بلاگنئون

ڪجهه جاپاني مسلمان….

الطاف شيخ جو سفر نامون “جي وڃين تون جاپان” مان کنيل

ڪجهه جاپاني مسلمان….

الطاف شيخ

اهڙي طرح ڏٺو وڃي ته پهريون جاپاني جنهن حج ڪيو ان جو نالو ڪوٽارو (Kotaro Yamaoka) هو. هن جي حاجي عبدالرشيد ابراهيم نالي روس جي هڪ تاتاري مسلمان سان 1909ع ۾ ممبئي ۾ ملاقات ٿي. هن سان ڪجهه وقت گڏ رهڻ سان ڪوٽارو اسلام مان متاثر ٿيو ۽ اسلام قبول ڪيو ۽ پنهنجو نالو ڪوٽارو بدران عمر رکيو باقي ذات ساڳي “ياما اوڪا” جاپاني رکي. انهن ڏينهن ۾ ترڪيءَ جو سلطان (ڇٽيهون) ۽ ڇويهون خليفو عبدالحميد الثاني هو جنهن ترڪيءَ تي 1876ع کان 1909ع تائين حڪومت ڪئي. هن سلطان جي اجازت ۽ مدد سان عمر (ڪوٽارو) ياما اوڪا ٽوڪيو ۾ مسجد جو ڪم شروع ڪرايو جيڪا 1938ع ۾ ٺهي راس ٿي. هن ڪم ۾ عبدالرشيد ابراهيم جو به وڏو هٿ هو. عبدالرشيد تاتاري مسلمان هو جيڪو روس ۾ 1857ع ۾ ڄائو هو. پاڻ اسلام جو عالم، جرنلسٽ ۽ سياح هو. جنهن سال 1909ع ۾ هن جي عمر ياما اوڪا سان ممبئيءَ ۾ ملاقات ٿي، ان سال هو جاپان به گهمڻ لاءِ آيو هو. بعد ۾ ٽوڪيو ۾ مسجد ٺهڻ تي هو ان مسجد جو پهريون امام ٿيو. سندس وفات 1944ع ۾ ٿي. کيس جاپان ۾ ئي دفن ڪيو ويو.

جاپان ۾ هونئن ايڪڙ ٻيڪڙ ڌاريون مسلمان ايندو رهيو ٿي يا سندن پنهنجو جاپاني مسلمان ٿيو ٿي ۽ هن تبليغ ڪئي ٿي، پر جاپانين کي مسلمانن جي يڪي ڪميونٽي کي ڏسڻ جو موقعو تڏهن مليو، جڏهن پهرين وڏي لڙائي دوران 1917ع ۾ بولشيوڪ انقلاب آيو. ولاديميرلينن هي انقلاب آڻي روس ۾ پورهيتن جي رياست ٺاهي ۽ پنهنجي پارٽي جو نالو ڪميونسٽ پارٽي رکيو. انقلاب بعد روس ۾ رهندڙن جي مذهب جي آزاديءَ تي بندش وڌي وئي ۽ روس پاسي رهندڙ سوين ترڪ، ازبڪ، تاجڪ، ڪرگز ۽ ڪزاخ مسلمان پنهنجي زندگي خطري ۾ ڏسي جاپان لڏي آيا. جاپان حڪومت هنن کي سياسي پناهه (Asylum) ڏني ۽ هو جاپان جي مختلف شهرن ۾ رهائش اختيار ڪرڻ لڳا. هنن کي ڏسي هنن جي ڪجهه پاڙيسري جاپانين پڻ اسلام قبول ڪيو.

جاپان ۾ هنن مسلمانن جو تعداد جڏهن وڌڻ لڳو ته مختلف هنڌن تي ڪيتريون ئي مسجدون ٺهڻ لڳيون جن ۾ سڀ کان اهم مسجد ڪوبي واري آهي جيڪا ٽوڪيو واري مسجد کان به ٻه ٽي سال اڳ 1935 ۾ ٺهي هئي ۽ پراڻين مسجدن مان اها ئي هڪڙي مسجد آهي جيڪا اصلي حالت ۾ آهي ۽ جاپان جي وڏي زلزلي جي سَٽَ کان بچي وئي. اڄ ڪلهه سڄي جاپان ۾ ٽيهن کان چاليهه سنگل اسٽوري مسجدون آهن. ان کان علاوه هڪ سئو يا ان کان مٿي هڪ ڪمري (سنگل اپارٽمينٽ) واريون مسجدون آهن جن کي هتي جا ماڻهو مصلا (Musallah) سڏين ٿا.

پهرين جنگ عظيم (WWI) دوران جڏهن جاپان چين ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن تي حملو ڪيو ته اتي رهندڙ ڪيترا جاپاني پنهنجي ملڪ جاپان موٽي آيا. انهن ۾ اهي جن ٻاهر وڃي اسلام قبول ڪيو انهن اڳتي هلي جاپان ۾ “جاپان مسلم ايسوسئيشن” ٺاهي جنهن جو پهريون صدر صادق ايمائي زومي جاپاني ٿيو جنهن جي وفات بعد ٻيو صدر مٿي بيان ڪيل جاپاني عالم عمر ميتا ٿيو. عمر ميتا پهريون جاپاني مسلمان آهي جنهن لاءِ لکي چڪو آهيان ته هُنَ قرآن مجيد جو جاپانيءَ ۾ ترجمو ڪيو. عمر مِيتا 1892 ۾ ياماگچي پريفيڪچر جي شهر چوفو (Chofu) ۾ هڪ ٻڌ گهراڻي ۾ جنگجو (Samurai) جي گهر ۾ ڄائو. هن ياما گاچي ڪمرشل ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي ان بعد چين وڃي چيني ٻولي سکيو. اتي هن جي ڪجهه مسلمان فيملين سان ميل ملاقات ٿي ۽ اسلام جي ڄاڻ حاصل ڪئي. ان بعد هن عمر ياما اوڪا جا حج جي سفر بابت مضمون پڙهيا. عمر ياما اوڪا پهريون جاپاني آهي جنهن حج ڪيو. 1921ع ۾ عمر مِيتا ساڻس ملاقات به ڪئي. آخرڪار 49 ورهين جي ڄمار ۾ 1941 ۾ هن اسلام قبول ڪيو. 60 سالن جو ٿي ميتا اهو فيصلو ڪيو ته هن کي باقي زندگي اسلام جي تبليغ لاءِ وقف ڪرڻي آهي ۽ عربي سکڻي آهي. 1958ع ۾ هو تبليغ جي سلسلي ۾ پاڪستان پڻ آيو. عمر مِيتا جا ڪجهه ڪتاب پڻ آهن جيئن ته Understanding Islam ۽ An Introduction to Islam. هن مولانا محمد ذڪريا جو ڪتاب “حياتِ صحابا” پڻ جاپانيءَ ۾ ترجمو ڪيو.

جاپانيءَ ۾ قرآن مجيد جي ترجمي بابت لکندو هلان ته 1968ع ۾ عمر ميتا جاپانيءَ ۾ ڪيو، پر ان کان اڳ قرآن جا جاپانيءَ ۾ ترجما 1920ع ، 1937ع ۽ 1950ع ۾، ان بعد 1957ع ۾ ٿيو، پر اهي سڀ ترجما غير مسلم جاپانين ڪيا.

هتي اهو به لکندو هلان ته عمر ميتا 1958ع ۾ هڪ پاڪستاني حج گروپ سان گڏ حج ڪيو. ان بعد هو جاپان آيو، مٿيان ڪتاب ڇپرايا ۽ جاپان مسلم ايسوسئيشن جو صدر ٿيو. 1961ع ۾ جڏهن هو ستر سالن جو هو ته هو هڪ دفعو وري پاڪستان روانو ٿيو ۽ ڪجهه عرصي لاءِ لاهور ۾ رهي پيو ۽ عربي ۽ قرآن جي عالمن سان ملندو رهيو.

حاجي عمر ميتا اڄ هن دنيا ۾ نه رهيو آهي، پر هن شخص اسلام جي وڏي خدمت ڪئي. 1973ع ۽ 1974ع وارن سالن ۾ جڏهن خيرپورميرس جو ظفر شيخ ٽوڪيو جي پاڪستان سفارتخاني ۾ سيڪريٽري هو ۽ منهنجو جهاز هر ٻي ٽي مهيني ٽوڪيو کان اچي نڪرندو هو، اسان پاڪستانين جون گڏجاڻيون گهڻو ڪري گنزا ۾ يا ٽوڪيو مسجد جي آسپاس ٿينديون هيون انهن ڏينهن ۾ حاجي عمر ميتا 89 سالن جو جهور پوڙهو ٿي چڪو هو، پر اسان ڏسندا هئاسين ته روزانو پنهنجي گهران ٻن ڪلاڪن جو ٽرين ۾ سفر ڪري ٽوڪيو واري مسجد ۽ جاپاني مسلمانن جي ايسوسئيشن جي آفيس ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ پهچندو هو. هو لاهور جون به ڳالهيون ڪندو هو جتي هن ڪافي وقت گذاريو ۽ ڪيترائي اردو ۽ پنجابيءَ جا لفظ ياد هئس. هن پهريون حج به پاڪستانين جي گروپ سان ڪيو. انسان جيستائين جيئرو آهي، ان جو ايڏو قدر نٿو ٿئي پر اڄ سوچيان ٿو بلڪه افسوس ڪريان ٿو ته گنزا، شيبويا، روپنگي، اساڪسا ۾ رلڻ بدران اهڙن ماڻهن سان وڌيڪ ڪچهريون ڪجن ها.