ماستر قاسم عبدالغني شر
جيئن ئي سج لٿو رات پنهنجا پرَ پکيڙڻ شروع ڪيا ته ماستر قاسم جي اوطاق مهمانن سان ڀرجي وئي. ماستر مهمانن جو تمام گرم جوشي سان آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ سڀني کان پنهنجي پٽ جي ڊاڪٽر ٿيڻ جون مبارڪون وصول ڪندو رهيو.
قاسم تمام غريب گهراڻي سان تعلق رکندو هو، رئيس خادم پنهنجي ڪوٽا مان هن کي ماستريءَ جو آرڊر ڏيندي، چيو ھو ته “قاسم! هي آرڊر وٺ، پر ڊيوٽي ساڳي ئي ڪندو رھندين، يعني تون ھميشه وانگرمنهنجي زمينن جي سار سنڀال ڪندين، ٻج ڀاڻ ۽ دوائن، اسپري کان وٺي هارين نارين، ڪڙمين ڪاسبين، تپيدارن ۽ دلالن جو حساب تنهنجي حوالي هوندو.”
قاسم ھونئن ئي وڏيري جي چاڪري ڪندو ھو، پر مفت جي ماستري ملڻ کانپوءِ ته جيءُ جان سان خدمت گذاريءَ ۾ جنبي ويو. وقت گذرندو رهيو ڪافي سال گذري ويا، انھيءَ عرصي ۾ ماستر قاسم نه ڪڏھن اسڪول ويو ۽ نه وري ڪنھن ٻار کي پڙھايائين. رئيس جي ٻڌي ٻانھي ھجڻ جو فائدو اھو ٿيس جو ماستر قاسم ڏينهون ڏينهن خوشحال ۽ مالا مال ٿيندو رهيو، ڳوٺ جي اسڪول جا ٻيا استاد هن جي اٿڻي ويهڻي، رک رکاءَ ۽ ڪپڙي لٽي توڙي کائڻ پيئڻ ۽ عيش عشرت تي حيران به ٿيندا ھئا ته حسرت به ڪندا ھئا. ڪن کي وري ان ڳالھ جو ڏک کائيندو ھو ته ھو ڳوٺ جي ٻارن جو مستقبل وڪڻي، دولت جا ڍڳ پيو گڏ ڪري.
ماستر قاسم پنهنجا ٻار ويجهي شهر جي سٺي اسڪول ۾ پڙھائڻ لڳو. هن پنهنجي پٽ کي سيلف فنانس تي ڊاڪٽري پڙھائي، پر ھن جي پٽ جي ميڊيڪل شعبي سان دلچسپي ھئي ڪانه، تنھن ڪري ھر ڀيري پيو فيل ٿيندو ھو، قاسم سوکڙيون پاکڙيون ۽ رشوتون ڏيئي پٽ کي پاس ڪرائيندو رھيو. سو ان ريت فقط پئسا خرچ ڪري پٽ کي ڊگري ڏيارئين.
ڳوٺ جي نيڪ مردن، چڱن مڙسن، زميندارن ۽ سرنديءَ وارن کي ڪوٺائي شاندار دعوت رکيائين. ساڳئي ڳوٺ ۾ هڪڙو جهونو ھمراھ خيردين به رهندو هو، جنھن جي اھا خصوصيت ھئي ته ھو سچ چئي ڏيندو ھو. اڄ جيئن ئي هن کي ماستر قاسم جي پٽ ڊاڪٽر ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ دعوت جي خبر ملي ته بنا ڪوٺ جي ئي ماستر قاسم جي اوطاق تي وڃي پهتو.
دعوت ۾ اميرن جي وچ ۾ هي غريب جهونو ڄڻ ٻگهن ۾ ڪو اڪيلو ھنج ھجي، ڪير نھاريس ئي ڪونه پيو، پر پاڻ سڀني کي غور سان ٻڌي رهيو ھو. ڪنھن مھمان قاسم کان پڇيو، “توھان جو پٽ ھاڻي ڳوٺ جي بيمار ماڻھن لاءِ وڏو سھارو بڻجندو، ھتان جي ماڻھن کي گهر ويٺي دوا درمل ملي پوندي. ھاڻي ھر ڪنھن جو ھتي ئي علاج ٿيندو.”
ان کان اڳ جو قاسم ڪجھ چئي، جهُوني خير دين جو پڙاڏو ڪندڙ آواز ٻڌڻ ۾ آيو، عطائي ماستر جي عطائي ڊاڪٽر پٽ کان علاج ڪرائڻ کان بھتر آھي ته ڳوٺ جا ماڻھو خودڪشي ڪري ڇڏين.”