مندر ۾ ويندي مونجھارو نه ٿئي…
الطاف شيخ جو سفر نامو
تيستائين گڊ باءِ
مندر ۾ ويندي مونجھارو نه ٿئي…
الطاف شيخ
جاپانين بابت هڪ هنڌ لکيو اٿم ته جپان ۾ ڪيتريون ئي عيسائي تبليغي جماعتون آيون، پر اهي جپانين کي ائين عيسائي نه بڻائي سگھيون جيئن آفريڪا جي ملڪن ۾ ڪيائون. ڪنهن چيو ته “جاپاني بزنيس مائينڊيڊ آهن، انهن کي مذهب جهڙين شين سان ڪا رغبت ناهي.” پر اها ڳالهه ناهي. هنن کي ڪنهن نئين مذهب کي سمجھڻ لاءِ کڻي توفيق يا لاڙو نه هجي، پر اهو چوڻ غلط ٿيندو ته هنن جو ڪو مذهب يا ڌرم ناهي. ائين هجي ته پوءِ جاپان ۾ هزارين مندر ۽ درگاهون ڇو هجن.
جاپان ۾ قديمي ڌرم “شنٽو ڌرم” ۽ “ٻڌ ڌرم” آهن جن کي هو سالن کان چهٽيل آهن ۽ ٻئي ڪنهن مذهب ڏي رخ نٿا رکن. شنٽو ڌرم (Shintoism) تمام پراڻو ۽ جپان جواصلي مذهب آهي. “ديوتائن جو طريقو”. ۽ شنٽو ڌرم موجب هر شيءِ لاءِ جوابدار ديوتا آهن- هي دنيا خلقڻ لاءِ (خاص ڪري جپان ٺاهڻ لاءِ)، آسمان، ڌرتي ۽ زمين هيٺ حڪومت هلائڻ لاءِ. ٻيا ڪجھه هلڪي قسم جا ديوتا ۽ ديويون آهن جيڪي گھر جي ڀاتين جو بچاءُ ڪن، ڳوٺن ۽ شهرن جو بچاءُ ڪن ۽ ڪي روح آهن جيڪي وڻن ۽ پٿرن ۾ رهن ٿا، گھر جي رڌڻن ۾ رهن ٿا ۽ فصل ۽ واپار وڙي ۽ ٻيڙين جي مدد ڪن ٿا.
شنٽو ڌرم جي مندرن کي پري کان ويجھو تائين ڪيرائي دروازا ٿين. غريب غربو ۽ هاري ناري قسم جا ماڻهو پري کان بيهي پوڄا پاٺ ۽ دعا گھرن. امير ۽ وڏن گھراڻن جا ماڻهو ويجھن دروازن وٽ پهچي دعا گھرن ۽ انهن مندرن ۾ پاڪ ٿي گھڙڻ لاءِ چيو ويندو آهي. اها پاڪائي هٿ منهن ڌوئڻ ۽ گرڙيون ڪرڻ سان رکي سگھجي ٿي يا مندر ۾ موجود ٻاوا پني سان پاڻي ڇنڊي توهان کي رسم موجب پاڪ ڪن ٿا ۽ انهن مندرن يا درگاهن جا به ڪئين قسم آهن. انهن مان جيڪي وڏن شهرن ۽ خوشحال هنڌ تي آهن، جن ۾ عقيدتمندن جي پيهه پيهان لڳي رهي ٿي، انهن جا ٻاوا ڪجھه وڌيڪ ئي صحتمند ۽ خوشحال نظر اچن ٿا ۽ هو انهن مندرن جا پڪا پگھاردار آهن. باقي ننڍن ڳوٺن جا ٻاوا يا مجاور پارٽ ٽائيم جاب ڪندڙ آهن. يعني صبح جو ٻيون نوڪريون ڪن باقي شام جو زيارتين کي اچيو منهن ڏين. شروع جي ڏينهن ۾ عورتون به مجاورياڻيون ۽ Priests ٿي رهيون. هاڻ رڳو مرد آهن. هنن مندرن جا ٻاوا شادي به ڪن ۽ انهن جو پٽ ٻار پيءُ جي مرڻ تي ان مندر جو والي وارث ٿي وهي جيئن اسان وٽ ڪيترين ئي درگاهن تي آهي. وڏي مجاور جي مرڻ تي هن جو پٽ درگاهه جو ڪاروبار سنڀالي ٿو ۽ مليل خيرات ۽ نذر نياز ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي ٿو،Ise ۽ مياجيما جون درگاهون وڏيون سمجهيون وڃن ٿيون جن تي زيارتين جي هر وقت رش لڳي رهي ٿي. ڪي ڪي شهر: ڪيوٽو، نارا، ڪماڪُورا جهڙا ته اهڙين درگاهن کان مشهور آهن ۽ اسان به ستر واري ڏهاڪي جي شروعات وارن سالن ۾ جڏهن جوان هئاسين، جاپاني ماڻهن سان ڪيترين ئي درگاهن جا چڪر ڏناسين. انهن ۾ رکيل ديوتائن جي ديدار لاءِ نه پر انهن جي زيارت ڪرڻ لاءِ آيل نوجوان ڇوڪرين کي ڏسڻ لاءِ. جيئن سنڌ ۾ پير فقيرن ۽ درگاهن تي گھڻي رش عورتن جي هوندي آهي اهوئي حال هتي جاپان ۾ آهي. وڏين درگاهن تي نذر ڏيڻ لاءِ چِير واريون تالي لڳل پيتيون رکيل ٿين ٿيون جن ۾عقيدتمند عورتون سڪن ۽ نوٽن جا ٻڪ وجھن. ورانڊن ۾ ويٺل ٻاوا، پئسا ڏيڻ تي تعويذ به لکيو ڏين ته فال به ڪڍيو ڏين. ان لاءِ پڻ جاپاني ڇوڪرين جون ڊگھيون قطارون هونديون آهن.
ٻڌ ڌرم جاپان ۾، چين کان ڪوريا جي معرفت اڄ کان ڏيڍ هزار کن سال اڳ آيو. ٻڌ ڌرم جي جنم جي جاءِ جيتوڻيڪ هندستان آهي، پر اتي جي پراڻي مذهب هندو ڌرم هن نئين ڌرم کي برداشت نه ڪيو ۽ ٻڌ ڌرم هندستان کان ٻاهر سلون (سري لنڪا) برما، چين، ڪوريا، جاپان وغيره ۾ چڱو وڌيو ويجھيو ۽ هن پاسي وڏي ۾ وڏو مذهب سمجھيو وڃي ٿو.
ٻڌ ڌرم جو باني “ گوتم ٻڌ” آهي. “ٻڌا” معنيٰ سجاڳ ٿيل، روشني ڏيندڙ- اهو سندس تخلص آهي، جيئن محمد علي جناح جو قائد اعظم آهي. سندس سڄو نالو سڌارٿا گوتم هو. پاڻ عيسوي سن کان 563 سال اڳ سڪياس جي سلطنت ۾ ڄائو، جيڪو علائقو اڄ ڪلهه نيپال ۽ انڊيا جي بارڊر وارو آهي. سندس تعلق کتري ذات سان هو سندس پيءُ سوڌو دانا بادشاهه هو ۽ ماءُ مهامايا راڻي هئي. 16 سالن جي ڄمار ۾ هن جي شادي سندس سئوٽِ شهزادي ياسوڌارا سان ٿي جنهن مان کيس راهولا نالي پٽ به ڄائو.
گوتم کي محل جي هر خوشي نصيب هوندي به هن جو من ڪٿي ڪنهن شيءَ جي ڳولا ۾ پريشان رهيو ٿي. هن ماڻهن جا ڏک ۽ پريشانيون ڏسي ان جو حل ڳولڻ ٿي چاهيو. آخر 29 سالن جي ڄمار ۾ هو زال، پٽ ۽ محل کي ڇڏي بن ڏي هليو ويو ۽ سالن جا سال ڏاهن کان علم پرائيندو ۽ تپسيا ڪندو رهيو. آخرڪار عيسوي سن کان 528 سال کن اڳ، 35 سالن جي ڄمار ۾ هن کي اهو علم، اها روشني ۽ سجاڳي حاصل ٿي جنهن جو هو ڳولائو هو. ان بعد مرڻ تائين (80 سالن جي ڄمار تائين) هو ان علم جي پرچار ڪندو رهيو. هن جي اها فلاسافي هئي ته انسان جي سٺائي يا خرابي هن جي ڪمن موجب آهي ۽ انسان پنهنجي گذريل جنم جي نيڪين ۽ خطائن موجب مختلف درجن ۾ جنم وٺندو رهي ٿو جيسين هو مڪمل طرح نيڪ ٿي وڃي ۽ نرواڻ حاصل ڪري.
گوتم ٻڌ جو ٻڌ ڌرم- جنهن کي ڪي “ڌرم” سڏين ٿا ته ڪي “فلسفو”، هندستان ۾ ته ايترو نه هليو، پر اوسي پاسي جي ملڪن ۾ ان جا ڪيترائي پوئلڳ پئدا ٿي ويا. اها ٻي ڳالهه آهي ته وقت گذرڻ تي ۽ مختلف ڌرتين تي، ان ۾ ڪيتريون ئي تبديليون آيون. اڄ جو ٻڌ ڌرم جيڪو سري لنڪا ۾ آهي اهو برما ۾ هلندڙ ٻڌ ڌرم کان ڪجھه ڪجھه بدليل آهي. اهو ئي حال انڊو چائنا، چين، ڪوريا ۽ جاپان جي ٻڌ ڌرم جو آهي.
ٻڌ ڌرم جيڪو هندستان مان شروع ٿيو، پر هندستان ۾ گھڻو رهي نه سگھيو. هيڏانهن هوڏانهن آسام، بنگال، نيپال- ويندي سنڌ ۽ پنجاب ۾ ان جو ڪجھه اثر رهيو جنهن جون نشانيون ٺٽي وٽ جھرڪن ۽ ٽئڪسلا پاسي مليون آهن. ٻڌ ڌرم جو هندستان کان ٻاهر ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر جي ملڪن ۾ وڏو آڌر ڀاءُ ٿيو. پهرين سلون (سري لنڪا) ۽ برما ۾، ان بعد انڊو-چين (ڪمبوڊيا، ويٽنام، لائوس وغيره)، چين ۽ ڪوريا ۾ ٻڌ ڌرم پهتو.
جاپان ۾ ٻڌ ڌرم عيسوي سن 552 ۾ پهتو جڏهن ڪوريا جي بادشاهه جاپان جي شهنشاهه ڪميئي (Kimmei) ڏي گوتم ٻڌ جو سون مان ٺهيل مجسمو تحفي طور موڪليو. جاپاني شهنشاهه ان مجسمي جي پرگھور لهڻ لاءِ اهو ان وقت جي هڪ طاقتور خاندان (سوگا) جي حوالي ڪيو ۽ کين هدايت ڪئي ته ان جي اهڙي طرح ئي عبادت ڪئي وڃي جهڙي طرح ٻين ديوتائن جي ڪئي وڃي ٿي جيئن تجربو ٿي سگھي ته هي ڌرم ۽ ان جو باني ڪيتري حيثيت رکي ٿو. ان ڳالهه کانپوءِ سگھو ئي جاپان ۾ هڪ بيماري اچي پکڙي. شنٽو ڌرم جي ٻاون ۽ ڏاهن، جن جاپان جي شهنشاهه کي گوتم ٻڌ جي مجسمي اچڻ وقت چتاءُ ڏنو هو ته هن ڌرتي تي ابن ڏاڏن کان هلندڙ ڌرم (Shintoism) کان علاوه ٻئي ڪنهن ڌرم جي همت افزائي نه ڪئي وڃي، تن ان آفت جو سڄو ڏوهه گوتم ٻڌ جي مورتيءَ کي ڏنو.
هتي جي مذهبي تاريخن ۾ آهي ته ان بعد گوتم ٻڌ جي سوني مجسمي کي هڪدم نانيوا (اڄ ڪلهه جتي اوساڪا شهر آهي) وٽ وهندڙ نديءَ ۾ اڇلايو ويو، پر بيماري ڏينهون ڏينهن وئي زور ٿيندي. آخرڪار ماڻهن اهو فيصلو ڪيو ته ان مسجمي کي ڪجھه عزت بخشي وڃي. ان بعد ان مجسمي کي درياهه جي گپ مان ڳولي وڏي شان مان سان رکيو ويو ۽ حيرت جي ڳالهه اها جو ان بعد پکڙيل اها وبا هڪدم ختم ٿي وئي. ماڻهن توڙي پراڻن مندرن جي ٻاون جي دلين تي وڏو اثر ويهي ويو. جنهن ٻڌو ٿي ان گوتم ٻڌ جي واکاڻ ڪئي ٿي ۽ سوگا گھراڻي جو وڏو مان ٿي ويو، جيڪي جاپان ۾ پهريان هئا جن گوتم ٻڌ جي عبادت ڪئي. اهڙي طرح جاپان ۾ ٻڌ ڌرم متعارف ٿيو ۽ اڳتي هلي سڄي قوم گوتم ٻڌ جي پوڄاري ٿي وئي. ڏٺو وڃي ته گوتم کي اندر جي روشني ۽ علم ملڻ بعد، پورن هڪ هزار اسي سالن بعد جاپان ۾ ٻڌ ڌرم جي شروعات ٿي. هي 552ع جو سال هو جنهن کانپوءِ 18 سال کن رکي حضور صلي الله عليه و آلهي وسلم جن 570ع ۾ پئدا ٿيا ۽ چاليهه سالن بعد (سن 610) ۾ حضور صلي اله عليه و آلهي وسلم جن کي اسلام جو سڏ مليو ۽ دنيا جي اهم ترين مذهب اسلام جي تبليغ شروع ٿي.
جاپان ۾ ٻڌ ڌرم شهنشاهه ڪميئي جي ڏينهن ۾ ضرور آيو، پر ان کي مٿانهون درجو ڪميئي جي پوٽي شهزادي امايادو رسايو، جيڪو اڳتي هلي تاريخ ۾ شوتوڪو تائيشي جي نالي سان مشهور ٿيو. شوتوڪو سن 572ع ۾ ڄائو. هي هڪ رحمدل، ذهين ۽ پاڙهو ماڻهو هو. هن ارڙهن سالن جي ڄمار ۾ پهچي پنهنجو پاڻ کي هن نئين ڌرم (Buddhism) لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. شنٽو ڌرم ۾ پنهنجن وڏن (جيئرن ۽ مري ويلن) جي عبادت ڪري پاڪائي حاصل ڪئي ٿي وئي جيڪو جاپان جو هڪ قديمي مذهب هو ۽ ان جو ماضيءَ سان واسطو هو، پر هن نئين مذهب (ٻڌ ڌرم) مستقبل جي راهه ٺاهي ٿي ۽ هن ڌرم هن نوجوان شهزادي جي دل موهي ورتي هئي. هن کلئي عام وڏي پئماني تي ٻڌ ڌرم جي پرچار شروع ڪري ڏني جيتوڻيڪ جاپان جو قديمي مذهب (Shintoism) اٽل رهيو. هن گوتم ٻڌ جي مان ۾ ٽائيوا (اوساڪا) ۾ هڪ مندر ٺهرايو ۽ پنهنجي سڄي ڄمار گوتم جي مذهب کي سمجھڻ جي ڪوشش ۾گذاري ۽ سڄي ملڪ ۾ مندر ٺهرايا.
وقت سان گڏ جاپانين جو قديمي مذهب شنٽو ڌرم هاڻ هن نئين مذهب ٻڌ ڌرم کي برداشت ڪرڻ لڳو ۽ هتي جي تاريخ ۾ اهڙا ڪيترا مثال ملن ٿا جن موجب شنٽو ڌرم وارن هن نئين مذهب لاءِ نه فقط سهپ پئدا ڪري ورتي، پر ڪيترن ئي دورن ۾ ٻڌ ڌرم جي همت افزائي به ڪئي. شوتوڪو جي مرڻ (سن 621ع) تائين ٻڌ ڌرم سڄي جاپان ۾ پنهنجا پير پختا ڄمائي ورتا ۽ پوءِ وقت سان گڏ مختلف هنڌن تي ٻڌ ڌرم جي پوئلڳن ان ۾ ٿوريون گھڻيون تبديليون آنديون پئي. نارا دور (794-710) ۾ جن ڏينهن ۾ جاپان جي گاديءَ جو هنڌ نارا شهر ۾ هو، ٻڌ ڌرم جا ڇهه فرقا عام هئا، سان ران، جو جي تسو، هوسو، ڪوشا، ڪيگان ۽ رتسو.
هتي هڪ ڳالهه ڪرڻ بي محل نه ٿيندي ته ٻڌ ڌرم لاءِ هميشه اهو ئي بحث هلندو آهي ته ٻڌ ڌرم (Buddhism) ڪو مذهب يا ڌرم نه آهي، پر هڪ فلسفو آهي- ڇو ته هر مذهب پنهنجي پالڻهار يا ڪنهن هستيءَ جي عبادت، پوڄا ڪرڻ لاءِ چوي ٿو، پر گوتم ٻڌ ڪڏهن به اهو نه چيو ته خدا هڪ آهي يا فلاڻي فلاڻي جي عبادت ڪريو يا مون کي پوڄيو. هن اهو ئي چيو ته پنهنجي زندگي سادگي سان گذاريو، رحمدل ٿيو، ڪنهن کي نه ماريو نه ظلم ڪريو، پنهنجي جسم، پنهنجي روح، پنهنجي خيالن کي صاف سٿرو رکو ۽ توهان مري مري وري جنم وٺندائو جيسين مٿين ڳالهين تي عمل ڪري نرواڻ حاصل نه ڪندئو. هن ڌرم ۾ هڪ مَنو ٿي ويهي سوچڻ (Meditation) تي پڻ زور ڏنو ويو آهي. پوءِ هي جيڪي مختلف فرقا آهن تن مان ڪنهن تي ڪنهن ڳالهه جو وڌيڪ زور ڏنل آهي ته ڪنهن جو ڪنهن تي گھٽ. مثال طور 658ع ۾ ٻه جاپاني ٻاوا چين مان ٻڌ ڌرم بابت علم حاصل ڪري آيا انهن پنهنجي طريقي سان پرچار ڪري ڪافي پوئلڳ ٺاهيا ۽ انهن پوئلڳن نارا ۾ ۽ جاپان جي ٻين شهرن ۾ مندر ٺاهي پنهنجي طريقي جي ٻڌ ڌرم جي پرچار شروع ڪئي جنهن کي ٻڌ ڌرم جو ڪوشا فرقو سڏيو وڃي ٿو.
اهڙي طرح اڳتي هلي ٻڌ ڌرم ۾ ٻيا به فرقا پئدا ٿيا. خاص ڪري جڏهن جاپان جي گاديءَ جو هنڌ نارا شهر مان ڦيرائي هائيئان (Heian) ۾ ڪيو ويو جيڪو اڄ ڪلهه ڪيوٽو سڏجي ٿو. ان ڪري اڄ به سڀ کان گھڻا مندر (سون جي تعداد ۾، ننڍا وڏا) نارا، ڪيوٽو ۽ هڪ ٻئي تاريخي شهر ڪماڪُورا ۾ نظر اچن ٿا ۽ ٻڌ ڌرم جي مختلف فرقن موجب مختلف مندرن ۾ مختلف شيون ۽ عبادت جا طريقا نمودار ٿي پيا آهن. ڪيوٽو دور جا مشهور فرقا هن ريت آهن: ٽينڊائي، شن گان، اميدا، جوڊو، شِن شُن، زين وغيره.
شن گان جو باني ڪوڪائي (Kukai) هو جيڪو سندس موت کانپوءِ واري نالي ڪبو دائي شي سان وڌيڪ سڃاتو وڃي ٿو. هو هڪ تمام وڏو عالم، ٻائو، ماستر، روحاني بزرگ، آرٽسٽ ۽ ڪاتب (Calligrapher) مڃيو وڃي ٿو. هن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن جاپاني لکڻي هراگانا ۾ وڏو سڌارو آندو. (ياد رهي ته جاپاني لکڻ لاءِ ٽي لکڻيون استعمال ٿين ٿيون، ٻه اچارن واريون، جيڪي ڪاٽا ڪانا ۽ هراگانا سڏجن ٿيون ۽ هڪ مورتين واري آهي جيڪا ڪانجي سڏجي ٿي جيڪا چين کان هتي جاپان ۾ آئي. ڪانجيءَ ۾ لکيل ڳالهه جاپاني توڙي چيني پڙهي ويندو پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن شڪلين لاءِ هر هڪ وٽ پنهنجا لفظ آهن. جيئن وڻ جي تصوير يا پينٽنگ ڏسي اسين سمجھي سگھون ٿا ته اها ڪهڙي شيءِ آهي، پر پڇڻ تي جواب ڏيڻ وارو سنڌي هوندو ته “وڻ” چوندو، اردو ڳالهائيندڙ “درخت” چوندو. اهڙي طرح ڪو “شجر” چوندو ته ڪو “ٽِري” چوندو.
سو ٻڌ ڌرم جون جاپان ۾ انيڪ شاخون ۽ فرقا آهن. هر هڪ جو هتي بيان ڪرڻ پڙهندڙن لاءِ بوريت پئدا ڪندو، جيتوڻيڪ هي پنج ڇهه صفحا به ڪافي بد هضمي پئدا ڪري سگھن ٿا، پر انهن نوجوانن جي سهولت لاءِ مختصر طور لکيو اٿم جيڪي جاپان پڙهڻ يا نوڪري لاءِ اچن ٿا. جيئن کين idea ٿي سگھي ته جاپان ۾ ڪهڙا مذهب (شنٽو ڌرم ۽ ٻڌ ڌرم) عام آهن ۽ ٻڌ ڌرم جا ڪيترائي فرقا آهن. اڄ ڪلهه جيڪو تمام گھڻو عام ۽ مشهور فرقو آهي اهو زين ڌرم آهي، جنهن جو ٻائو ٿيڻ لاءِ ڇا ڇا ڪرڻو ٿو پوي ان جو احوال هن کان اڳ واري مضمون ۾ اچي چڪو آهي. بلڪ مسٽر اينا موري (جاپان جي مشهور ليکڪ، انڊسٽريلسٽ، انجنيئر ۽ ٻڌ بخشو) جو احوال لکڻ بعد ضروري سمجهيم ته هتي جي مذهبن بابت ڪجھه مختصر لکيو وڃي جيئن جاپان ۾ ايندڙ ڌارئين کي ڪنهن مندر يا درگاهه جو سير ڪندي اهو مونجھارو نه ٿئي جيڪو شروع جي ڏينهن ۾ اسان کي ٿيندو هو.