خاص

پاڪستان ۾ سيٽلائٽ انٽرنيٽ ايلون مسڪ جي ڪمپني کي اجازت سيڪيورٽي ڪليئرنس سان مشروط

پاڪستان ٽيليڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) ايلون مسڪ جي ڪمپني کي سيٽلائٽ انٽرنيٽ سروس شروع ڪرڻ جي اجازت سيڪيورٽي ڪليئرنس سان مشروط ڪري ڇڏي آهي. مائيڪرو بلاگنگ ويب سائٽ ٽوئٽر ۽ بين الاقوامي اليڪٽرڪ ڪار ساز ڪمپني ٽيسلا جي مالڪ ايلون مسڪ جي هڪ ڪمپني ”اسپيس ايڪس“ پڻ آهي، هيءَ ڪمپني خلا ۾ نجي طور تي سيٽلائٽ موڪليندي آهي. اسپيس ايڪس ئي جو هڪ ذيلي ادارو اسٽار لنڪ آهي جيڪو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ سيٽلائٽ ذريعي انٽرنيٽ جي سهولت فراهم ڪري ٿو. اسٽار لنڪ پاڪستان ۾ پڻ پنهنجي آپريشن جو آغاز ڪرڻ چاهي ٿي ۽ ان سلسلي ۾ ڪپمني اجازت لاءِ پاڪستان ۾ مجاز اداري پي ٽي اي کي درخواست ڏئي ڇڏي آهي.