خاص

ماحولياتي تبديلن جو مقابلو ڪرڻ لازمي آهي

ماهرن موجب پاڪستان ٽن اهم ماحولياتي چئلينجن کي منهن ڏيئي رهيو آهي، جن ۾ گرمي پد جو اضافو، پاڻي جي گهٽتائي ۽ فضائي گدلاڻ. ماحول ۾ وڌندڙ گدلاڻ سبب جتي شهرين جي بيمار ٿيڻ جي شرح ۾ اضافو ٿي رهيو آهي اتي هر شهري پنهنجي مجموعي عمر جا ٽي سال هن گدلاڻ سبب گهٽجي رهيا آهن. ميڊيا موجب دنيا جي 104 ملڪن ۾ ٿيل هڪ تحقيق ۾ لاهور کان وهندڙ راوي درياهه ۾ دوائن جي گدلاڻ سڀ کان وڌيڪ آهي، جنهن کي روڪڻ رياست ۽ حڪومت جي ذميواري آهي.