مريم نواز جي شهباز شريف ۽ حمزه شهباز سان احتساب عدالت ۾ ملاقات
مريم نواز پنهنجي چاچي شهباز شريف ۽ سئوٽ حمزه شهباز سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ احتساب عدالت پهچي وئي ۽ ساڻن ملاقات ڪئي. احتساب عدالت لاهور ۾ مني لانڊرنگ ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس بابت ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي. مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف کي سخت سيڪيورٽي ۾ بڪتر بند گاڏي ۾ ڪوٽ لکپت جيل ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. نائب صدر مسلم ليگ (ن) مريم نواز به پنهنجي چاچي شهباز شريف ۽ سئوٽ حمزه شهباز سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ احتساب عدالت پهتي ۽ ٻنهي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. مريم نواز کي ڪوٽ لکپت انتظاميه شهباز شريف سان جيل ۾ ملاقات جي اجازت نه ڏني هئي جنهن سبب هن عدالت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. پارٽي ذريعن موجب مريم نواز شهباز شريف کي موجوده سياسي صورتحال تي اعتماد ۾ ورتو ۽ گلگت بلتستان اليڪشن جي چونڊ مهم جي حوالي سان هدايتون به ورتيون. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ اياز صادق جي تڪراري بيان تي به صلاح مشورا ٿيا. شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي گرفتاري کانپوءِ مريم نواز جي هيءَ پهرين ملاقات آهي. عدالت ۾ نيب پراسيڪيوشن شهباز شريف جي خلاف چئني گواهن جي بيان جون ڪاپيون فراهم ڪيون. عدالت شهباز شريف سميت ٻين جوابدارن جي وڪيلن کي نقل فراهم ڪيا. بڪتربند گاڏي ۾ عدالت آڻڻ بابت صحافي جي سوال جي جواب ۾ شهباز شريف چيو ته هيءَ ظلم جي انتها آهي ڪابه ڳالهه ناهي. شهباز شريف جي عدالت جي ڪمري ۾ احسن اقبال ۽ مريم اورنگزيب سان به ملاقات ٿي جنهن ۾ شهباز شريف کي موجوده سياسي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. عدالت هاءِ پروفائيل ڪيسن تي رستا بند ۽ سيڪيورٽي سخت ٿيڻ سبب عوام کي پريشانين جو حل ڪڍڻ جي لاءِ ايس پي سيڪيورٽي کي فوري طور تي عدالت طلب ڪري ورتو جنهن کانپوءِ ٻڌڻي ڪجهه دير لاءِ ملتوي ڪئي وئي.

