ڪهاڻيوننئون

مزوري

ڪهاڻي

مزوري

سعادت حسن منٽو

ترجمو: زاهده ابڙو

ڦرلٽ جي بازار گرم لڳي پئي هئي ۽ گرمي ۾ ڏاڍو واڌارو ٿي ويو جڏهن چؤطرف باهه ڀڙڪڻ لڳي.

هڪ ماڻهو هارمونيم جي پيتي کنيو خوش خوش ڳائيندو پئي ويو.

“جب تم هي گئي پرديس لگاڪر ٺيس،

پيتم پيارا دنيا مين ڪون همارا.”

هڪ ننڍي عمر جو ڇوڪرو جهولي ۾ پاپڙ کنيو ڀڳو پيو ويو. ٿُڏي لڳڻ تي هن جي هولي مان ڪجهه پاپڙ ڪري پيا. ڇوڪرو انهن کي کڻڻ لاءِ جهڪيو ته هڪ ماڻهو، جنهن جي مٿي تي ڪپڙن سبڻ جي مشين هئي، هن کي چيو:

“ڇڏي ڏي بابا ڇڏي ڏي پاڻ ئي ترجي ويندا.”

بازار ۾ هڪ ڀريل ٻوري “ڌب” جي آواز سان ڪري. هڪ شخص جلدي سان وڌي پنهنجي ڪاتيءَ سان ان جو پيٽ چيريو آنڊن بدران سنهي کنڊ اڇن اڇن داڻن واري کنڊ ٻاهر نڪري آئي. ماڻهو گڏ ٿي ويا ۽ پنهنجون جهوليون ڀرڻ لڳا. هڪ ماڻهو جنهن کي ڪرتو پاتل نه هو پنهنجو ويڙهيل لٽو کوليو ۽ مٺيون ڀري ڀري ان ۾ وجهڻ لڳو.

“پري ٿيو- پري ٿيو-” هڪ ٽانگي وارو تازو رنگ ٿيل الماڙيون کنيو لنگهي ويو.

اونچي گهر جي دري مان ململ جو تاڪيو ڦڙڪاٽ ڪندو ٻاهر نڪتو. باهه جي شعلي پنهنجي زبان سان کيس چٽيو… روڊ تائين پهچندي رک بڻجي چڪو هو.

“پوُن پُون- پُون پُون-” موٽر ڪار جي هارن جي آوز سان گڏ ٻن عورتن جون رڙيون به شامل هيون.

لوهه جي هڪ سيف ڏهن پندرهن ماڻهن ڇڪي ڪڍي ۽ لٺين سان ان کي کولڻ شروع ڪيو.

“ڪائو اينڊ گيٽ” کير جا ڪيترائي ٽين ٻنهي هٿن تي کنيو پنهنجي کاڏيءَ سان ان کي ٽيڪ ڏيندو هڪ ماڻهو دڪان مان ٻاهر نڪتو ۽ آهستي آهستي بازار ۾ هلڻ لڳو.

تيز آواز ۾ ڪنهن چيو: “اچو! اچو! ليمونيڊ جون بوتلون پيئو… گرمي جي موسم آهي.”

ڳچيءَ ۾ ڪار جو ٽائر پاتل هڪ ماڻهو ٻه بوتلون ورتيون ۽ مهرباني مڃڻ کانسواءِ هليو ويو.

هڪ آواز آيو: “ڪو باهه وسائيندڙن کي اطلاع ڏي. سڀ ڪجهه سڙي ويندو.” ڪنهن به ان ڪارائتي مشوري ڏانهن ڌيان نه ڏنو.

ڦرلٽ جي بازار ساڳئي ريت گرم رهي ۽ ان گرمي ۾ چئني پاسي کان ڀڙڪندڙ باهه ۾ لاڳيتو اضافو ٿيندو رهيو، گهڻي دير کانپوءِ ٽڙ ٽڙ جا آواز آيا. گوليون وسڻ لڳيون.

پوليس کي بازار خالي نظر آئي… پر پري دونهين ۾ وڪوڙيل موٽرسائيڪل جي ڀر ۾ هڪ ماڻهو جو پاڇو نظر آيو. پوليس جا سپاهي سيٽيون وڄائيندي ان پاسي ڀڳا… پاڇو تيزيءَ سان اندر گهڙي ويو. پوليس جا سپاهي به ان جي پٺيان لڳي ويا.

دونهين واري حد ختم ٿي ته پوليس جي سپاهين ڏٺو ته هڪ ڪشميري مزور پنهنجي پٺيءَ تي هڪ وزني ٻوري کنيو ڀڄندي ٿي ويو. سيٽين جون نڙيون سڪي ويو هيون، پر اهو ڪشميري مزور نه بيٺو. سندس پٺيءَ تي وزن معمولي نه هو، هڪ ڀريل ٻوري هئي، پر هو ايئن ڍوڙي رهيو هو ڄڻ سندس پٺيءَ تي ڪجهه هو ئي نه.

سپاهي سهڪڻ لڳا، هڪ تنگ ٿي پستول ڪڍيو ۽ گولي هلائي، گولي جيڪا ڪشميري مزور جي پنيءَ ۾ لڳي. ٻوري سندس پٺيءَ تان ڪري پئي. گهٻراهٺ ۾ هن پنهنجي پٺيان آهستي آهستي ڍوڙندي سپاهين کي ڏٺو. سندس پنيءَ مان رت وهي رهيو هو. پنيءَ مان وهندڙ رت ڏانهن هن ڌيان ڏنو، پر هڪ ئي جهٽڪي سان هن ٻوري کنئي ۽ وري تيز ڀڄڻ لڳو.

سپاهين سوچيو: “ڇڏيوس، وڃي جهنم ۾ پوي.”

هڪدم منڊ ڪائيندڙ ڪشميري مزور بي قابو ٿي ڪري پيو، ٻوري سندس مٿان اچي پئي.

سپاهين کيس پڪڙيو ۽ ٻوري سميت کيس وٺي ويا.

رستي ۾ ڪشميري مزور ڪيترائي دفعا چيو، “سائين اوهان مون کي ڇو پڪڙيو آهي، مان ته غريب ماڻهو آهيان، چانورن جي هڪ ٻوري کنئي هئي، گهر وڃي کاوان ها، مون کي ناحق گولي هنئي اٿو.” پر سندس ڳالهه ڪنهن به نه ٻڌي.

ٿاڻي ۾ به ڪشميري مزور پنهنجي صفائيءَ ۾ گهڻو ڪجهه چيو. “سائين، ٻين ماڻهن ڏاڍو مال ميڙيو… مون ته رڳو هڪ چانورن جي ٻوري کنئي… سائين مان ڏاڍو غريب آهيان… هر روز ڀت کائيندو آهيان.”

جڏهن هو ٿڪجي پيو ته پنهنجي ميري ٽوپيءَ سان پنهنجي پيشانيءَ تان پگهر اگهندي چانورن جي ٻوري ڏانهن حسرت سان ڏسندي ٿاڻيدار آڏو هٿ ڊگهيري چيو: “چڱو سائين! تون ٻوري پاڻ وٽ رک، مون کي چار آنا منهنجي مزوري ڏئي ڇڏ.”

(منٽو ڪي سئو افساني)