لوئي الويريز Luis Alvares
لوئي الويريز Luis Alvares
اعجاز منگي
لوئي الويريز سان فرانسسڪو آمريڪا ۾ ڄائو هو 1911ع ۾ جنم وٺندڙ هي سائنسدان 1988ع ۾ جهان ڇڏي ويو، سندس ڪمن تي هڪ نظر وجهون ٿا.
- ڪي اليڪٽران ڪيپچر
- K Electron Capture
پاڻ ڪي اليڪٽران ڪيپچوئر کي ڪي اليڪٽرانڪ پڪڙ چئون ٿا ڪنهن به تابڪار ائٽمن کي نئين عنصر ۾ تبديل ڪرڻ جو هڪ طريقو اهو به آهي ته مدار Nucleus جي چوڌاري ڦرندڙ اليڪٽران کي مدار پڪڙي وٺي. مدار اليڪٽران ۽ پروٽان جو ٺهيل هوندو آهي. جڏهن هڪڙو اليڪٽران مدار ۾ ڪري پوي ۽ اهو پروٽان ۾ تبديل ٿي مدار جو حصو ٿي وڃي ته نئين ائٽم ۾ هڪ پروٽان گهٽ هوندو.
ان ڳالهه کي گهڻن سائنسدانن لکيو ته هو، پر ان تي ڪنهن تجربو نه ڪيو هو. الويريز 1937ع ۾ هڪ تجربو ڪري ان ڳالهه کي ثابت ڪيو.
ڪاربارن 10- ۾ 6 پروٽان ۽ چار نيو ٽران ٿين ٿا. ڪاربان 10- مان جڏهن هڪ پروٽان مدار جو حصو ٿي ويو ته پويان 5 پروٽان ۽ 5 نيوٽران بچندا ۽ ان سان هڪ نئون عنصر يوران 10 ٺهندو ۽ ان سان گڏ نيوٽرينو Neutrino ۽ ايڪسري خارج ٿيندا.
الويريز جي ان تجربي بعد فزڪس ۾ اها ٿيوري حقيقت ٿي وئي، جنهن جي بنياد تي ايڪسري مشينون ڪم ڪن ٿيون
- هوائي تحفظ:
الويريز هڪ ڀلوڙ پائليٽ به هو، 1941ع ۾ هن هڪ اينٽينا ٺاهي جيڪا ريڊار جي شڪل ۾ هئي. ان اينٽينا جي ذريعي ڪنٽرول روم ۾ ويٺل عملي کي جهاز جي اصل مقام جي بلڪل صحيح خبر پئجي سگهي پئي. ان اينٽينا جي ٺهڻ بعد ڪنٽرول روم جي عملي کي جهاز کي لينڊ ڪرائڻ ۾ انتهائي آساني ٿي وئي. جڏهن موسم خراب ٿي ويندي هئي ته اسٽاف کي جهاز جي پوزيشن جي خبر نه پوندي هئي يا پائليٽ جڏهن سيکڙاٽ هوندو هو ته غلطي جو انديشو رهندو هو هن ايجاد سان هوائي جهازن جو تحفظ ۽ مسافرن جو تحفظ وڏي حد تائين وڌي ويو.
- نيو ڪلائي هٿيار:
ٻي جنگ عظيم دوران لوئي الويريز کان اهو سوال ڪيو ويو ته ڇا اهو معلوم ڪري سگهجي ٿو ته جرمني ائٽم بم ٺاهي پيو. هن کي اها خبر هئي ته جڏهن به ائٽم بم ٺهندو آهي ته ان مان تابڪار گئسون هوا ۾ خارج ٿينديون آهن. جيئن زينان 133 Xenon-133 انهن تابڪاري گئسن کي صحيح آلي سان معلوم ڪري سگهجي ٿو.
الويريز چيو ته جرمنيءَ جي مٿان جهاز اڏاريون ٿا، جنهن ۾ تابڪار شعائن کي پڪڙي معلوم ڪرڻ جا آلا لڳل هجن. اهو جهاز سڄي جرمنيءَ جو چڪر لڳائي واپس اچي ويو، پر اهڙا ڪي ثبوت نه مليا. ٻي جنگ عظيم جي خاتمي بعد ساڳي طريقي سان اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته دنيا ۾ ڪٿي نيو ڪلائي هٿيار ته نه پيا ٺهن.
- ائٽم بم:
الويريز ائٽم بم کي ڦاڙڻ جو برقياتي Electrical طريقو ڳولهي لڌو هو. ان کان علاوه هن ۽ سندس شاگرد ائٽم بم مان نڪرندڙ توانائي کي ماپڻ لاءِ پڻ اوزار ايجاد ڪري ورتو هو. جڏهن ٻي جنگ عظيم دوران جاپان جي شهرين هيرو شيما ۽ ناگا ساڪي تي ائٽم بم اڇالايا ويا ته الويريز پنهنجي شاگرد سان ان جهاز ۾ موجود هو ته جيئن ائٽم بم جي طاقت جو اندازو لڳائي سگهي.
- مصر جا احرام:
الويريز مصر جي احرامن ۾ لڪل ڪوٺڙين کي ڳولهڻ لاءِ خلا مان ايندڙ شعائن Cosmic Rays کي استعمال ڪري ايڪسري جي نموني جو فوٽو وٺڻ جو سوچيو. هن خلائي شعائن کي معلوم ڪرڻ وارا اوزار مصر جي احرامن ۾ لڳايا. الويريز ڪافي تجربن بعد هي نتيجو ڪڍيو ته مصر جي احرامن ۾ اهڙيون ڪي به ڪوٺڙيون ناهن.
هن اهي تجربا 1967ع ۾ ڪيا هئا.
- ڊائنوسارن جو مرڻ:
الويريز پنهنجي پيءُ والٽر جيڪو ڌرتي دان هو ان کي پنهنجو هڪ مسئلو ٻڌايو ته پٿرن کي هڪ سرمئي رنگ جو تهه ڄميل آهي. تهه غير معمولي آهي ڇو ته پوري دنيا ۾ ملي ٿو ۽ ان تهه جي عمر جتي ڪٿي هڪ آهي. يعني ساڍا ڇهه ڪروڙ سال ان تهه جي هيٺان ڊائنو سارن جو پٿر ٿي ويل باقيات آهن، پر ٻاهران اهڙيون ڪي به نشانيون نه آهن.
شڪ اهو آهي ته ڊائنو سار ۽ ان زماني جون ٻيون ساهه واريون شيون جيڪي هن تهه جي وجود کان اڳ جون هيون اهي ختم ٿي ويون هونديون.
هي بلڪل نئون مسئلو ٿي سامهون آيو هو. پيءُ پٽن وڏي مغز ماري ڪئي ۽ ان نتيجي تي پهتا ته جيڪڏهن ان سرمئي تهه جي هڪ سينٽي ميٽر اونهائي ٺهڻ جو ٽائيم ڳولهي لڌو وڃي يعني ڪيتري عرصي ۾ اهو تهه هڪ سينٽي ميٽر گهرو ٿيو ته انهن کي ڊائنو سارن جي مرڻ جي ٽائيم جو اندازو ٿي ويندو.
ڌرتي جي ڪرسٽ Crust تي اريڊيم Iridium ۽ ميٽيو رائٽ Meteorite جي ٽڪرائجڻ سان ٺهندو آهي.
ڪافي تحقيق بعد الويريز اهو ٻڌايو ته ساڍا ڇهه ڪروڙ سال اڳ 10 ڪلو ميٽر قطر جو ميٽيو رائٽ شهاب ثاقب جنهن جي رفتار 25 ڪلو ميٽر في سيڪنڊ هئي، اهو ڌرتيءَ سان اچي ٽڪرايو هو ان سان به پٿريلي مٽي Rock Dust جا بادل ٺهيا هئا جنهن سان سج جي روشني ڌرتيءَ تي نه پئي پهچي سگهي، ان سان ٻوٽا سڙي ختم ٿي ويا ۽ ٿڌ وڌي وئي هئي جنهن سان ڊائنوسار بک ۽ سردي ۾ مري ويا هئا.
هائيڊروجن ببل چيمبر:
1953ع ۾ الويريز پنهنجي هڪ شاگرد سان ڪچهري ڪري رهيو هو ۽ شاگرد جنهن جو نالو ڊونلڊ گليسر Donald Glacer هو ان کيس ٻڌايو ته هن هڪ ببل چيمبر ٺاهيو آهي. جنهن سان ائٽم جي ننڍڙن ذرن Sub Atomic Particles کي معلوم ڪري سگهجي ٿو. گليسر کي هن ايجاد تي 1960ع ۾ نوبيل پرائز مليو.
گليسر جي چيمبر ۾ Liquid Ether استعمال ڪيو هو. الويريز ان کي بهتر ڪيو ۽ هائيڊروجن پاڻياٺ جي شڪل ۾ استعمال ڪيو. ان سان ننڍڙن ذرن کي بهتر طريقي سان معلوم ڪري سگهجي پيو.
الويريز کي 1968ع ۾ فزڪس ۾ خدمتن جي عيوض نوبيل پرائز مليو.
الويريز 1988ع ۾ ڪينسر سبب مري ويو، سندس پونئرن ۾ ٻه زالون ۽ چار ٻار هئا.