خاص

ملڪ جي وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ گهٽتائي رڪارڊ

ڳڻپ واري اداري وڏين صنعتن جي پيداوار جي حوالي سان ماهوار انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا. ڳڻپ واري اداري طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب جولاءِ جي ڀيٽ ۾ آگسٽ دوران وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ 6.78 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، پر گذريل سال آگسٽ جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال آگسٽ ۾ وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ هڪ ڏهائي 19 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. انگن اکرن موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين ٻن مهينن ۾ گذريل سال ان ئي عرصي دوران وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ 3.66 سيڪڙو واڌ ٿي هئي.