مـاٺـيـڻـو اوٺـو سليم چنا
جڏهن ماٺيڻو اوٺو سال 1954 ۾ ڳوٺ بلاول اوٺو ۾ علي محمد اوٺي جي ڪکائين جهوپڙيءَ ۾ هيءُ جهان ڏسڻ آيو. تڏهن ٿر جي ڀٽن، ڏهرن، چونرن، مورن ۽ وارياسي دڙن کيس ڀليڪار ڪيو. هن ننڍڙي ٻار ٿڌين ۽ گرم وارين تي هلندي گهمندي، ڦرندي ۽ کيڏندي پنهنجي ابتدائي تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ مان ورتي ۽ هاءِ اسڪول جي تعليم لاءِ مٺي اچي پهتو. جتي سندس ذهانت ۽ محنت پنهنجو رنگ ڏيکاريو ۽ هن ڏهين ڪلاس ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. مٺي سندس ماٺ ماٺ ۾ اهڙي ته تربيت ڪئي جو هو مسڪين جهان کوسو جهڙي مهان سماج سڌارڪ، انساني همدرد ۽ مددگار جي نقش قدم تي هلندي عام ماڻهن جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ هڪ سماج سڌارڪ نوجوان ٿي سامهون آيو.
هن ماڻهن آڏو پنهنجي زبان کي خاموش رکيو پر اها خاموشي سندس اندر ۾ جوار ڀاٽا ٿي لهندي ۽ چڙهندي رهي. هن جا عملي ڪم هن جي محنت، محبت ۽ همت جي شاهدي ڏيڻ لڳا. سندس چاچي عبدالهادي اوٺي هن جي جرڪندڙ، چمڪندڙ ۽ ڇلڪندڙ اکين ۾ پليل خوابن کي پڙهي ورتو ۽ ماٺيڻي کي ميرپورخاص ڪاليج ۾ داخل ڪرايو. جتان هن سٺن نمبرن سان 1972ع ۾ انٽر سائنس پاس ڪئي، اڳتي هلي هن سنڌ يونيورسٽي مان 1975ع ۾ بي. اي پاس ڪئي، هاڻي ماٺيڻي اوٺي جي اندر جبل اندر ئي اندر ان لاءِ آتش فشان ٿي ڦاٽڻ لاءِ پچندو رهيو. جنهن کي سندس ئي وارياسي ڀٽن جي ڀيچئيءَ ۽ ڪهاڻيڪار عبدالقادر جوڻيجي پرکي ورتو ۽ مهراڻي جي معصوم محبت جي مينار کي ڄامشوري جي پٿريلن ڀٽن، پرشور ۽ تکين تيز هوائن آڏو آڻي بيهاريو ۽ ان وقت سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر شيخ اياز سندس ڏياٽين جيان ٻرندڙ خاموش پر روشن نگاهن ڏانهن نهاريو ۽ سندس اکين ۾ جرڪندڙ جذبن ۽ همتن کي پڙهي کيس سنڌ الاجي ۾ اسسٽنٽ لائبريرين جي ذميواري ڏني، جنهن کي نڀائيندي ماٺيڻي اوٺي لائبريريءَ کي هڪ خوبصورت تربيت سان اهڙي بهتر ۽ آسان انداز سان سنواري ڇڏيو جو ڪنهن به ضرورتمند کي ڪتاب ڳولڻ ۽ پڙهڻ ۾ ڪابه ڏکيائي نه ٿئي. لائبريري جي نوڪري ڪندي ماٺيڻي اوٺي پنهنجي ڪتابن جي مطالعي کي وسيع ڪيو ته شام جي ٽائيم لائبريري سائنس ڊپارٽمينٽ مان ڊپلومه جو ڪورس پاس ڪري سڄي سنڌ مان ٽيون نمبر حاصل ڪيو.
ماٺيڻي جنهن پنهنجي شاعري جي شروعات ته مورن جا ٽهوڪا ٻڌي، وسڪارو وسندو ڏسي، ڏڪار ۽ سڪار ٿر ۾ ڏسي، ڪارونجهر، مارئي، روپلو ڪولهي، راءِ چند راٺوڙ ۽ امر ڪوٽ جي عظمت ٻڌي هاءِ اسڪول جي زماني کان شروع ڪئي هئي ۽ هن زبان کان وڌيڪ قلم سان جذبن جي اپٽار ڪئي هئي. ائين هو قلمي پورهئي جو سفر پنهنجي منفرد ۽ ماٺيڻي انداز سان جاري رکندو آيو. ڪهاڻين، ريڊيائي، فيچرن ۽ تحقيقي مقالن جي صورت ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب کي ارپي ڇڏيا هئا. جن جي شاهدي مهراڻ ٽماهيءَ جي ڪيترن ئي پرچن ۾ موجود آهي. ماٺيڻي اوٺي لائبريري ۾ ڪم ڪندي، ڇپيل سنڌي ڪتابن جي ببليو گرافي 1973ع کان 1979ع تائين ترتيب ڏني، جنهن کي سنڌ الاجي پاران 1984ع ۾ ڇپرايو ويو. ماٺيڻي پنهنجي سبجيڪٽ لائبريري سائنس ۽ ٻين موضوعن تي جيڪي مضمون لکيا سي ان وقت جي اخبارن ۽ رسالن ۾ موجود آهن ماٺيڻي جي شاعري جو پهريون مجموعو سندس وفات کانپوءِ سال 1983ع ۾ “وڇوڙي جا گيت” جي نالي سان ڇپيو. سندس لائبريري ريسرچ لاءِ ٻاهر ملڪ وڃڻ جا ڪاغذ به سندس وڇوڙي کان ٽي مهينا پوءِ ٺهي ويا، جن جي لاءِ ڊاڪٽر غلام علي الانا ڊائريڪٽر سنڌ الاجي وڏيون ڪوششون ڪري ورتيون هيون. مهراڻي جي هن مڻيادار ماٺيڻي جي شاعري پهريون ڀيرو سائين عبدالواحد آريسر جي قومي رسالي پيغام ۾ ڇپي هئي. ماٺيڻي جي شاعري جو ٻيو ڪتاب جيڪو زاهد اوٺي هِتان هُتان شاعري گڏ ڪري “روح رنو اڌ رات” جي نالي سان ڇپرايو آهي. سندس شاعري جي ٻنهي مجموعن ۾ هن جي شاعري مهراڻي جي مٽي جي مهڪ، ٿر جي ڏڪار، سڪار، سنڌ يونيورسٽي جي حسين يادن، آسن، امنگن، دردن، وڇوڙن ۽ ڌرتيءَ جي ڏک سک سان سلهاڙيل آهن. مثال طور:
جاڳن ڳوٺ سمورا تيسين،
جيئڻ کان اڳ مرڻو آهي.
***
سانجهيءَ ٽاڻي سڀڪو پنڇي،
واهيري ڏي ورڻو آهي.
***
ناز نئين سان نچڻو آهي،
ديس تتل هي ٺرڻو آهي.
جهڙوڪ شيخ اياز، ڊاڪٽر غلام علي الانا، امداد حسيني، عبدالقادر جوڻيجو، شوڪت حسين شورو، تاج جويو، نصير مرزا، نياز پنهور ۽ ان دور جا اهي سڀ عام توڙي خاص ماڻهو جن ماٺيڻي اوٺي جي جوت جليل اکين ۾ نهاري خوشقسمتيءَ خوش بختيءَ سان مورن جي ٽهوڪن جهڙا ٽهڪ ٻڌا هوندا. جن ۾ ڪونج جهڙي گونج به هئي ته تيز تکي ايندڙ بارش کان اڳ بادلن مان نڪرندڙ بجلي ۽ گوڙ به هئي. ها! هن جي ٽهڪن جي پٺيان لڪل هڪ سور به هو جيڪو ڪڏهن سنڌ لاءِ ته ڪڏهن هن جي سرتي لاءِ هو. جيڪا هن کي ملڻي نه هئي. تڏهن ئي ته هن جا ٽهڪ ڪنائي سنڌو هن کي پاڻ ڏانهن سڏيو هو ۽ 15 فيبروري 1981ع تي ماٺيڻو اوٺو ماٺ ماٺ ڪندو وڃي هميشه هميشه لاءِ سنڌو ۾ ستو هو ۽ مهراڻي جا موجود اڄ به ڏهر ۾ روهيڙي جا وڻ اهو ورلاپ ورجائين ٿا.
روح ريلا هاءِ اڪيلا، توکي سڏڪي ساريان،
ڍوليا! ويٺي واٽ نهاريان.
… [Trackback]
[…] Read More Info here to that Topic: humsari.com/مـاٺـيـڻـو-اوٺـو-سليم-چنا/ […]
… [Trackback]
[…] There you can find 71250 more Info on that Topic: humsari.com/مـاٺـيـڻـو-اوٺـو-سليم-چنا/ […]
… [Trackback]
[…] There you can find 23689 more Information to that Topic: humsari.com/مـاٺـيـڻـو-اوٺـو-سليم-چنا/ […]
sunset cafe
… [Trackback]
[…] Read More Info here on that Topic: humsari.com/مـاٺـيـڻـو-اوٺـو-سليم-چنا/ […]