خاص

لاهور ۾ ڌماڪو، 3 ڄڻا مارجي ويا، 25 زخمي

لاهور لوهاري گيٽ ويجهو ڌماڪي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. لاهور جي علائقي لوهاري گيٽ تي دڪانن جي ويجهو ڌماڪو ٿيو. ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون ۽ علائقي کي ڪڙو چاڙهي امدادي ڪارروائيون شروع ڪيون، ڌماڪي واري جاءِ کي سيل ڪيو ويو آهي. ريسڪيو ذريعن موجب ڌماڪي جي نتيجي ۾ 25 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن جن کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ آهي ته ڌماڪو هڪ لڳي 45 منٽن تي ٿيو جنهن بابت بم ڊسپوزل اسڪواڊ ڪم ڪري رهيو آهي. ذريعن موجب ڌماڪي واري جاءِ تي کڏو ٿي ويو آهي ۽ فارنزڪ ٽيمون شاهديون گڏ ڪري رهيون آهن.