لاهور گلبرگ واري علائقي ۾ باهه لڳڻ سبب ڪروڙين رپين جو سامان سڙي خاڪ ٿي ويو
گلبرگ ۾ واقع حفيظ سينٽر ۾ باهه لڳڻ سبب ڪروڙين رپين جو سامان سڙي خاڪ ٿي ويو آهي. رپورٽ موجب لاهور جي علائقي گلبرگ ۾ واقع حفيظ سينٽر ۾ لڳندڙ باهه جي نتيجي ۾ ڪروڙين رپين جي ماليت جو سامان سڙي خاڪ ٿي ويو. سڄي شهر مان 30 کان وڌيڪ فائر برگيڊ ۽ ريسڪيو جون گاڏيون باهه وسائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهن، پر اڃان تائين باهه تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو آهي.

