خاص

ملتان جي نشتر اسپتال جي ڇت تان ڪيترائي لاش هٿ آيا

ملتان جي نشتر اسپتال جي ڇت تان ڪيترائي لاش هٿ اچڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن موجب نشتر اسپتال جي ڇت تي ٺهيل ڪمري ۾ سوين ڳريل لاش هٿ آيا آهن. اهڙين خبرن بعد پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي اسپتال جي ڇت تي لاوارث لاش رکڻ جو نوٽيس وٺندي صوبائي سيڪريٽري اسپيشلائزڊ هيلٿ ڪيئر اينڊ ميڊيڪل ايجوڪيشن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. چوڌري پرويز الاهي جو چوڻ آهي ته لاش ڇت تي اڇلائي غير انساني عمل ڪيو ويو آهي ۽ ذميوار عملي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. معاملي جي جاچ لاءِ ڇهه رڪني ڪميٽي قائم، ڏکڻ پنجاب جي سيڪريٽري هليٿ معاملي جي جاچ لاءِ ڇهه رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي.