مريم نواز جو آصفا ڀٽو زرداري لاءِ پيغام

ن ليگ نائب صدر مريم نواز پ پ اڳواڻ آصفه ڀٽو لاءِ پيغام جاري ڪيو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي مريم نواز لکيو اميد ته آصفه ڀٽو کي وڌيڪ تڪليف نه پهتي هوندي، دعا آهي ته لانگ مارچ ۾ شريڪ سمورا ماڻهو سلامت رهن. خانيوال ۾ لانگ مارچ دوران آصفه ڀٽو ڊرون ڪئميرا لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي هئي، جنهن کانپوءِ بلاول به ڀيڻ سان ڪنٽينر تان لهي ويو هو ۽ هن اجرڪ لاهي آصفا جي زخم تي رکي ڇڏي هئي. آصفه کي ڌڪ لڳڻ کانپوءِ اسپتال نيو ويو هو، ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ اڳواڻ جي مٿي تي 3 کان 4 سينٽي ميٽرن جو زخم هو، کيس 5 ٽاڪا لڳا آهن.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments