن کي مسمار ڪري ڇڏيو. سنڌ جا ٻيٽَ جيڪي سنڌ جي حدن جو حصو آھن. پاڪستان جي آئين مطابق جيڪو پاڪستان جو پاڻي آھي ان جو پھريون حصو انٽرنيشنل واٽر کان اڳ سنڌ صوبي جي ملڪيت آھي. چون ٿا انھن تي ٻيٽَ ٺاھينداسين. سنڌ جي زمين ڦٻائي ويائو، سنڌ جا وسيلا ڦٻائي ويائو. ۽ پوءِ بہ سڀني کان وڌيڪ گئس جي لوڊشيڊنگ سنڌ ۾ آھي. سڀني کان وڌيڪ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ سنڌ ۾ آھي. انھن کي اوھان اھو ڊڪليئر ڪري ڇڏيو آھي تہ ھي ھڪ فتح ٿيل علائقو آھي ۽ اھو پٽيَ تي ڏنل آھي. اڪبر بادشاھ اھو پٽي تي فلاڻي خان خانان کي ، بِيربل کي ڏيئي ڇڏيو آھي.
پھرين جيڪا نواز شريف صاحب جي حڪومت ھئي، اسان جو سائين پرويز صاحب ويٺل آھي، پھرين نواز شريف صاحب جي حڪومت ۾ بہ چيو ويو تہ زرداري صاحب جي معاملن ۾ مداخلت نہ ڪنداسين. اوھان ڄاڻو اوھان جو ڪم ڄاڻي. ھينئر بہ پي. ٽي. آئي جي حڪومت چئي ڇڏيو آھي تہ اسين بيان شيان جاري ڪنداسين. ڇو جو پي.ٽي.آئي پاڻ پاڪستان جي ماڻھن کي تباھ ڪرڻ ۾ اڳيان اڳيان آھي. مھانگائي، ظلم، جبر، دوائون، اٽو، ڪڻڪ، سڀ شيون تباھ آھن. ھاڻي چون ٿا تہ ھنن سان وڌيڪ ڪنفرنٽ ناھي ڪرڻو. نواز شريف ۽ پي.ٽي.آئي جي ويڙھ ۾ سنڌ کي ھڪ ڀيرو ٻيھر بِي ٽيم ٺاھي پاسيرو رکيوويو آھي تہ انھن کي (وقت آھر) استعمال ڪرڻو آھي. نتيجو اسان کي ڀوڳڻو پيو پوي. قيمت اسانکي ڀرڻي پئي پوي. اسان تباھ ۽ برباد ٿي چڪا آھيون، آئون اوھان وٽ شڪايت کڻي آيو آھيان. ھينئر مونکي مختصر ڪرڻ لاءِ چيو پيو وڃي. ٻيو رائونڊ ٿيڻو آھي. آئون اوھانکي ايترو ٻڌايئندو وڃان تہ اھڙي ئي طريقي سان ٽريٽ ڪيو ويو ھوڪجھ ماڻھن کي ۽ چيو ويو ھو تہ چئن فُٽن جا ماڻھو آھن، پنجن فُٽن جا ماڻھو آھن، موسلِي (مڇلي يا مڇي) کائيندڙ آھن، جاھل آھن، چريا آھن، اھي ڇا ڪري سگھندا. سنڌ جي ماڻھن کي اوھان ڀت سان لڳايو پيا اسلام آباد جا حڪمرانئو! ائين ڪندائو تہ ان جي تمام وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندوَ. اسين تہ اُھي ماڻھو آھيون جيڪي حق جو حصو گھرئون ٿا. اسين چئون ٿا تہ پاڪستان اسانجو ملڪ آھي. ھن ملڪ ۾ اسانکي برابريءَ جو حصو ڏنو وڃي. پر پٺتي جيڪي ٻيا ماڻھو ويٺل آھن، اُھي جيڪڏھن ٻاھرين طاقتن جي وسيلي مئنيج ٿي ويا تہ پوءِ ان جا انتھائي ڀوائتا نتيجا نڪرندا. مھرباني
***