ملڪ ۾ ڪورونا وڌيڪ چوهتر مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، ٽي هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ
ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 74 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون. جڏهن ته 3 هزار 232 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل ڏينهن ملڪ ۾ ڪورونا جا 36 هزار 725 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 3 هزار 232 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي اهڙي طرح ڪورونا هاڪاري اچڻ جي گڏيل شرح 8.8 سيڪڙو رهي. ملڪ ۾ ڪورونا جي گڏيل هاڪاري ڪيسن جو گڏيل انگ 8 لک 80 هزار 362 ٿي چڪو آهي. پنجاب ۾ 3 لک 27 هزار 362، سنڌ ۾ 2 لک 99 هزار 194، بلوچستان ۾ 23 هزار 866، خيبر پختونخواهه هڪ لک 27 هزار 38، اسلام آباد ۾ 79 هزار 221، آزاد ڪشمير 18 هزار 258 ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪورونا جي 5 هزار 423 گڏيل مريض آهن. گذريل ڏينهن ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 3 هزار 754 مريض صحتياب ٿيا آهن. اهڙي طرح ملڪ ۾ هن وائرس کي شڪست ڏيندڙن جو انگ 7 لک 92 هزار 522 ٿي ويو آهي. ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 74 مريض فوت ٿي چڪا آهن. اهڙي طرح ڪورونا سبب فوتين جو گڏيل انگ 19 هزار 617 تائين پهچي ويو آهي. پنجاب ۾ 9 هزار 411، سنڌ ۾ 4 هزار 801، خيبر پختونخواهه 3 هزار 786، اسلام آباد 731، گلگت بلتستان 107، بلوچستان ۾ 267 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 514 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. ملڪ ۾ هن وقت ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 68 هزار 223 ٿي ويو آهي جن مان 4 هزار 443 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.