بلاگخاص

منشي عبدالڪريم ۽ وڪٽوريا مهاراڻي قسط-1

الطاف شيخ جو سفر نامون “وري ياد آيا”

قسط-1

منشي عبدالڪريم ۽ وڪٽوريا مهاراڻي

(هڪ انوکي عشق جي ڪهاڻي)

الطاف شيخ

هندستان تي ان وقت مغل بادشاهه جهانگير جي حڪومت هئي جو سندس پٽ بيمار ٿي پيو هو. هڪ انگريز ڊاڪٽر سندس علاج ڪيو ۽ نينگر نوبنو ٿي ويو. بادشاهه سلامت حڪم جاري ڪيو ته انعام طور انگريز ڊاڪٽر کي سندس پٽ جي تور جيترو سون ڏنو وڃي. انگريز ڊاڪٽر سون وٺڻ کان انڪار ڪندي بادشاهه سلامت کي عرض ڪيو ته ان جي بدلي ۾ هن جي ملڪ جي ماڻهن (انگريزن) کي انڊيا ۾ واپار جي اجازت ڏني وڃي. اهڙي طرح انگريزن جو انڊيا ۾ اچڻ شروع ٿي ويو ۽ واپار وڌائڻ سان گڏ مڪاني سياست ۽ حڪومت جو به جائزو وٺندا رهيا ۽ آهستي آهستي مڪاني حاڪمن جي ڪمزورين جو جائزو وٺي هنن کي پاڻَ ۾ ويڙهائي، ڪن کي پاڻ شڪست ڏني ۽ سڄي انڊيا کنڊَ تي قبضو ڪري ورتو. اهڙي طرح هندستان ۾ واپار ڪرڻ لاءِ منٿ ميڙ ڪرڻ وارا انگريز  هندستان جا ”حاڪم“ ٿي ويا ۽ جن جو ملڪ هو…. هندو، مسلمان، سک وغيره سڀ هنن جا ”غلام“ ٿي ويا. مجال آهي جو ڪو نواب، راجا يا بادشاهت جو وارث ڪجهه ڪڇي سگهي. انگريز ايڏا منظم ۽ هوشيار هئا جو جنهن ٿي بغاوت ڪئي ان کي اهڙو سبق ٿي سيکاريو جو ٻيا بي همٿا ٿي ٿي پيا. اهڙي طرح اهو حال انگريزن ملائيشيا، سنگاپور، هانگ ڪانگ، ڪينيا، نائيجيريا کان آسٽريليا ۽ نيوزيلئنڊ تائين ڪيو ۽ انهن ملڪن ۽ ماڻهن کي پنهنجي قبضي ۾ آندو. انهن ڏينهن ۾ اهو سچ چيو ويو ٿي ته برطانيه جي حڪومت تان سج ڪڏهن به نٿو لهي. ملايا، برما، انڊيا، سري لنڪا ۾ رات ٿي ٿي ته يوگنڊا، ڪينيا ۽ سائوٿ آفريڪا ۽ رهوڊيشيا ۾ سج نظر آيو ٿي ۽ اتي اونداهه ٿي ٿي ته ڪئناڊا ۾ سج رهيو ٿي. يعني دنيا جي گولي تي انگريزن جي هٿ ۾ ايترا ته ملڪ هئا جو ڪٿي نه ڪٿي سج چمڪندو نظر آيو ٿي.

ايشيا، آفريڪا ۽ آمريڪا جي ملڪن تي يورپ جي ٻين ملڪن فرانس، جرمني، اسپين، پورچوگال، اٽلي ۽ هالنڊ جهڙن به قبضو ڪيو پر برطانيا جي حڪومت سڀ ۾ طاقتور مڃي وئي ٿي ۽ ملڪ جو بادشاهه يا راڻي دنيا ۾ طاقتور ترين سمجھيا ويا ٿي. آمريڪا جي صدر جو به اهو ٺاٺ ۽ پاور نه هو جيڪو انگريز بادشاهه/راڻي جو رهيو ٿي. اسان پنهنجي چوڌاري ڪهڙي به پير، مير، جاگيردار، نواب جو تصور ڪريون ته هو انگريز راڄ ڌڻي جي مقابلي ۾ ڪجهه به ثابت نه ٿيندو. انگريز سلطنت جو سڀ کان وڏو اوج، دٻدٻو ۽ عروج تڏهن هو جڏهن راڻي وڪٽوريا انگلنڊ جي تخت تي ويٺل هئي. انگلنڊ جي تخت جي دٻدٻي جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته اڄ جڏهن انگلنڊ جي هٿن مان اهي سڀ ملڪ نڪري ويا  آهن، اڄ جڏهن هر هڪ آزاد ۽ برابر سمجھيو وڃي ٿو تڏهن به انگلنڊ جي اڄ جي راڻي ايلزبيٿ سان ائين هرڪو  ملي نٿو سگهي جيئن سئيڊن، ڊئنمارڪ يا يورپ جي ٻين راڻين يا بادشاهن سان هڪ عام ماڻهو ملي سگهي ٿو. بلڪه سئيڊن جي شاهي خاندان کي اسان جهڙن ماڻهن عام پارڪن ۽ فنڪشنن ۾ ڏٺو جڏهن سئيڊن ۾ پڙهندا هئاسين. بهرحال انگريزن جو  جڏهن اسان جي ننڍي کنڊ تي راڄ هو ته برطانيه جي تخت ڌڻي طرفان مقرر ٿيل وائسراءِ يا گورنر يا ڪمشنر سان به ملڻ جي فقط نوابن ۽ راجائن کي اجازت هوندي هئي جنهن لاءِ به هنن کي اڳواٽ موڪل ۽ وقت وٺڻو پوندو هو  ۽ ملاقات جو چند منٽ شرف حاصل ڪرڻ تي کين وڏا وڏا تحفا، سون ۽ هيرن جون ٿيلهيون انگريز حاڪمن کي  نذراني طور پيش ڪرڻيون پيون ٿي. ان مان توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته برطانيه جي تخت ڌني جو فقط پري کان ديدار ڪرڻ به ڪيڏي وڏي ڳالهه ٿي سگهي ٿي!

هاڻوڪي راڻي ايلزبيٿ جي جڏهن تاج پوشي ٿي هئي ته ان موقعي تي انڊيا، پاڪستان ۽ ٻين ملڪن جي ڪجهه اهم ماڻهن کي اهو فنڪشن اٽينڊ ڪرڻ لاءِ دعوت ڏني وئي هئي. جيتوڻيڪ ان وقت ننڍي کنڊ (برٽش انڊيا) کي خودمختياري ملڪي چڪي هئي ۽ پاڪستان وجود ۾ اچي چڪو هو پر اسان جي ماڻهن ان دعوت کي وڏي نعمت سمجھي. هو ڀاڙا ڀتا ڀري لنڊن ويا ۽ اهو فنڪشن ڏسڻ لاءِ کين فرلانگ کن پري وهڻ جي جاءِ ملي ۽ چند گهڙين جي ديدار کي هنن زندگي جو وڏو سرمايو سمجھيو ۽ واپسي تي پنهنجي ديس واسين کي گد گد ٿي اچي ٻڌايائون ۽ مرڻ تائين ٻڌائيندا رهيا ته هنن کي ڪيڏي وڏي عزت بخشي وئي! نه رڳو پنهنجي وطن جي ڪجهه ماڻهن سان پر هِتي ملائيشيا ۾ پڻ شروع وارن سالن ۾، منهنجي هِتي جي ڪجهه وڏن ۽ اهم ماڻهن سان ملاقات ٿي جيڪي جيتوڻيڪ پاڻ ئي وڏا فيوڊل لارڊ، جاگيردار ۽ ڀوتار آهن جن جا هزارين پوئلڳ ۽ جانثار آهن پر سائين برطانيا جي راڻي صاحبه جي پري کان ڏٺل هڪ جھلڪ به هنن لاءِ زندگي جو وڏو سرمايو هئي. راڻي صاحبه جو فقط ديدار ئي هنن لاءِ ايڏي وڏي ڳالهه هئي جو مرندي گهڙي تائين انهن لمحن جو ذڪر ڪندي هنن جي زبان نٿي خشڪ ٿي پر جيڪڏهن راڻي صاحبه ساڻن هٿ ملائي ها يا ڀر ۾ وهاري منٽ کن ڳالهه ٻولهه ڪري ها ته نه فقط هنن لاءِ پر هنن جي مريدن، رعيت، راڄ لاءِ هڪ اهڙو حيرت انگريز ڪارنامو سمجھيو وڃي ها جنهن جو ڪو سوچي نه سگهي ها!

مٿي هي سڀ ڪجهه مون ان ڪري لکيو آهي جيئن منهنجو پڙهندڙ جنهن آزاد فضا ۾ ساهه کنيو آهي اهو ان غلامي جي دور جو احساس ۽ اسان جي ماڻهن جي سائڪي سمجھي سگهي جيڪو هڪ عام انگريز جي نظرن ۾ به ڪمتر سمجھيو ويو ٿي. مٿئين مثال مان پڙهندڙ اهو به اندايو لڳائي سگهندا ته انگريزن جو اسان مٿان راڄ ختم ٿيڻ بعد به جڏهن اتي جي راڻي ايلزبيٿ ايڏي وڏي پير مرشد سمجھي وڃي ٿي ته سندس ڏاڏي پڙڏاڏي وڪٽوريا جيڪا راڻين جي به راڻي يعني مهاراڻي سمجھي وئي ٿي اها پنهنجي زماني ۾ ڇا اهم شيءِ هوندي! ۽ هاڻ جيڪڏهن توهان کي ٻڌايان ته ان دور ۾ هندستان ۾ عبدالڪريم نالي هڪ اهڙو به عام نوڪر هو جنهن کي وڪٽوريا پنهنجي ڪمري ۾ گهرايو ٿي، هن کي ڀر ۾ وهاري هن کان اڙدو سکي ٿي، ڪيترن دعوتن ۾ هن کي نه فقط پاڻ سان وٺي وئي ٿي پر هن انگريزن سان گڏ وهاريو ٿي. بيمار ٿي پوڻ تي مهاراڻي وڪٽوريا پنهنجي ذاتي ڊاڪٽر کان نه فقط هن جو علاج ڪرايو ٿي پر عبدالڪريم جي ڪمري ۾ وڃي هن جو حال پڇيو ٿي. هن کي آرام سان سمهڻ لاءِ هن جو وهاڻو سيٽ ڪيو ٿي ۽ هن کي مالي فائدو پهچائڻ لاءِ ان وقت جي انڊيا جي وائسراءِ لارڊ لئنسڊائون تي زور آندو ٿي. عبدالڪريم کي مهاراڻي وڪٽوريا ذاتي خذمتگار طور  رکيو پر پوءِ هن جو مرتبو وڌائڻ ڪارڻ هن کي منشي جو خطاب ڏنو. سال ڏيڍ بعد عبدالڪريم موڪلن تي هندستان هليو ويندو هو ته وڪٽوريا کيس خط لکندي هئي. وڪٽوريا جيڪا روزمرهه جي ڊائري لکندي هئي ان ۾ پڻ منشي عبدالڪريم جون تعريفون هونديون هيون.

عبدالڪريم کان اڳ مهاراڻي وڪٽوريا جو دلپسند خذمتگار جان برائون (1826-1883) نالي اسڪاٽ هو جنهن جي ساٿ ۽ خذمت گذاري مان راڻي صاحبه بيحد خوش هئي. پر سڀني جو اهو چوڻ آهي ته جيترو راڻي کي عبدالڪريم پسند هو ان جي مقابلي ۾ جان برائون ڪجهه به نه هو. جيتوڻيڪ مهاراڻي وڪٽوريا کي سندس انگريز خذمتگار سان به ايترو پيار هو. بقول هڪ انگريزي تاريخدان جي:

 

“The exact nature of his relationship with Victoria was the subject of a great speculation by contemporaries and continues to be controversial today……”

وڪٽوريا جي پنهنجن ٻارن ۽ دربار جا وزيرن ۽ صلاحڪارن ان ڳالهه کي پسند نٿي ڪيو. ايتري قدر جو مهاراڻيءَ جون ڌيئرون ته کل کل ۾ برائون لاءِ چئي ڏينديون هيون ته هو “Mama’s Lover” آهي. نوڪرن ۾ گهڻي دلچسپي رکڻ جو هي سلسلو، مهاراڻي وڪٽوريا، پنهنجي مڙس البرٽ جي مرڻ بعد يڪدم شروع ڪيو. 1861ع ۾ جيئن البرٽ وفات ڪئي ته مهاراڻيءَ جان برائون کي ذاتي جذمتگار طور پاڻ وٽ رکيو. جنهن لاءِ ڊربي جي ”پنڌراهين ارل“ ايڊورڊ اسٽينلي پنهنجي يادگيرين ۾ لکيو آهي ته ”شاهي آداب ۽ اخلاق جي خلاف راڻي وڪٽوريا پنهنجي خذمتگار کي ڀر واري ڪمري ۾ سمهاريندي هئي. هر هڪ جي زبان تي هنن جي مشڪوڪ تعلقاتن جون ڪهاڻيون هيون……“.

57 سالن جي ڄمار ۾، 1883 ۾ جان برائون جي مري وڃڻ بعد سگهوئي عبدالڪريم هن جي جاءِ ولاري. عبدالڪريم 1887 ۾ جڏهن مهاراڻي وڪٽوريا جي خذمت لاءِ لنڊن ته هن جي ان وقت عمر فقط 24 سالَ هئي. عبدالڪريم کي مهاراڻي صاحبه جي سندس مرڻ گهڙيءَ تائين جملي 15 سال قربت حاصل رهي.

عبدالڪريم جهانسي شهر جي ڀر واري ڳوٺ لَليتپور ۾ حاجي محمد وزير الدين جي گهر ۾ 1863ع ۾ جنم ورتو. سنڌ جا مشهور اديب مرزا قليچ بيگ، ڏيارام گدو مل ۽ پرمانند ميوارام ان وقت سمجهو ته ست اٺ سالن جا هئا. بهرحال عبدالڪريم جو پيءُ انگريزن جي هڪ فوجي ريجمينٽ جي اسپتال ۾ اسسٽنٽ هو. عبدالڪريم کي وڏو ڀاءُ عبدالعزيز ۽ چار ننڍيون ڀيڻيون هيون. عبدالڪريم کي سندس پيءُ پرائيويٽلي فارسي ۽ اڙدو پڙهائي. 1880 ۾ ائنگلو افغان لڙائي جي خاتمي بعد عبدالڪريم جي پيءُ کي فوج مان ٽرانسفر ڪري سينٽرل جيل آگري ۾ سِول نوڪريءَ ۾ رکيو ويو ۽ عبدالڪريم آگار ۾ اتي جي جاوارا  نواب وٽ نمائندي جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو. 3 سال اگار ۾ ڪم ڪرڻ بعد عبدالڪريم پيءُ وٽ آيو ۽ آگري جيل ۾ ڪلارڪ طور ڪم شروع ڪيو.

جيئن حيدرآباد جيل ۾ قيدين کي کاڌيءَ جو ڪپڙو اڻڻ سيکاريو وڃي ٿو ته هو ڪمائي جوڳا ٿي سگهن اهڙي طرح آگري جيل ۾ قيدين کي غاليچا ٺاهڻ جي ڪم ۾ لڳايو ويو ٿي. 1886 ۾ لنڊن ۾ هڪ نمائش جو بندوبست ڪيو ويو جنهن ۾ آگري جيل مان 34 قيدين کي موڪليو ويو ته هو غاليچا ٺاهڻ جو هنر ڏيکارين. جيتوڻيڪ عبدالڪريم کي قيدين سان گڏ لنڊن نه  موڪليو ويو پر قيدين جي ۽ مهاراڻي وڪٽوريا لاءِ تحفي خاطر ٻن غاليچن جي چونڊ عبدالڪريم ذريعي ڪئي وئي. نِمائش جي ڪاميابي تي آگري جيل جي سپرنٽنڊنٽ ”جان ٽيلر“ جي تعريف ٿي جنهن جي عيوض هن عبدالڪريم کي به شاباس ڏني. مهاراڻي وڪٽوريا کي پنهنجي انڊين راڄ  ۾ تمام گهڻي دلچسپي  رهي ٿي ۽ هن ان نمائش دوران ان خواهش جو اظهار ڪيو ته سندس سلطنت جي گولڊن جوبلي لاءِ ٻن هندستاني خذمتگارن کي رکيو وڃي. هن جيل سپرنٽنڊنٽ جان ٽيلر کي حڪم ڏنو ته هن جي خذمت چاڪري لاءِ ٻن هندستانين کي هڪ سال جي مدي لاءِ موڪليو وڃي.

جان ٽيلر هندستان پهچي يڪدم پنهنجي جيل جي ڪلارڪ عبدالڪريم کي جلدي جلدي انگريزي ۽ انگريزن جي آداب اطوار (manners) جي تربيت ڏياري، هڪ ٻئي همراهه  محمد بخش سان گڏ هڪ سال لاءِ مهاراڻي جي ٽهل ٽڪور لاءِ لنڊن موڪليو. محمد بخش هن کان اڳ به انڊيا ۾  هڪ انگريز ميجر جنرل ٿامس وٽ نوڪري ڪري چڪو هو جيڪو هاڻ  انڊيا مان بدلي ٿي لنڊن ۾ مهاراڻي جي محل جي ڪم ڪارين جو انچارج مقرر ٿيو هو.

عبدالڪريم ريل گاڏي ذريعي آگري کان بمبئي پهتو جتان پوءِ اسٽيمر ذريعي جون 1887 ۾ لنڊن پهتو. انهن ڏينهن ۾ انجڻ ايجاد ٿي چڪي هئي جنهن جا پسٽن ٻاڦ ذريعي هيٺ مٿي  ٿيا ٿي جنهن سان ريل جا ڦيٿا يا پاڻي جي جهاز جو پروپيلر ڳنڍيل هو. ڊيزل يا پيٽرول انجڻيون پوءِ ويهين صديءَ جي شروعات ۾ ايجاد ٿيون نه ته ٻاڦ تي هلڻ  ڪري ان وقت جا جهاز ”اسٽيمر“ يا آگبوٽ سڏبا هئا. عبدالڪريم ۽ محمد بخش کي ونڊسر ڪئسل (ونڊسر  محل) ۾ ميجر جنرل ٿامس (Thomas Dennehy) حوالي ڪيو ويو. جِتي هنن پهريون دفعو 23  جون 1887 جي صبح جو مهاراڻي وڪٽوريا کي نيرن Serve ڪئي. مهاراڻي وڪٽوريا کي ڊائري لکڻ جي عادت هئي. هن جي ڊائريءَ مان ان تاريخ تي هندستان جي هنن خذمتگارن بابت سندس راءِ جي ڄاڻ پوي ٿي. هن عبدالڪريم لاءِ لکيو ته……..

”…….. هي محمد بخش کان عمر ۾ ڪافي ننڍو، رنگ ۾ صاف، ڊگهو ۽ همٿ ۽ فضيلت وارو نوجوان آهي جنهن جو پيءُ آگري ۾ حڪيم آهي. ڪريم ۽ بخش ٻنهي منهنجي پيرن کي چميو……“

پنجن ڏينهن بعد مهاراڻيءَ پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو: ”هي هندستاني خذمتگار  منهنجو بيحد گهڻو خيال رکن ٿا ۽ منهنجي حڪم جي پوئواري ڪرڻ لاءِ حاضر رهن ٿا….“

3 آگسٽ تي هن لکيو: ”آئون هنن کان هندستاني زبان جا ڪجهه ڪجهه لفظ سکي رهي آهيان. هي همراهه ۽ هنن جي زبان مون لاءِ باعث دلچسپي آهي.“ 20 آگسٽ تي مهاراڻيءَ کي ”هنن جو رڌل ٻوڙ “Curry” بيحد پسند آيو.“ ۽ 30 آگسٽ تائين عبدالڪريم مهاراڻي وڪٽوريا کي اڙدو جا ايترا لفظ سيکاري چڪو هو جيڪي هن بڙودا جي مهاراڻي چمنا ٻائي جي ڊسمبر واري آڌر ڀاءُ ۾ ڳالهائڻ لاءِ ڪافي سمجيا.

وڪٽوريا جي عبدالڪريم ۾ ڏينهون ڏينهن دلچسپي وڌندي وئي ۽ حڪم جاري ڪيو ته عبدالڪريم کي مزيد ٽيوشن ذّريعي انگريزي سيکاري وڃي. فيبروري 1888 ڌاري هن مهاراڻي جي لکيل ڊائريءَ موجب:

“… He has learnt English wonderfully”

راڻي صاحبه جو پاڻ لاءِ ايڏو قرب پسي هڪ ڏينهن ڪريم هن سان ماڻو ڪيو ته هو هندستان ۾ ته ڪلارڪ هو پر هِتي هن کي هٿ جو پورهيو (Menial Work) ڪرڻو پوي ٿو جيڪو هن جي مان مرتبي کان گهٽ آهي. راڻي صاحبه هن کي يڪدم ترقي ڏئي ”منشي“ مقرر ڪيو. هيءَ آگسٽ 1888 جي ڳالهه آهي. راڻي صاحبه جي وڌيڪَ حڪم تي ڪريم جا اهي سڀ اڳوڻا فوٽو ڦاڙيا ويا جن ۾ هو با ادب خادم وانگر وڪٽوريا جي ڀرسان بيهي ماني کارائي رهيو آهي يا ڪجهه کڻي ڏيڻ ۾ مدد ڪري رهيو آهي. تواريخ ۾ هي پهريون هندستاني هو جنهن کي انگلنڊ جي راڻيءَ جو ذاتي ڪلارڪ ٿيڻ جو شرف حاصل ٿيو. ساڻس گڏ آيل ٻيو هندستاني محمد بخش 1899 ۾ مهاراڻي وڪٽوريا جي وفات تائين ونڊسر محل ۾ خذمتگار ۽ ماني کارائڻ وارو بئرو ئي ٿي رهيو.

ڪريم جي زندگي جو احوال ڪيترن ئي لکيو آهي جنهن مان هڪ سشيلا آنند پڻ آهي جنهن راڻيءَ جي لکيل خطن جو حوالي ڏيندي لکيو آهي ته راڻي صاحبه عبدالڪريم کي دل ۽ دماغَ سان چاهيو ٿي. هن عبدالڪريم سان سياست کان فلسفي تائين هر عنوان تي ڪچهري ڪئي ٿي. عبدالڪريم کي ونڊسر محل ۾ ڪم ڪندڙ هندستاني نوڪرن جو انچارج بڻايو ويو ۽ هنن جي پگهارن ۽ ڏيتي ليتيءَ جي جوابداري ڪريم کي سونپي وئي. راڻي وڪٽوريا پنهنجي خطن توڙي محل ۾ رکيل جرنل ۾ عبدالڪريم جي تمام گهڻي تعريف لکي آهي: ”هو تمام سٺو ۽ فضيلت وارو آهي جنهن کي آئون گهڻو چاهيان ٿي……“ وڪٽوريا جي لفظن مطابق:

“I am so very fond of him. He is good and gentle & understanding all I want and is real comfort to me…..”

بالمورل محل ۾ ڪريم کي اهو ڪمرو ڏنو ويو جيڪو راڻي صاحبه جي هن کان اڳ واري دلپسند انگريز نوڪر جان برائون کي مليل هو، جيڪو 1883 ۾ گذاري ويو هو. بقول BBC جي نمائندي الستر لاسن جي عبدالڪريم راڻي وڪٽوريا جو وڏو رازدار ۽ ويجھو دوست هو جيتوڻيڪ ان ڳالهه کي شاهي گهراڻي جا ماڻهو راڻي جي وفات بعد توڙي سندس حياتيءَ ۾ لڪائيندا رهيا. راڻيءَ جي وفات بعد جيتوڻيڪ عبدالڪريم وٽ لنڊن ۾ توڙي هندستان واري گهر ۾ موجود راڻي صاحبه جي خطن  ۽ سندس ڊائرين کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو پر ويجھڙائي ۾ راڻي وڪٽوريا ۽ ڪريم جي تعلقات تي ڇپيل ڪِتاب “Victoria & Abdul Karim” ۾ مصنف شراباني باسوءَ جيڪو احوال لکيو آهي اهو انهن بچيل ڊائرين جي آڌار تي لکيو آهي جيڪي عبدالڪريم جي مائٽن لڪائي ڇڏيون هيون جن ۾ عبدالڪريم جي لنڊن ۾ گذاريل ڏهه سالن گولڊن جوبلي کان ڊائمنڊ جوبلي تائين جون ڳالهيون آهن. هندستان جي ورهاڱي تي مرحوم عبدالڪريم جا پونئير اهي ڊائريون ۽ خط پاڪستان کڻي آيا. هنن کي جڏهن خبر پيئي ته محترما باسو عبدالڪريم ۽ راڻي صاحبه تي ڪِتابُ لکي رهي آهي ته هنن پاڻ وٽ سانڍيل ڊائريون ۽ خط ”شراباني باسو“ کي ڏسڻ ڏنا جنهن  اهي پڙهڻ بعد اهو چيو هو ته:

 

I was fortunate enough to have unearthed a truly remarkable love story.

 

هي ڪِتاب هسٽري پريس وارن لنڊن ۾ ڇپيو. هنن ڊائرين مان اها به ڄاڻَ پوي ٿي ته مهاراڻي وڪٽوريا انگريز خذمتگار جان برائون کان به وڌيڪَ هندستاني خادم عبدالڪريم کي پسند ڪيو ٿي ۽ هن جي وڌيڪَ ويجھو هئي. 1861 ۾ راڻي وڪٽوريا جو مرس شهزادو البرٽ جيئن ئي گذاري ويو ته راڻيءَ پنهنجي هن خذمتگار جان برائون سان کڻي دوستي وڌائي. هيترن ملڪن جي راڻيءَ جو هڪ نوڪر جي ايڏو ويجھو وڃڻ ۽ پاڻ سان گڏ رکڻ ڪري، شاهي گهراڻي توڙي سرڪاري ڪامورن ۾ چوٻول پيدا ٿي ويو. هنن کي مهاراڻي صاحبه جي انگريز نوڪر ”جان برائون“ سان ئي گهرائي نٿي وڻي ۽ هاڻ هندستان کان آيل هڪ قداور، ٺاهوڪي نوجوان ڪريم سان جان برائون کان وڌيڪَ دوستي رکڻ ڪري هر هڪ کي تمام گهڻي حيرتَ ٿي. بقول شراباني باسو ليکڪا جي:

 

It was a relationship that sent shock waves through the royal court and was arguably a relationship far more scandalous than her much reported friendship with Mr. John Brown.

 

بهرحال عبدالڪريم هندستان کان لنڊن جي ونڊسر محل ۾ جون 1887 ۾ آيو هو ۽ اٽڪل 16 مهينن بعد هن کي وطن وڃڻ لاءِ چئن مهينن جي موڪل ملي جنهن ۾ هو پنهنجي پيءُ سان مليو. ان موڪل دوران به مهاراڻي وڪٽويا جي عبدالڪريم سان خط و ڪِتابت ڪريم هلندي رهي. هندوستان مان راڻي وڪٽوريا کي لکيل خطن مان هڪ ۾ پنهنجي پيءُ لاءِ لکيو ته هو ريٽائرڊ ٿيڻ وارو آهي ۽ هو پينشن جي اميد رکي ٿو. ان ئي خط ۾ ڪريم پنهنجي اڳوڻي صاحب جان ٽيلر جي پروموشن جي سفارش پڻ ڪئي. جان ٽيلر آگري جيل جو سپرنٽنڊنٽ هو جنهن عبدالڪريم جي مدد سان جيل ۾ غاليچا ٺاهڻ وارن قيدين جي چونڊ ڪري انهن کي لنڊن ۾ لڳل نمائش ۾ حصو وٺڻ لاءِ موڪليو هو.

عبدالڪليم جي سفارش تي راڻي وڪٽوريا سال 1889 جا شروع وارا ڇهه مهينا هندپستان جي ان وقت جي وائسراءِ لارڊ لئنسڊائون (Lord Lansdowne) سان خط و ڪِتابت ڪندي رهي ۽ هن تي زور وجھندي رهي ته عبدالڪريم جي پيءُ وزير الدين کي پينشن عطا ڪئي وڃي ۽ جان ٽيلر جي پروموشن ڪئي وڃي.

هي وائسراءِ اهو هو جنهن جي نالي روهڙي سکر کي ڳنڍيندڙ پل لئنسڊائون برج سڏجي ٿي. هيءَ پل 1887 ۾ جڏهن ٺهي راس ٿي هئي ته هيءَ پل  ان وقت جي دنيا جي ڊگهي ۾ ڊگهي Rigid گرڊر واري پل مڃي وئي ٿي. اوڻهين صديءَ جي هيءَ پل هڪ عجوبو سمجھي وئي ٿي جنهن ۾ 3300 ٽن لوهه استعمال ٿيو هو. ممبئي ۾ رهندڙ ان وقت جي وائسراءِ لارڊ لئنسڊائون سکر اچي 25 مارچ 1889 تي هن پل جو افتتاح ڪيو هو. اهڙن موقعن تي کڻي ڪهڙو به  ملڪ ۽ موسم هجي انگريز بهادر مڪمل يونيفار ۽ سوٽ ٽاءِ ۾ ئي اٽينڊ ڪري ٿو. سکر جي گرميءَ جو خيال رکي هي جشن منجھند يا شامَ جو ڪرڻ بداران صبح ساجھر رکيو ويو. پل کولڻ جو افتتاح هڪ خوبصورت موتين سان مڙهيل تالي کي ڪنجيءَ سان کولي ڪيو ويو. هي سهڻي ڊيزائين وارو ڪلف (Pad Lock) لاهور جي ”مايو اسڪول آف آرٽ“ جي پرنسپال ”جي. ايل. ڪپلنگ“ ڊزائين ڪيو هو. ياد رهي ته انگريزي جو شاعر ۽ ليکڪ جوزف رڊيارڊ ڪپلنگ هن پرنسپال صاحب جو پٽ هو. هِتي اهو پڻ لکندو هلان ته عوام ۽ ٽرئفڪ جي وڌڻ ڪري (1960-1962) ۾ هن جي ڀرسان ٻي پل ٺاهي وئي جيڪا ايوب برج سڏجي ٿي. پهرين واري پل کان هيءَ پل 100 فٽ کن جي فاصلي تي آهي پر پري کان هي ٻئي پليون ائين لڳن ٿيون ڄن هڪ هجن. هن پل جو افتتاح ان وقت جي صدر محمد ايوب خان 6 مئي 1962 تي ڪيو هو.

انڊيا جو هي وائسراءِ لارڊ لئنسڊائون 1845 ۾ لنڊن ۾ ڄائو ۽ 1927 ۾ وفات ڪيائين. پاڻ 1883 کان 1888 تائين ڪئناڊا جو گورنر جنرل ٿي رهيو. ان بعد 1894 تائين 6 سال انڊيا جو وائسراءِ ٿي رهيو. انڊيا جي اترکنڊ رياست ۾ سندس نالي ”لئنسڊائون“ شهر پڻ آهي جيڪو ان کان اڳ ڪالوڊنڊا نالي مشهور هو. هن وائسراءِ نالي ڪولڪتا ۾ لئنسڊائون روڊ پڻ هو جيڪو هاڻ سرت بوش روڊ سڏجي  ٿو. ائين ته هن  جي زال نالي ”ليڊي لئنسڊائون“ هڪ ٻاڦ تي هلندڙ جهاز (اسٽيمر) پڻ هوندو هو جيڪو انگلنڊ جي شهر برڪنهيڊ ۾ ٺهيو هو. هي جهاز دنيا جو پهريون لوهي جهاز آهي جنهن جون ڀتيون واٽر ٽائيٽ ٺاهيون ويون هيون جيئن جهاز جي هڪ حصي کي نقصان رسي ته پاڻي ٻين حصن تائين پهچي نه سگهي. هي جهاز نمائش طور اڄ به لنڊن ۾ موجود آهي. ويجھڙائيءَ ۾ ڪنهن مئگزين ۾ پڙهيم ته ان جهاز کي هاڻي ڀڃي ڀوري ان جي جاءِ تي هڪ گهڻ  ماڙ عمارت اڏي ٿي وڃي.

پاڻ عبدالڪريم جي مهاراڻي وڪٽوريا سان ويجھن تعلقات ۽ اهميت جي ڳالهه ڪريون جيڪا شروع ۾ بيان ڪيل هن حقيقت مان ظاهر آهي: نومبر 1888 ۾ ڪريم کي وطن وڃڻ لاءِ چئن مهينن جي موڪل ملي جنهن دوران هن پنهنجي پيءُ سان ملاقات ڪئي. ان بعد ڪريم مهاراڻي وڪٽوريا کي خط لکيو ته هن جو پيءُ رٽائرڊ ٿيڻ وارو آهي ۽ هو اميد ٿو رکي ته هن کي رٽائرمينٽ بعد پينشن سان نوازيو وڃي. ڪريم هن خط ۾ راڻي وڪٽوريا کي پنهنجي سابق باس جان ٽيلر لاءِ به سفارش ڪئي ته هن کي پڻ ترقي ڏني وڃي. …(هلندڙ)…