انٽرويوخاص

مجسما ساز فقيري ميگهواڙ سان (آگسٽ 2017) ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه

مجسما ساز فقيري ميگهواڙ سان (آگسٽ 2017) ۾  ٿيل ڳالهه ٻولهه

چيتن ميگهواڙ

 

ٽنڊوالهيار نه صرف ڪميونسٽ اڳواڻ شهيد نذير عباسي، راما پير جي مندر، وتائي فقير جي مزار، خانابدوش قبيلن لاءِ عملي طور پاڻ پتوڙيندڙ ۽ “ڀٽڪندڙ نسلون” جهڙو شاندار ڪتاب لکندڙ خورشيد قائمخاني، شاعر مرتضيٰ ڏاڏاهي ۽ سُگهڙ خليل کوسي جي ڪري مشهور آهي پر انهن کان علاوه هڪ ٻيو شخص به آهي جيڪو ٽنڊي الهيار ۾ چمبڙ روڊ جي ساڄي هٿ تي ابراهيم ڪالوني ۾ پنهنجي فن ذريعي تمام سهڻا مجسما ٺاهي رهيو آهي، جنهن جي ڪاريگري ۾ اهڙو ته راز سمايل آهي جو هن جي هٿ جا ٺاهيل مجسما ڏسڻ کانپوءِ ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچيو وڃن، اهو ئي سبب آهي جو هن جي ٺاهيل مجسمن جون تصويرون جڏهن سوشل ميڊيا تي نروار ٿيون ته هن جي مقبوليت ڪيتريون ئي سرحدون ٽوڙي عالمي ليول تي ڇائنجي ويئي، جنهن کي دنيا اڄ “فقيرو ميگهواڙ” جي نالي سان سڃاڻي ٿي، جنهن سان منهنجي نهال ڪمار ۽ طارق جي معرفت ملاقات ٿي، اُن انٽرويو دوران فقيري ميگهواڙ سان ٿيل ڳالهه ٻولهه اوهان جي نظر ڪجي ٿي.

چيتن ميگهواڙ: سڀ کان پهرين اوهان جو مڪمل تعارف؟

فقيرو ميگهواڙ: منهنجو نالو فقيرو ميگهواڙ ولد کيمچند ڪاشيسا ميگهواڙ منهنجي تعليم صرف ٻارنهن درجا آهي ۽ مان مُجسما ٺاهيندو آهيان، تنهنڪري سڀ ماڻهون مون کي مجسما ساز “اُستاد فقيرو ميگهواڙ” چئي سڏيندا آهن.

چيتن ميگهواڙ: اوهان پنهنجي تعليم کي اڳتي جاري ڇو نه رکي سگهيا؟

فقيرو ميگهواڙ: تمام پُراڻي ڳالهه آهي جو منهنجي والد صاحب اُستاد کيمچند جو ايڪسيڊنٽ ٿي پيو هو، جنهن ۾ هو معذور ٿي ويو، ان جي نتيجي ۾ گهر جون سموريون ذميواريون مون تي اچي ويون، تنهنڪري آئون اڳتي نه پڙهي سگهيس نه ته منهنجي خواهش هئي ته نيشنل ڪاليج آف آرٽس (NCA) مان گريجوئيشن يا ماسٽر جي ڊگري حاصل ڪريان پر افسوس گهرو پريشانين جي ڪري اِها خواهش پوري نه ٿي سگهي.

چيتن ميگهواڙ: اوهان مجسما سازي وارو ڪم ڪڏهن ۽ ڪيئن شروع ڪيو؟

فقيرو ميگهواڙ: مجسما سازي وارو فن مون کي ورثي ۾ مليو آهي شروع ۾ منهنجو ڏاڏو اهو ڪم ڪندو هو، ان کانپوءِ منهنجو پيءُ ڪندو هو، تنهنڪري ان تسلسل ۾ اِهو ڪم مون باضابطه طور 1990ع کان شروع ڪيو، جيڪو اڄ به منهنجي گهر ۾ تقريبن سڀ ڀاتي ڪن ٿا، چوڻ جو مطلب ته اسان جو گذر سفر بس انهيءَ پورهئي سان ئي آهي.

چيتن ميگهواڙ: اوهان مجسما سازي ۾ مهارت ڪيئن حاصل ڪئي؟

فقيرو ميگهواڙ: محمد علي ڀٽي، مائيڪل اينجلو ۽ برنرني منهنجا روحاني استاد آهن، انهن جي ٺاهيل مجسمن جي تصويرن کي ڏسي مون کي بي انتها شوق ٿيو باقي انهيءَ فن ۾ جن مون کي اڃان وڌيڪ ڪاريگر بڻايو انهن ۾ منهنجو بابا کيمچند، محمد علي ٽالپر، فتح هاليپوٽو ۽ حمزه عباس شامل آهن.

چيتن ميگهواڙ: اوهان کي هڪ مجسمو ٺاهڻ ۾ ڪيترا ڏينهن لڳي ويندا آهن؟

فقيرو ميگهواڙ: وقت جو تعين مجسمي جي سائيز تي هوندو آهي جيڪڏهن مجسمو تمام وڏو آهي ته مون کي ڇهه مهينا به لڳي ويندا آهن، جنهن ۾ منهنجو وڏو ڀاءُ مانسنگهه ميگهواڙ، ننڍو ڀاءُ مڪيش ميگهواڙ ۽ ٻه ٽي ٻيا شاگرد مطلب ته ڪُل ڇهه ڄڻا شامل هوندا آهيون ۽ جيڪڏهن مجسمو ننڍو آهي ته گهٽ وقت ۾ تيار ٿي ويندو آهي.

چيتن ميگهواڙ: ڇا مجسما سازي کي نوجوان ڪيريئر طور اختيار ڪري سگهن ٿا؟

فقيرو ميگهواڙ: ها بلڪل نوجوان ان کي ڪيريئر طور اختيار ڪري سگهن ٿا پر اڃان اسان وٽ فن ۽ فنڪار جو ايترو قدر نه آهي. مجسما ٺاهڻ وقت 50 سيڪڙو ته منهنجو خرچ لڳي ويندو آهي ۽ سخت محنت جي باوجود به منافعو گهٽ ٿئي ٿو. اسان جي ماڻهن کي جڏهن فن ۽ فنڪار جو قدر ٿيندو ته يقينن هي هڪ سٺو شعبو آهي جنهن ۾ نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اچي سگهن ٿا.

چيتن ميگهواڙ: اسان جي پڙهندڙن کي ٻڌايو ته اوهان جي هٿ جا ٺاهيل مجسما ڪٿي ڪٿي رکيل آهن؟

فقيرو ميگهواڙ: منهنجي هٿ جا ٺاهيل مجسما تقريبن اوهان کي پوري پاڪستان ۾ ملندا. ڪراچي، جيڪب آباد، سکر، لسٻيلو، ننگر پارڪر، نوشڪي، اٽڪ، خضدار، مستونگ چمن ۽ ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ اوهان کي ملندا، هيستائين مون ڪُل 317 مجسما ٺاهيا آهن.

چيتن ميگهواڙ: ڪڏهن پاڪستان کان ٻاهر ڪم ڪرڻ جي ڪا آڇ ٿي آهي؟

فقيرو ميگهواڙ: مون کي هندستان، ايران ۽ آسٽريليا سميت کوڙ سارن ملڪن مان مجسما ٺاهڻ جي لاءِ آڇون ٿيون پر مون هميشه پنهنجي مُلڪ ۾ ڪم ڪرڻ پسند ڪيو. 2007ع ۾ حمزه عباس سان گڏ ترڪي جي شهر استنبول ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، جيڪو اڄڪلهه لاهور ۾ رهائش پذير آهي.

چيتن ميگهواڙ: ڇا ڪڏهن اوهان جي مجسمن جي ڪٿي ڪنهن گئلري ۾ نمائش ٿي آهي؟ ۽ اوهان پنهنجي فن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جي ڪري ڪي ايوارڊ کٽيا آهن؟

فقيرو ميگهواڙ: نمائش جي حوالي سان 2008ع ۾ ڪنٽونين گئلري ڪراچي ۾ هڪ پروگرام ٿيو هو “سائين فتح جي آسي پاسي” جي حوالي سان 2010ع ۾ سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ پروگرام ٿيو، تازو حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول ۾ منهنجي ٺاهيل مُجسمن جي نمائش ٿي، باقي مختلف يونيورسٽين وارا مون کي ورڪشاپ ڪرائڻ لاءِ چوندا آهن پر وقت جي ڪمي جي ڪري آئون اُتي نه وڃي سگهندو آهيان. آرٽ جي حوالي سان مون کي هڪ امر وير لڌا رام ايوارڊ ، سنڌ يوٿ ايوارڊ  ۽ ايڇ ايل ايف ايوارڊ مليا آهن.

چيتن ميگهواڙ:ڇا عوام اوهان جي ڪم کي ڪا پذيرائي ڏني آهي؟

فقيرو ميگهواڙ: جي ها عوام منهنجي ڪم کي ڏاڍو ساراهي ٿي. ماڻهو مختلف جڳهين کان منهنجي فن کي ڏسڻ لاءِ هتي ٽنڊي الهيار ۾ منهنجي گهر اچن ٿا ۽ ڪيئي ڏيهي پرڏيهي ماڻهون هن فن کي سکڻ لاءِ خواهش جو اظهار به ڪن ٿا پر هتي آئون هڪڙي ڳالهه جو ذڪر ڪندو هلان ته اسان وٽ انهيءَ فن ۽ مذهب کي گڏي ان جي قدر کي گهٽايو ٿو وڃي، مجسما سازي هڪ آرٽ آهي جنهن کي پوري دنيا ۾ تمام گهڻي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ٿو وڃي ۽ اسان جي پنهنجي ملڪ ۾ به تمام گهڻا وڏا وڏا آرٽسٽ موجود آهن جيڪي مجسما ٺاهين ٿا پر ڪيترائي ماڻهو منهنجي ان فن کي مذهب جي تناظر ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. جڏهن ته هن فن جو مذهب سان ڪوبه تعلق نه آهي.

چيتن ميگهواڙ: اوهان جي فن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڇا حڪومت سنڌ اوهان جي ڪا مدد ڪئي آهي؟

فقيرو ميگهواڙ: منهنجي هن آرٽ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ حڪومت ته پري جي ڳالهه آهي پر هتان جي ڪنهن چونڊيل نمائندي به سار ڪونه لڌي آهي، افسوس ڪير به منهنجي هن ڪم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تيار ناهي، هتي مون وٽ تمام وڏا وڏا ماڻهو ايندا آهن پر سيلفي ڪڍرائي هليا ويندا آهن. سچ پڇو ته مون کي ثقافت کاتي وارن کان خيرات نٿي کپي نه ئي وري مون کي انهن مان ڪا ذاتي لالچ آهي. آئون چاهيان ٿو ته حڪومت مون کان سنڌ جي ڀلائي خاطر ڪم وٺي، آئون سنڌ جي سُورمن، سورمين، نامور سياستدانن، سائنسدانن، شاعرن ۽ اديبن جا بهترين مجسما ٺاهي سگهان ٿو، اُن کان وڌيڪ جيڪڏهن حڪومت سهڪار ڪري ته هن آرٽ کي وڌائڻ لاءِ يقينن ڪو ادارو کولي سگهجي ٿو، جنهن ۾ هن آرٽ سان لڳاءُ رکندڙ شاگردن کي سالن جي بدران مهينن ۾ اهو فن سيکاري سگهجي ٿو پر افسوس اسان وٽ فن جو قُدر ته ٺهيو انهيءَ آرٽ سان لاڳاپيل ادارا به ڪجهه نٿا ڪن.

چيتن ميگهواڙ: ڇا اوهان ڪڏهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو مجسمو ٺاهيو آهي؟

فقيرو ميگهواڙ: جي اڃان تائين ته نه ٺاهيو آهي پر منهنجي خواهش آهي ته آئون ڪارل مارڪس، لينن، مائوزي تُنگ، چي گويرا، هوچي منهه، نذير عباسي، نيلسن منڊيلا، مدر ٽريسا، روپلو ڪولهي، هوشو شيدي، هيمون ڪالاڻي، دودو سومرو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، جي ايم سيد، شيخ اياز، رسول بخش پليجو، ابراهيم جويو ۽ عبدالستار ايڌي جهڙن عظيم انسانن جا مجسما ٺاهيان ۽ ان سان گڏ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي 30 سُرن تي مجسما ٺاهيان، جنهن جي ذريعي شاهه جي شاعري کي ماڻهو وڌيڪ سمجهي سگهن پر افسوس مون وٽ ايترا گهڻا وسيلا نه آهن جيڪڏهن سنڌ ثقافت کاتي طرفان ان قسم جو ڪو پراجيڪٽ ڏنو ويو ته ان کي مان پنهنجو ڀاڳ سمجهندس ۽ دل و جان سان ان تي ڪم ڪندس.

چيتن ميگهواڙ: آخر ۾ هڪ آرٽسٽ جي حيثيت سان اوهان جو ماهوار همسري مخزن پڙهندڙن لاءِ ڪو پيغام؟

فقيرو ميگهواڙ: همسري پڙهندڙن لاءِ ايترو ئي چوندس ته مون کي جيترو “فقيرو ميگهواڙ” سڏائڻ ۾ فخر آهي، انهيءَ کان به وڌيڪ مون کي سنڌي سڏائڻ تي ناز آهي. آخر ۾ هن فن سان دلچسپي رکندڙ نوجوانن کي گذارش ڪندس ته اُهي هن ڪم ۾ وڌ کان وڌ محنت ڪن ته جيئن انهيءَ ڪم ۾ هڪ خالي پيل جڳهه پُر ٿي سگهي. منهنجي خواهش آهي ته حياتي ۾ مون جهڙا گهٽ گهٽ 100 ڪاريگر تيار ڪري وڃان ان کي پنهنجي ڪاميابي سمجهندس.