مائرون اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون…

الطاف شيخ جو سفر نامون “وري ياد آيا”

مائرون اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون…

الطاف شيخ

راڌڻ اسٽيشن جو اسان جو شاعر دوست ڊاڪٽر ديدار جوڻيجو، اسانجو فئملي ڊاڪٽر به آهي. هو ڪراچي جي جناح اسپتال جي شعبه نومولود (Department Neonatology) جو هيڊ ٿي رهيو ۽ هاڻ گذريل سال رٽائرڊ ٿيڻ تي”ٽن تلوارن“ وٽ هلال احمر واري بلڊنگ ۾ هفتي جا ٽي ڏينهن پنهنجي ڪلينڪ ۾ مريض ڏسي ٿو باقي ڏينهن هو پنهنجي دوستن يارن ـــ خاص ڪري اديبن، سان ملي جلي ٿو ۽ شعر و شاعري ڪري ٿو. هو ”ٿوري ڪمائي، گهڻي برڪت“ ۾ يقين رکي ٿو ۽ سڄي زندگي سادگي ۽ مسواڙ جي گهر ۾ گذاري اٿس. هاڻ رٽائرمينٽ تي مليل فنڊ مان ننڍڙو فلئٽ ورتو اٿس. رب پاڪ هن جي هٿن ۾ شفا ڏني آهي سو امير توڙي غريب هن جي ننڍڙي ڪلينڪ ۾ موجود هوندا آهن. ڪيترا دفعا مونکي ڪراچي جي ڏورانهن علائقن بابا ڀٽ ٻيٽ ۽ ملير لانڍي کان جاتي ۽ ڪيٽي بندر کان آيل مريض نظر آيا هوندا.. جيڪي خبر ناهي ڪيئن فقط ڀاڙو ڀري هن وٽ پهچن ٿا. هن جو پنهنجي ڪمپائونڊر کي چيل آهي ته ڪنهن کي في ڏيڻ جي طاقت نه آهي ته ان کان نه وٺندو ڪر. پئسي جي لالچ نه هجڻ کان علاوه سندس خرچ به گهٽ آهن جو هن جي ننڍڙي فئملي آهي ـــ بلڪه تمام ننڍڙي فئملي! پاڻ، گهر واري ۽ هڪ ڌيءَ درِ شهوار. پاڻ ڳوٺ جو ٿي ڪري تعليم تي توجهه ڏنائين ۽ هميشه پوزيشن کنيائين. اهڙيءَ طرح پاڻ پنهنجي ڌيءَ کي به پني جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ نه پر علم حاصل ڪرڻ جي تاڪيد ڪندو آيو. درِ شهوار پنهنجي والد ۽ چاچن اکين جي ماهر ڊاڪٽر تميز جوڻيجو ۽ انجنيئر نذير جوڻيجو وانگر سٺن گريڊن سان گرئجوئيشن ڪئي. ٻه ٽي مهينا اڳ ڊاڪٽر ديدار کان در شهوار جو پڇيم ته هن ٻڌايو ته ”هن Law ڪيو آهي ۽ جج ٿيڻ ٿي چاهي جنهن جو ٽيسٽ ۽ انٽرويو ٿيڻ وارو آهي.“ ۽ پوءِ ڪجهه سيڪنڊن لاءِ سوچي، مونکان پڇيو: ”ڪو جج سڃاڻو اٿانوَ؟“ ۽ آئون اهو چوڻ جو سوچي رهيو هوس ته آهن ته صحيح پر ان معاملي ۾ سفارش ڪرڻ تي نه منهنجو ضمير چوندو ۽ نه ڪو جج اسان جي ٻڌندو. جي ڪو ٻڌي ۽ عمل ڪري ته اهو ئي چئونس ته ”سائين انصاف ڪجو. ڪنهن جو حق نه مارجو“. پر اسانجو معاشرو اهڙو تباهه ٿي چڪو آهي جو ان ۾ نه اخلاق رهيو آهي نه خدا جو خوف. گهڻي ڀاڱي ماڻهن جو وڏو پير پئسو ٿي چڪو آهي. جتي ڪلارڪ ۽ قاصد جي نوڪريءَ لاءِ چار چار پنج پنج لک رپيا ورتا وڃن اتي سترهين ارڙهين گريڊ لاءِ ڇا ته پئسي جي گهر ٿيندي هوندي! ڪيترن جو ته پئسو ڏيڻ تي به ڪم نٿو ٿئي. جڏهن به ڳوٺ ويندو آهيان ته ننڍپڻ جي هڪ ڪلاس ميٽ کي دانهيندي ٻڌندو آهيان ته فلاڻو آفيسر، دوست هوندي منهنجا هيترا لک به کائي ويو ۽ منهنجي پٽ کي نوڪري به نه وٺرائي ڏنائين. آفيسر جو سچو يا ڪوڙو اهو ئي راڳ ته ”سائين پئسا مٿي واسطيدار ڪاموري ۽ سياستدان کي پهچايم، هاڻ نوڪري جو ليٽر اِشو نه ٿيو ته آئون ڇا ڪريان.“

 ديدار جي پُڇيل سوال تي منهنجي جواب ڏيڻ جي نوبت نه آئي جو هن پاڻ ئي وراڻيو ”الطاف! جج ۽ ٻيا سرڪاري ڪامورا ۽ سياستدان ته منهنجا به سڃاڻا آهن. ڪي ته مون وٽ علاج لاءِ به اچن ٿا پر آئون پاڻ به سفارش جي خلاف آهيان. مثال طور: منهنجي چوڻ تي ڪو منهنجي ڌيءَ کي نوڪري ڏئي ۽ اصل ۾ هوءَ ميرٽ تي نه هجي ته پوءِ ته اهو وڏو گناهه جو ڪم ٿيندو. اهو ٿيندو ڪنهن ٻئي جي حق تي ڌاڙو هڻڻ.“

ڪجهه ڏينهن گذرڻ بعد ڊاڪٽر ديدار کان پڇيم ته هن در شهوار لاءِ ڪنهن کي سفارش ڪئي يا نه؟

“سفارش ته مون نه ڪئي پر پنهنجي ڌيءَ کي سمجھائي ڇڏيم ته هوءَ الله تي رکي. هن وڏي محنت سان پڙهائي ڪئي آهي ۽ سٺي طرح ٽيسٽ ڏنا آهن جي هن جي چونڊ نه به ٿي ته ان ۾ رب پاڪ جي بهتري سمجھبي“.

دل ۾ چيم ته ڇا ڪجي…. رشوت خور آفيسرن ۽ ڪرپٽ سياستدانن کي ويهي پٽجي يا پنهنجو منهن مٿو پٽجي. سڌريل ملڪن ۾ هن قسم جي ڳالهه ڪر ته اهو ئي ٿا چون ته اهڙن سياستدانن کي ووٽ ڇو ٿا ڏيو. هاڻ کين ڪير ٻڌائي ته اسان ووٽ نٿا ڏيون ته به هو بنا ووٽ جي به چونڊجيو وڃن. اسان وٽ سرڪاري آفيسر عوام جا خذمتگار يا مددگار نه پر انهن وزيرن سياستدانن جا ذاتي نوڪر آهن ۽ اهي نوڪري نه پر بزنيس ڪري رهيا آهن. هنن پاڻ پئسو ڏئي نوڪري حاصل ڪئي آهي ان انويسٽمينٽ تي هو مور ۽ فائدو ڪمائڻ لاءِ رشوت جي مارڪيٽ گرم رکن ٿا.

سوچڻ جي ڳالهه آهي ته هڪ پوليس وارو جيڪو ماءُ جا زيور يا پيءُ جي ڇڏيل ٻه جريب زمين وڪڻي 8 لک روپيا رشوت جا ڏئي نوڪري وٺي ٿو، ان کي عوام جي خذمت مان ڪهڙو فائدو رَسندو. هو ته چور، ڌاڙيل ۽ اغواڪار جي ئي مدد ڪري پنهنجو قرض لاهي سگهي ٿو.

گذريل هفتي ملائيشيا کان جيئن ڪراچيءَ پهتس ته ڊاڪٽر ديدار جوڻيجو سان ملاقات تي هن وڏو ڀاڪر پائي چيو ”يار ڪمال ٿي ويو! بنا سفارش ۽ رشوت ڏيڻ جي درِ شهوار جج واري چونڊ ۾ ڪامياب ٿي وئي.“

مون کلندي چيومانس ته مونکي درِ شهوار جي ڪاميابيءَ تي خوشي ۽ حيرت ناهي جو هڪ ٽيچر جي حيثيت ۾ هن کي ڏسندو اچان ته هوءَ هڪ ذهين ۽ محنتي ٻار آهي. خوشي ۽ حيرت مونکي ان ماڻهوءَ تي ٿي آهي جنهن ايمانداريءَ سان امتحان ورتو آهي. تنهن جي معنيٰ هي اسانجو ملڪ جيڪو ههڙين ڏکين حالتن ۾ به هلي رهيو آهي ان ۾ ڪي نيڪ انسان به آهن. هو ڇا شاهه لطيف چيو آهي ته: ”اڃان ڪي آهين ڪلجڳ منجهه ڪاپڙي.“

منهنجي لاءِ اهو هڪ خوشگوار هوا جو تازگي بخشيندڙ جھوٽو هو. انصاف ۽ بنا رشوت يا سفارش جي چونڊيل آفيسر پاڻ به عوام سان انصاف ڪري سگهي ٿو. آئون اهڙا به آفيسر سڃاڻان، جيڪي وزيرن، سياستدانن، پيرن، ميرن جو اولاد هجڻ ناتي، پڙهائي ۽ ڄاڻ ۾ چٽ هجڻ جي باوجود، وڏن عهدن تي ويٺا آهن جن کي انگريزي جو هڪڙو جملو به صحيح لکڻ نٿو اچي. هنن جو سڄو زور پنهنجن ٽائوٽن ذريعي سائل مان پئسو ڪڍڻ ۽ غريبن جي زندگيءَ سان راڱا ڪرڻ آهي.

مٿين ڳالهه کي اڃان ڪجهه ڏينهن مس ٿيا ته هڪ سنڌي اخبار (ڪاوش) ۾ پنهنجي پسنديده ڪالم نويس نثار کوکر جو ڪالم پڙهيم. عنوان هوس ”ٿينڪ يو چيف“. ان ڪالم مان مونکي خبر پيئي ته نه فقط ڪراچيءَ مان اسانجي دوست ڊاڪٽر ديدار جوڻيجو جي ڌيءَ سان انصاف ٿيو آهي پر سنڌ جي مختلف ضلعن مان 158 نوجوانن کي پڻ سول ججن ۽ مئجسٽريٽن جي حيثيت ۾ ارڙهين گريڊ ۾ بنا ڪنهن سفارش ۽ بنا ڪنهن رشوت جي چونڊيو ويو آهي. نثار کوکر سان آئون سهمت آهيان ته هاڻوڪي دجالي دؤر ۾ اهو ڪم ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي. نثار لکي ٿو ته هن چونڊ ۾ ويٺل ڪجهه اهڙا به نوجوان هئا جن کان بار جي ڪجهه عهديدارن ۽ ڪجهه وزيرن مشيرن جي ماڻهن ويهه ويهه لک روپين واري ڊيل ڪئي هئي پر غريب ۽ محنتي نوجوانن جا ڀاڳ ڀلا جو ان سليڪشن ڪميٽي جو سربراهه سنڌ جو هاڻوڪو چيف جسٽس سجاد علي شاهه ڪو ڪرپٽ ڀوتار مافيا جو نمائندو نه هو ۽ هو ميرٽ تي ڪامياب ٿي ويا. انهن ڪامياب اميدوارن مان ڪن جو احوال سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ فيس بڪ تي اچي رهيو آهي ته ڪيئن نه لاڙڪاڻي جي ڪورٽ ٻاهران چانهن وڪرو ڪندڙ چاچي جو پٽ سول جج ٿي ويو آهي ۽ هو اکين مان خوشيءَ جا لڙڪ روڪي نه سگهيو آهي. چيف صاحب کي اندازو آهي الائي ڪونه ته سنڌ جي غريبن وٽ ڪنهن محبتي ماڻهوءَ جي آجيان لاءِ اهي ئي ٻه ٽي لڙڪ ۽ ٻه ٽي گيت وڃي بچيا آهن، ”باقي ته مال کائي وئين سڀ وڏيرا“ وارو ڪم لڳو پيو آهي.

نثار کوکر پنهنجي هن ڪالم ۾ لکي ٿو ته: ”سنڌ جي تاريخ ۾ چيف جسٽس سجاد علي شاهه جو دؤر سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو ته جنهن دؤر ۾ سنڌ جا ڀوتار هڪ پٽيوالي ۽ سپاهي جي نوڪري ٽن چئن لکن ۾ وڪرو ڪري رهيا آهن، ان دؤر ۾ پورن هڪ سؤ اوڻونجاهه نوجوانن کي ميرٽ تي مفت ۾ ارڙهين گريڊ جون نوڪريون مليون آهن. هڪ باعزت روزگار سان گڏ کين اهو موقعو به مليو آهي ته هو عدل ۽ انصاف واري سنڌ قائم ڪرڻ ۾ مددگار ٿين. هاڻ اهو ڪامياب نوجوانن مٿان فرض آهي ته هو سنڌ جي غريب ۽ لاچار ماڻهن جون تڪڙيون شنوائيون ڪن ۽ تڪڙا فيصلا ڏين ته جيئن عدالتن مٿان عوام جو اعتماد وڌيڪَ بحال ٿئي. عدالتي ڪيس تڪڙا اڪلائڻ سان گڏ ڇا اهي نوجوان اهو به عزم ڪندا ته هو پنهنجي ڪئريئر تي توجهه ڏيندا ۽ ننڍين عدالتن ۾ هلندڙ رشوت جي بازارين ۾ پنهنجي ميرٽ يا پنهنجي نالي کي ميرو نه ڪندا. اميد آهي ته انهن نوجوانن جي اڪثريت سنڌ جي ايماندار ججن جي هڪ ڊگهي قطار جوڙيندي“.

نثار کوکر ان ڪالم ۾ وڌيڪَ لکي ٿو ته: ”مون کي خبر ناهي ته چيف صاحب هي منهنجو سنڌي ۾ لکيل ڪالم پڙهندو يا نه پر مونکي اها خوشي آهي ته هن ڪراچيءَ جو اردو اسپيڪنگ جج هوندي به اسان سنڌين سان اهڙي ڀلائي ڪئي آهي جيڪا ڪنهن سنڌي ڪاموري يا سنڌي ڀوتار به نه ڪئي هوندي. مونکي سندس هي عملي ڪم ايترو ته پسند آيو آهي، جو منهنجي وس ۾ هجي ته آئون هڪ ڀرپور عوامي ميڙ ۾ کيس سونو تاج نه سهي پر سنڌي پڳ ضرور پارائيندس ڇو ته سنڌ جي ڪرپٽ مافيائن واري دؤر ۾ هن هڪ نئين تاريخ لکي آهي. هن هڪ ڌڪ ۾ ايترا جج کنيا آهن جن ۾ اقليتن ۽ عورتن کي به ميرٽ تي حق ڏنا ويا آهن. انهن ۾ ڪيترا ته اهڙا غريب آهن جن جا پيئر ڏهاڙيءَ تي ڪم ڪن ٿا ۽ آڻين ۽ چاڙهين واري حساب ۾ آهن جن جي هوشيار ٻارن جو اڄ جي رشوتي ماحول ۾ ڪو به پڇڻ وارو نه هجي ها ۽ هنن جي ميرٽ زندهه ئي دفن ٿي وڃي ها. مقابلي ۾ وهڻ وارا اميدوار ٻڌائين ٿا ته هنن مان ڪامياب ٿيل هڪ گرئجوئيٽ ايڏو غريب هو جنهن کي انٽرويو ۾ پائي وڃڻ لاءِ ڪو سنئون سبتو ڪوٽ به نه هو. هن کي اسان مان هڪ اڌارو ڏنو. ساڳي وقت انهن انٽرويوز دوران هاڻوڪن ٽن ايم پي ايز جا ويجھا عزيز اسڪريننگ مان آئوٽ ٿي ويا هئا. انهن ٻيهر اپيل به ڪئي پر انهن جون مارڪون سامهون آڻي ڳالهه صاف ڪئي وئي ته هاڻ ججن جي مقرري سفارش تي نه ٿيندي.

“سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سجاد علي شاه کي ”ٿينڪ يو“ چوڻ سان گڏ سليڪشن ڪميٽيءَ ۾ شامل جسٽس احمد علي شيخ ۽ ٻين ميمبرن جي به مهرباني جن حڪومتي وزيرن مشيرن جي ڏنل لسٽ کي نظر انداز ڪندي ميرٽ جو هڪ انوکو مثال قائم ڪيو. چيف جسٽس کي ”ٿينڪ يو“ چوڻ جو هڪ سبب اهو به آهي ته سندس هن قدم سان منهنجي سنڌ جي محنتي ۽ پڙهيل لکيل نوجوانن جو ادارن ۾ اعتماد بحال ٿيو ته هڪ ادارو اهڙو به موجود آهي جتان ميرٽ جي اميد آهي ورنه هو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ٿيل تازو تماشو ڏسي ويٺا آهن. هو انهن يونيورسٽين مان ڊگريون وٺي آيا آهن جن ادارن جا سربراهه پوليس آفيسرن جيان ڪروڙن جي رشوت ڏئي پوسٽنگون وٺي آيا هئا. هو انهن گهٽين مان نڪري وڏا ٿيا آهن جتي پٽيوالي ۽ ماستريءَ جي نوڪرين جا واڪ لڳندا هئا. هو ستن سالن دوران پنهنجي شهرن جي انهن گندين گهٽين مان گذريا آهن جتي نوڪرين جا آرڊر ڀوتارن جي بنگلن تي وڪرو ٿيندا هئا. اهڙي جھنگل جي قانون واري دؤر ۾ هڪ غير سنڌي جج جڏهن ميرٽ جي بنياد تي هڪ سؤ کان مٿي جج کڻي ٿو ته يقيناً خوشي ٿئي ٿي ۽ دل چوي ٿي ته کيس ’ٿينڪ يو‘ چيف صاحب چئجي.“

نثار کوکر جو ڪالم پڙهي مونکي ته بيحد خوشي ٿي جو آئون ان خيال جو آهيان ته اسانکي سٺن ماڻهن جو قدر ڪرڻ کپي. اهو ماڻهو جيڪو اسان جي ڌرتي ۽ ان جي رهاڪن جو خيال ڪري ٿو ان جي عزت ڪجي پوءِ اهو چاهي اسان مان هجي يا ڌارين مان. دراصل اها ڳالهه مون ملائيشيا ۾ رهڻ دوران محسوس ڪئي ۽ مون ڏٺو ته ملائيشيا جي ترقيءَ جو وڏو راز ان ۾ ئي سمايل آهي. ملائيشيا وڃڻ کان اڳ ۽ 1968ع ۾ پهريون دفعو پهچڻ تي مون ڏٺو ته هتي جا ماڻهو ته بنهه ڪي ڄٽ آهن. ڊاڪٽري، انجينري، ويندي جهازراني…. ڪنهن ۾ به ڪي قابل نه آهن. انگريزن هنن کي آزادي ڏئي پاڻ ته ٽپڙ ٻڌي هليا ويا پر هي الائي ڇا ڪندا. پوءِ پهريان ڏهه سال کن جهاز هلائڻ دوران منهنجو هن ملڪ ۾ لڳاتار اچڻ ٿيندو رهيو. ان بعد اهڙا ڏهه سال هن  ملڪ ۾ ٽِڪي ڪناري جي نوڪري ڪيم. مون ڏٺو ته ملائيشيا جيڪو اسانجي ملڪ کان هر ڳالهه ۾ پٺتي پيل هو اهو پنهنجي حڪومت جي عقلمندي سان ڇا مان ڇا ٿي ويو. ملائيشيا جي حڪومت تعليم تي زور ڏنو ۽ اعلان ڪيو ته هر هڪ کي تعليم پرائڻي آهي. ان معاملي ۾ هنن هر هنڌ محنتي ۽ هوشيار ٽيچر رکيا ۽ شاگردن کي سخت ڊسيپلين ۾ رکيو. ڪاپي ڪلچر کي اسرڻ نه ڏنائون ۽ نوڪري ميرٽ تي رکي وئي. ٿوري به سفارش يا رشوت هلڻ نه ڏنائون.

ملائيشيا ۾ 50 سيڪڙو مسلمان آهن ته 40 سيڪڙو کن چيني. باقي 10 سيڪڙو ۾ تامل، گجراتي، سک، اسانجا پنجابي ۽ پٺاڻ مسلمان، هندو سنڌي، بنگالي وغيره جيڪي سڀ ”انڊين“ جي خاني ۾ اچن ٿا جو انگريزن جي ڏينهن ۾ انهن جا وڏا برٽش انڊيا کان هتي آيا ۽ ان وقت کان رهيل آهن. ملئي ۽ چينين جي توڙي ملئي ۽ انڊين جي هڪ ٻئي سان هونءَ کڻي خوب لڳي ٿي. هڪ ٻئي سان سياسي ۽ مذهبي اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر آئون ڏسندو اچان ته هر اهو ماڻهو جيڪو ملائيشيا ۽ ان جي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ سٺو ڪم ڪري ٿو ته سڀ ان جي عزت ڪن ٿا ۽ ان کي حڪومت ۽ بادشاهه طرفان انعام ۽ خطاب به ڏنا وڃن ٿا چاهي اهو چيني هجي يا سک يا تامل يا ماڳهين ٻئي ملڪ جو ڌاريو هجي ۽ جيڪڏهن ڪو ڪامورو، سياستدان يا وڏيرو ملڪ ۽ ماڻهن سان خراب ورتاءُ ڪري ٿو ته ان کي نِنديو وڃي ٿو پوءِ اهو ماڻهو چاهي سندن ملڪ جو بوميپترو (Son of Soil) ملئي هجي يعني سندن هم مذهب ۽ هم زبان ملئي هجي _ ان کي ذليل سمجھن ٿا. پر افسوس جو اسان وٽ اهو ڪلچر اچي نه سگهيو آهي. اسان جو سنڌي سياستدان توڙي ڪامورو ٻوڏ جي ستايلن لاءِ مليل امداد به کايو وڃي تڏهن به هن کي فڪر نٿو ٿئي جو هو سمجھي ٿو ته هو سنڌي آهي ان ڪري هن کي سندس صوبي جا سنڌي ماڻهو بخش ڪري ڇڏيندا. ۽ واقعي اسان وٽ ائين ئي ٿيندو اچي…. ويندي اسانجا سنڌي وزير، پنهنجا سيڪريٽري، وائيس چانسلر اسانجي تعليمي ادارن کي تباهه ڪريو پيا هلن…. ڪا پرواهه نه اٿن. ڀاڙي تي رکيل ڪجهه چمچا هنن جي تعريف ڪري ٻين جو وات بند ڪريو ڇڏين. اسان کي جي ترقي ڪرڻي آهي ۽ غريب ۽ حقدار سنڌي نوجوان جو ڀلو ڪرڻو آهي ته اسان کي ملائيشيا کي فالو ڪرڻ کپي…. يعني تعليم جو معيار صحيح رکجي، تعليمي ادارن کي صحيح رکجي، قابل شاگرد کي ميرٽ تي نوڪري ڏيارجي ۽ جيڪو ماڻهو اسانجي ڌرتي ۽ ان جي ماڻهن لاءِ ڀلائي ڪري ان کي داد ڏجي جيئن نثار کوکر ڪالم لکي چيف جسٽس کي داد ڏنو آهي. ۽ وري جيڪو ماڻهو اسان جي ماڻهن سان ظلم ڪري ان کي نندڻ کپي پوءِ اهو ڀلي اسانجو پنهنجو سنڌي وزير، سياستدان، ڪامورو، وڏيرو، ڀوتار ڇو نه هجي. پر ڇا ڪجي اسان جا ڪيترا سنڌي اهڙا درويش صفت آهن جو ان ڳالهه تي به ڏک ڪن ٿا. مون هڪ مضمون ۾ پيٽارو جي ٻن غير سنڌي دوستن جي والدين جي تعريف ڪئي جن جون سنڌ ۾ تعليمي فيلڊ ۾ وڏيون خـذمتون آهن. مون ڏٺو ته ڪجهه پڙهندڙن ان تي اعتراض ڪيو ته مون غير سنڌين جي تعريف ڇو ڪئي آهي. ۽ هاڻ جڏهن نثار کوکر جو ڪالم پڙهيم جنهن ۾ هن لکيو آهي ته: ”مونکي خوشي آهي ته ڪراچي جو جج اڙدو اسپيڪنگ هوندي به اسان سنڌين سان اهڙي ڀلائي ڪئي آهي جيڪا اسانجي ڪنهن سنڌي ڪاموري يا ڀوتار به نه ڪئي هوندي.“

نثار کوکر جو هونءَ به آئون هر ڪالم شوق سان پڙهندو آهيان. سال ٻه اڳ مون سندس ٻه ڪتاب (”مسافر محبتون“ ۽ ”گونگي تاريخ جا ورق“) به پڙهيا هئا. سندس هي ڪالم پڙهي مون فون ڪيومانس ته سٺو ڪم ڪيو اٿئي. ۽ پوءِ کلي چيومانس؛ ”سائين ڳالهه ته ٻڌو! هن ڪالم تي ڪجهه ماڻهن ضرور توتي تنقيد ڪئي هوندي.“

“بلڪل صحيح ٿا چئو. ايتريقدر جو هڪ چيو ته آئون چيف جسٽس صاحب جو مڱڻهار ٿيو پيو هلان. ٿي نٿو سگهي ته جج پئسو نه ورتو هُجي….. وغيره.“

نثار کي مون چيو ته تو صحيح ڪم ڪيو آهي ويهن سالن کان آئون به هن جج کي سڃاڻان ٿو جڏهن هو وڪيل هو. سرڪاري ڪامورا خبر ناهي ڪٿان کان ڪٿان پهچيو وڃن پر هي ان ئي گهر ۾ سادگي واري زندگي گذاري رهيو آهي. نماز لاءِ اسان ساڳي پاڙي جي مسجد ۾ هوندا آهيون جتي ڪيترا ننڍا آفيسر به قيمتي ڪارن ۾ اچن ٿا پر هي شخص جنهن لاءِ تنهنجي ”ٿينڪ يو“ چوڻ وڏو ملهه رکي ٿي، سادي سودي لباس ۾ پيرين پنڌ مسجد ۾ پهچندو آهي.

نثار کوکر کي ته اهو چئي ويٺس پر پوءِ آئون به دل ۾ سوچيندو رهيس ته هن دؤر ۾ ايمانداريءَ سان چونڊ ڪرڻ واقعي ڪمال جي ڳالهه آهي. هيڏي وڏي نوڪريءَ لاءِ، سو به 159 ڄڻن لاءِ، ٿي نٿو سگهي ته مٿان سفارش لاءِ هن تي دٻاءَ نه پيا هجن. ۽ اها به حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته جڏهن اسان جي سکين گهرن جا وزير، مشير، سياستدان، ڪامورا هڪ لک رپيا به نٿا ڇڏين اتي ان لالچ هن تي اثر نه ڪيو هجي. سومهڻي نماز تي اتفاق سان هو ساڳي صف ۾ منهنجي ويجھو ئي بيٺل هو.

جيئن ئي نماز ختم ڪري دعا گهريسين ته آئون به اٿي کڙو ٿيس ۽ چپل پائڻ وقت چيو مانس: ”سجاد! توهان کان مونکي ٻه ٽي سوال ڪرڻا آهن.“

“ضرور ضرور“. هو مسجد جي در وٽ ئي بيهي رهيو.

“بس هلندا ٿا هلون. توهان جي گهر تائين هلندي هلندي پڇي ٿو وٺان جتان پوءِ آئون پنهنجي گهر ڏي مُڙي ويندس.“ مون جج صاحب کي چيو:

جسٽس سجاد علي شاهه سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چوويهون چيف جسٽس آهي. پاڻ انهن ججن مان آهي. جن مشرف دؤر ۾ PCO هيٺ قسم کڻڻ کان انڪار ڪيو هو. پاڻ 14 آگسٽ 1957ع تي P.A.F بيس مسرور (ماڙيپور) ۾ جنم ورتو جتي سندس والد صاحب اليڪٽرانڪ انجنيئر هو. پاڻ 1984ع ۾ گورنمينٽ اسلاميا ڪاليج ڪراچيءَ مان LL.B ۽ 1988ع ۾ ايس. ايم لا ڪاليج ڪراچيءَ مان ماسٽرس ڪئي. وڪالت جو ڪم 1985ع کان شروع ڪيائين. ڪجهه عرصو ايس ايم لا ڪاليج ۾ آنرري طور ليڪچرار به رهيو. سال 2002ع تائين وڪالت ڪيائين ان بعد ڊپٽي اٽارني جنرل ٿي رهيو. 24 آڪٽوبر 2005ع کان سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو.

مسجد کان سندس گهر تائين واڪ دوران مون کيس ٻڌايو ته ڪالهه سنڌي اخبار ڪاوش ۾ نثار کوکر نالي هڪ دلير ۽ حقيقت پسند صحافيءَ جو توهان جي تعريف ۾ ڪالم آيو آهي جنهن کي پڙهي مونکي ڏاڍي خوشي ٿي آهي.“

“ها مونکي به خبر پئي. مونکي جسٽس احمد علي شيخ ٻڌايو.“ جسٽس سجاد علي شاه چيو.

“ڏاڍو سٺو. هن اڳهين لکيو آهي ته خبر ناهي توهان پڙهي سگهندائو يا نه جو اهو سنڌيءَ ۾ آهي.“

“نه نه مون بلڪل پڙهيو. مونکي به ٿوري گهڻي سنڌي اچي ٿي ۽ منهنجي زال ته چڱيءَ طرح پڙهيو وڃي.“

“سچ پڇو ته توهان وڏو نيڪ ڪم ڪيو آهي. جيتوڻيڪ هر هڪ سمجھي سگهي ٿو ته ان چونڊ تي اثر انداز ٿيڻ لاءِ توهان تي ڇا ڇا نه پريشر پيا هوندا پر توهان هميشه وانگر ثابت قدم ٿي ڏيکاريو آهي ۽ توهان ڪنهن جي پرواهه نه ڪئي ۽ غلط ڪم کان پنهنجو پاڻ کي پري رکيو. آئون سمجهي سگهان ٿو ته توهان فقط اهو ڪم صحيح سمجھو ٿا جيڪو رب جي راضپي لاءِ ڪيو وڃي.“

“بلڪل صحيح سمجھيو اٿانوَ. نوڪريون ۽ پئسو اچڻو وڃڻو آهي. مون اهو ئي چاهيو ٿي ته حقدارن کي حق ملي پوءِ اهو ڀلي امير هجي يا غريب. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان وٽ امير جو ٻار محنت نٿو ڪري جو هو سمجھي ٿو ته پئسي جي زور تي نوڪري به حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ غريب جو ٻار پڙهائي ۽ محنت ڪرڻ کان ان ڪري دل شڪستو آهي جو هو ڏسي پيو ته هن کي محنت ڪرڻ جي باوجود نوڪري نٿي ملي… هن جو حق کسيو وڃي ٿو. آئون گئرنٽيءَ سان چئي سگهان ٿو ته هن چونڊ ۾ ڪو هڪ به اهو چئي نه سگهندو ته هو سفارش يا رشوت تي ڪامياب ٿيو آهي.“ جج صاحب ٻڌايو ۽ مون به، کانئس چڱيءَ طرح واقف هجڻ جي باوجود اهو سڀ ڪجهه سندس واتان ٻڌڻ ٿي چاهيو.

جسٽس سجاد شاه چئن سالن جو هو ته سندس والد صاحب فوت ٿي ويو. پاڻ ٻڌائيندو آهي ته سندس والده کيس نپائي وڏو ڪيو. ”هن ئي مونکي ننڍي هوندي کان نماز روزي جو پابند بنايو. هوءَ اڄ تائين مونکي اها تلقين ڪندي رهي ٿي ته ڪنهن جو حق نه کائجي ۽ حرام کان بچي هلجي.“

سجاد علي شاه صاحب جي والده هن وقت نوي سالن جي آهي ۽ پاڻ ٻڌائيندو آهي ته هو جڏهن صبح جو فجر تي اٿندو آهي ته پنهنجي امڙ کي هميشه جاڳندو ۽ قرآن پڙهندو ڏسندو آهي.

هيءَ ڪهاڻي مون نه فقط جج صاحب کي خراجِ تحسين ڏيڻ لاءِ پر اڄ جي مائرن لاءِ به لکي آهي ته هو پنهنجن ٻارن کي نه فقط سٺي تعليم ڏين پر هنن جي دلين ۾ خدا جو خوف به وجھن ته جيئن هو وڏا آفيسر، سياستدان يا وڏيرا، زميندار يا ڪارخانيدار ٿي غريبن سان ظلم نه ڪن، ٻئي جو حق نه مارين. هو پئسي جي لالچ ۽ پاڻ کي امير بنائڻ جي خواهش ۾ ٻين کي مسڪين نه بنائين جيئن اسان جو معاشرو ۽ ملڪ ترقي ڪري سگهي. اهو ڪم فقط مسلمان مائرن لاءِ ضروري نه آهي. اتفاق سان منهنجي ٻن ٻين به اهڙن ججن سان ويجھڙائي رهي آهي جيڪي جيتوڻيڪ هينئر هن دنيا ۾ نه آهن پر هنن جي ايمانداري ۽ انصاف ڪري هو اڄ به ياد ڪيا وڃن ٿا ۽ هنن جي تربيت پٺيان به سندن مائرن جو وڏو هٿ هو جيڪي هنن کي اها نصيحت ڪنديون هيون ته ٻين سان انصاف ڪريو غريبن سان ظلم نه ڪريو ڇو جو ”آهه غريبان قهر خدائي“. انهن دلبر ججن مان هڪ هندو جسٽس راڻا ڀڳوانداس ۽ ٻيو پارسي جسٽس دوراب پٽيل هو ــ جن ٻنهي جو ڪيترن هنڌن تي ذڪر ڪري چڪو آهيان ۽ سندن مونسان گڏ فوٽا نيٽ تي موجود آهن. سو نون چونڊيل ججن ـــ جن ۾ مسلمان، هندو ۽ ڀيل ميگھواڙ به آهن ـــ جي مائرن کي چوندس ته هو به پنهنجن پٽن کي نيڪ ۽ انصاف پسند ٿيڻ جي تلقين ڪن ۽ پنهنجي پسنديده ڪالمسٽ نثار کوکر کي چوندس ته نه فقط چيف جسٽس جي مهرباني پر اسان انهن مائرن جا به ٿورائتا آهيون جيڪي پنهنجي پٽن کي صحيح تربيت ڏين ٿيون ۽ باٽم لائين اها ئي آهي ته اسانکي هر ان ماڻهوءَ جي تعريف ۽ عزت ڪرڻ کپي جيڪو هن ڌرتيءَ ۽ ان جي رهاڪُن لاءِ سٺائي ٿو ڪري پوءِ اهو چاهي مسلمان هجي يا سک، عيسائي يا هندو، پارسي. شيعو هجي يا سني، آغا خاني هجي يا بوهري، پنجابي هجي يا پٺاڻ. ۽ جن اسانجي پنهنجن ئي اسان کي لٽيو ڦريو آهي، اسانجي تعليم، صحت، امن امان جي حالت خراب ڪئي آهي، انهن کي نندڻ کپي، انهن جي پت وائکي ڪرڻ کپي پوءِ اهو ڀلي اسانجي مذّهب جو هجي ۽ اسانجي مادري زبان ڳالهائيندو هجي…. اسان جو ذات ڀائي هجي يا ڳوٺ جو ڇو نه. اسانجي ملڪ جي، خاص ڪري اسان جي صوبي سنڌ جي ڪافي ڀينگ ٿي چڪي آهي. جڏهن عوام جي سجاڳي ۽ نيڪ سياستدانن ڪري سنگاپور جهڙا چور ملڪ،  ”مسٽر ڪلين“ ٿي سگهن ٿا ۽ ملائيشيا جهڙا جھنگلن وارا ملڪ يورپ جي مقابلي جا خوشحال ۽ سهڻا ٿي سگهن ٿا ته ڇو نه اسانجو ملڪ ۽ اسانجو صوبو؟

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments