منشي عبدالڪريم ۽ وڪٽوريا مهاراڻي قسط-2
الطاف شيخ جو سفر نامون “وري ياد آيا”
قسط-2
منشي عبدالڪريم ۽ وڪٽوريا مهاراڻي
(هڪ انوکي عشق جي ڪهاڻي)
الطاف شيخ
ڪريم جي ان سفارشي خط جي نتيجي ۾ سال 1889 جا پهريان ڇهه مهينا مهاراڻي وڪٽوريا انڊيا جي ان وقت جي وائسراءِ لارڊ لئنسڊائون کي ڪريم جي پيءُ وزير دين جي پينشن ۽ جان ٽيلر کي پروموشن ڏيڻ لاءِ خط و ڪِتابت ڪندي رهي. ان مان پڙهندڙ اندازو لڳائي سگهن ٿا ته هڪ انڊين خذمتگار جي ايتري هلي ٿي جو جان ٽيلر جهڙي اعليٰ عملدار انگريز کي به ڪريم جهڙي هڪ ادنيٰ ديسي ماڻهوءَ جي پارت جي ضرورت سمجھي ٿي.
ڪريم جي ايڏي لئه ۽ راڻي وڪٽوريا جي نظرن ۾ ايڏو اهم ٿي وڃڻ جيڪا ان وقت دنيا جي طاقتور هستي مڃي وئي ٿي جو هوءَ نه فقط انگلنڊ جي راڻي هئي پر انڊيا، ملايا، سلون، برما، ڪئناڊا، آسٽريليا، نيوزيلئنڊ، ويسٽ انڊيز، ڪينيا، يوگنڊا، نائيجيريا، هانگ ڪانگ، سنگاپور….. خبر ناهي ڪيترن ملڪن ۽ ٻيٽن جي راڻي هئي، شاهي گهراڻي هن شخص لاءِ ساڙ ۽ نفرت جو ماحول پيدا ڪيو. سوچڻ جي ڳالهه آهي جِتي عام حالتن ۾ برطانيا جي شاهي خاندان جي ڪنهن ماڻهوءَ کي سماجي طرح ڪنهن راجا يا نواب کان گهٽ واري هندستاني سان ڳالهائڻ کي به خراب سمجھيو ويو ٿي اتي برطانيا جي تخت ۽ تاج جي مالڪڻ مهاراڻي وڪٽوريا هڪ ادنيٰ ڪاري هندستاني خذمتگار تي ائين فدا ٿيندي رهي! هونءَ اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان ايشيا جا ماڻهو توڙي کڻي آفريڪا جي شيدين وانگر ايترو ڪارا نه هجون پر سڏيا ته ڪارا ۽ ڪلرڊ وڃون ٿا. پر حقيقت اها هئي ته عبدالڪريم پٺاڻن وانگر ڳاڙهو، صحتمند ۽ سهڻو جوان لڳو ٿي ۽ کيس ڳالهائڻ جي به اَدا آئي ٿي ۽ تاريخ ۾ مهاراڻي وڪٽوريا پهرين عورت ته نه هئي جيڪا هڪ غلام تي فدا ٿي رهي هئي. مصر جي عزيز جي زال ذوليخا به ته پنهنجي غلام تي موهت ٿي هئي. بهرحال راند جا قانون کڻي ڇا به هجن پر وڪٽوريا پنهنجي درٻار ۽ خاندان جي ماڻهن کان اهوئي چاهيو ٿي ته هن سان آزاداني نموني سان گڏ هلندڙ هڪ هندستاني ماڻهوءَ کي هو ايتري ئي عزت ۽ مانُ ڏين، جيڪو هو انگريز گوري آفيسر کي ڏين ٿا. هوڏانهن عبدالڪريم کي به ايڏو اعتماد هو جو هن به اهوئي چاهيو ٿي ته انگريز کيس پاڻ برابر سمجھن.
پرنس آف ويلز البرٽ ايڊورڊ 26 اپريل 1889 تي راڻي وڪٽوريا جي خذمت ۾ جڏهن هڪ تفريحي جشن جو بندوبست ڪيو ته ڪريم کي اهو معلوم ڪري پنهنجي بي عزتي محسوس ٿي ته سندس ڪرسي نوڪرن واري پنڊال ۾ لڳائي وئي هئي. هو اتي وهڻ بدران رُسي پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو. بعد ۾ راڻي وڪٽوريا هن جو پاسو کڻي، جشن جو انتظام ڪرڻ وارن کي سمجھائيندي رهي ته هنن کي ڪريم جي لاءِ ڪرسي شاهي خاندان جي ٻين مهمانن سان گڏ لڳائڻ کَتي ٿي. 1890ع ۾ جڏهن مهاراڻي وڪٽوريا بريمر راندين (Braemar Games) ڏسڻ آئي ته سندس پٽ آرٿر ڊيوڪ آف ڪناٽ (جنهن جي نالي دهلي ۾ ڪناٽ پئلس ۽ هانگ ڪانگ ۾ ڪناٽ روڊ آهي) عبدالڪريم کي وي آءِ پي ماڻهن سان گڏ ويٺل ڏسي ڪاوڙ ۾ راڻي صاحبه جي پرائيويٽ سيڪريٽري سَر هينري پونسونباءِ وٽ آيو. سيڪريٽريءَ هن جي ڪاوڙ ٿڌي ڪندي چيو ته جيئن ته هن اهو ڪم راڻي صاحبه جي حڪم تي ڪيو آهي ان ڪري هن کي راڻي ڏي رجوع ٿيڻ کپي. هينري ان بابت پنهنجي ڊائري ۾ لکي ٿو ته: “This entirely shut him up” يعني اهو ٻڌي راڻي جو پٽ چپ ٿي ويو.
ڪريم جي روزانو وڌندڙ لئه ۽ شوخي ڏسي محلات ۾ ڪم ڪندڙ گورن جي نظرن ۾ هو هڪ ناپسنديده شخصيت بڻجي پيو. هي اهو دور هو جڏهن انگلنڊ ۾ نسل پرستي عروج تي هئي ۽ انگريزن جو سڄي دنيا تي حاوي هجڻ ڪري هنن جو مانُ ۽ مرتبو يورپي قومن ۾ به مٿانهون هو. شاهي خاندان جي ماڻهن توڙي سرڪاري ڪامورن ۽ تخت ۽ تاج جو ڪاروبار هلائيندڙ گورن هرگز نٿي چاهيو ته Dark-skinned ديسي ماڻهو، جنهن کي انگريز Native سڏي گهٽتائي ڪندا هئا اهو راڻي جي ويجھو ته ڇا پر انگريز نوڪرن سان گڏ هڪ ئي ٽيبل تي ماني به نه کائي. پر وڪٽوريا صاحبه هر وقت هن پنهنجي دلپسند هندستاني خذمتگار “Dear Good Munshi” جو پاسو کڻي معاملو رفع دفع ڪري ڇڏيو ٿي. جنهن وقت به ڪريم جي دانهن ڪنهن راڻيءَ کي ڏني ٿي ته هن ڪريم جي خلاف هر ڳالهه ٻڌڻ کان نابري واري ڇڏي ٿي. اهڙي طرح هن ڪريم جو بچاءُ ڪري ورتو ٿي بلڪه شڪايت آڻيندڙ کي غلط قرار ڏنو ٿي. ان سلسلي ۾ هڪ حيرت انگيز ڳالهه پڻ هِتي لکان ٿو. مختلف وقتن ۾ لنڊن ۾ راڻي جي محل ۾ ڪريم وٽ سندس ماءُ پيءُ، ڀائر ڀينرون به اچي رهيون ٿي. هڪ دفعي (جون 1889 ۾) ڪريم جي ڀيڻوئي حرمت عليءَ راڻي وڪٽوريا جا سونا بروش ونڊسر جي هڪ سوناري کي وڪيا.
وڪٽوريا ڪريم جي اها ڳالهه ٻڌي دل ۾ نه ڪيو ته بقول ڪريم جي ”راڻي جا گم ٿيل بروش حرمت عليءَ لڌا ۽ انڊيا ۾ اها ڳالهه عام آهي ۽ صحيح سمجھي وڃي ٿي ته گم ٿيل شيءِ جو مالڪ لڀڻ وارو ئي ٿئي ٿو.“ راڻيءَ جي ماٺ ۽ مطمئن ٿيڻ تي درٻار ۽ محل جا سڀ واسطيدار ۽ شاهي خاندان جا ماڻهو ظاهري طرح ته چپ ٿي ويا پر دل ئي دل ۾ هنن ان کي چوري ئي سمجھيو.
مٿين واقعي کان فقط مهينو کن بعد يعني جولاءِ 1889 ۾ راڻي وڪٽوريا کي ڪريم کي وڌيڪَ پنهنجي ويجھو رکڻ لاءِ کيس ڪجهه ڏينهن اڳ وفات ڪري ويل سندس ذاتي ڊاڪٽر سر جيمس رِيڊ وارو ڪمرو ڏنو ۽ کيس پنهنجي ڊرائنگ روم (Sitting Room) واري ڪمري کي استعمال ڪرڻ جي پڻ اجازت ڏني.
راڻي وڪٽوريا، پنهنجي خذمتگار عبدالڪريم (جيڪو هاڻ منشي ڪريم سڏيو ويو ٿي) جي اثر هيٺ اچي پنهنجي انديا واري وائسراءِ لئنسڊائون تي زور آڻيندي رهي جنهن ڪريم جي پيءُ جي پينشن واري ڪم جي ته حامي نه ڀري باقي جان ٽيلر کي جيل جو ائڪٽنگ آءِ جي (انسپيڪٽر جنرل پوليس) ضرور بنايو.
ڪريم ۽ راڻي وڪٽوريا تي لکيل ڪِتابن، مضمونن ۽ ڊائرين ۾ اهو به آهي ته شاهي محل جي ماڻهن کي ان وقت بيحد حيرت ٿي جڏهن 1889 جي سيپٽمبر واري مهيني ۾ راڻي وڪٽوريا بالمورل محل م وڃي رهي هئي ته اتي هن ڪريم کي گهرائي هڪ ڏورانهين اسٽيٽ هائوس ۾ هڪ رات گذاري. هن کان اڳ راڻي وڪٽوريا ان ڏورانهين گهر ۾ ڪڏهن ڪڏهن برائون کي به گهرائيندي هئي. ”جان برائون“ لاءِ شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته هو ڪريم کان اڳ وڪٽوريا جو خاص خذمتگار هو ۽ سندس راڻيءَ سان تعلقات بيحد مشڪوڪ رهيا. بهرحال جان برائون جي وفات بعد راڻيءَ قسم کنيو هو ته هوءَ هاڻ ان گهر ۾ ڪنهن سان نه ويندي. سو ظاهر آهي پنهنجو قسم ڀڃي ڪريم سان ان نويڪلي هنڌ تي رات گذارڻ سڀني لاءِ حيرت جي ڳالهه هئي.
راڻي وڪٽوريا جو ڪريم منشي سان ويجھڙائپ جو هڪ ٻيو مثال، جيڪو بيحد مشهور آهي: 1890 جي شروع وارن ڏينهن ۾ ڪريم بيمار ٿي پيو. کيس ڳچيءَ تي وڏي ڦُرڙي ٿي پيئي. راڻي پنهنجي ذاتي معالج کي ڪريم جي علاج لاءِ موڪليو ۽ کيس خط ۾ پنهنجي پريشاني جو اظهار ڪندي لکيو ته هوءَ محسوس ٿي ڪري ته هڪ راڻيءَ جي حيثيت ۾ هن جي جوابداري آهي ته ڏورانهين ڏيهه هندستان کان هلي آيل نوڪرن جو خيال رکيو وڃي. انگريز ڊاڪٽر ڪريم جي ڦٽ جي آپريشن ڪئي ۽ آخرڪار هو صحتمند ٿيو. راڻي جي هن ذاتي معالج جي ڊائري ۾ مارچ 1890 واري صفحي تي راڻيءَ بابت لکيل آهي ته: ”راڻي صاحبه ڪريم جو حال معلوم ڪرڻ لاءِ ڏينهن ۾ ٻه دفعا پاڻ خود ڪريم جي ڪمري ۾ هلي آئي ٿي ۽ هن وٽ ويهي اردو جا سبق به ورتا ٿي. سندس ڳچيءَ تي هٿ رکي زخم کي ڏٺو ٿي ۽ وهاڻا ٺاهي رکيا ٿي ۽ چادر کي لسو ڪيو ٿي. “
1890 ۾ راڻي وڪٽوريا ان وقت جي اعليٰ آرٽسٽ ”هينرچ وان انجيلي“ کان ڪريم جو پورٽريٽ ٺهرايو. پر راڻيءَ مطابق ”هينرچ اهو پاڻ ٺاهيو جو هن کي شوق هو ته ڪنهن هندستانيءَ جي تصوير ٺاهي وڃي. ڪريم جو سهڻو چهرو ۽ رنگ ڏسي هو بيوس ٿي ويو.“
11 جولاءِ 1890 تي مهاراڻي وڪٽوريا لنـڊن کان هندستان جي وائسراءِ لئنسڊائون کي خط لکيو ته هن جي ”بيحد بهترين ۽ مثالي نوجوان منشي عبدالڪريم کي ڪا زمين عطا ڪئي وڃي“ پوڙهي راڻيءَ کي پنهنجي اولاد ۽ محل جو ڪاروبار هلائڻ وارن تي ڀروسو نه هو. هن وصيت ڪرڻ بدران پنهنجي جيئري ئي ڪريم کي عيش ڪرائڻ چاهيو ٿي پر سائين وڪٽوريا جيتوڻيڪ راڻي هئي پر سندس گورن عملدارن اصولن کي به ڏٺو ٿي ۽ هر ڳالهه يعني حڪم جي اکيون پوري پوئواري نٿي ڪئي. سکر روهڙي پل واري وائسراءِ لئنسڊائون راڻي صاحبه کي جواب ۾ لکيو ته ”ٺهيل قانون موجب زمينون فقط سپاهين کي ڏئي سگهجن ٿيون سي به اهي جن جي ڊگهي سروس رهي آهي ۽ ان سان گڏ سچائي ۽ وفاداري جو ثبوت ڏنو آهي.“
بهرحال وئسراءِ اها ڳالهه قبول ڪئي ته هو منشي ڪريم لاءِ ساليانو 600 رپين جي گرانٽ جو بندوبست ڪندو. ”ان گرانٽ جي به فقط اهي پوڙها فوجي اميد رکي سگهن ٿا جن سڄي ڄمار انگريز راڄ جي دل و جان سان خذمت ڪئي.“ بهرحال پوءِ نيٺ وائسراءِ ڪريم جي ڳوٺ آگري جي ڀرسان هن لاءِ زمين جي چونڊَ ڪئي ۽ وڪٽوريا کي اطلاع ڪيو ويو.
1892 ۾ ڪريم جو پيءُ وزيردين برطانيا گهمڻ ويو ۽ هو سمورو وقت بالمورل ۽ ونڊسر محلن ۾ رهيو. 1893 ۾ هو رٽائرد ٿيو ۽ 1894 جي نئين سال جي ڏينهن تي راڻي وڪٽوريا جن اهم ماڻهن کي ايوارڊ ڏيڻ لاءِ اعلان ڪيو انهن ۾ هڪ ڪريم جو پيءُ به هو جنهن کي ”خانبهادر“ جو خطاب عطا ڪيو ويو. ان ڳالهه انڊيا جي وائسراءِ کي به حيرت ۾ وجھي ڇڏيو.
جيڪي ڏينهن ڪريم موڪل تي هندستان ايندو هو انهن ۾ به وڪٽوريا کيس خط لکندي رهي ٿي جيڪي جيتوڻيڪ سندس زبان انگريزي ۾ هوندا هئا پر انهن تي آخر ۾ هوءَ اڙدو ۾ صحيح ڪندي هئي جيڪا ڪريم هن کي سيکاري هئي. ڪريم انگلنڊ ۾ راڻي ۽ ٻين کي اهوئي ٻڌايو ته هن جو پيءُ سرجن آهي. 1894 ۾ لارڊ لئنسڊائون جو وائسراءِ وارو مدو ختم ٿيو ۽ ان جي جاءِ تي لارڊ الگن (Elgin) انڊيا جو وائسراءِ ٿيو. راڻي وڪٽوريا نئين وائسراءِ جي ”ايڊ ڊي ڪئمپ“ فريڊرڪ کي لکيو ته هو آگري وڃي اتي جي سرجن جنرل وزيردين جي خير عافيت معلوم ڪري اچي. انگلنڊ موٽڻ تي فريڊرڪ اچي راڻي وڪٽوريا کي ٻڌايو ته وزيردين سرجن جنرل ته ڪونهي پر هو اتي جي جيل ۾ دوائون وڪڻڻ وارو آهي.
چون ٿا ته اها ڳالهه راڻي وڪٽوريا کي نه پسند آئي ۽ نه اعتبار آيس. هن فريڊرڪ کي چيو ته پڪ تون ڪنهن ٻئي سان ملي آيو آهين ۽ پنهنجي ناپسند جي اظهار خاطر هن سڄو سال فريڊرڪ کي ڊنر جي دعوت نه ڏني.
1894 جي ڪرسمس تي منشي ڪريم لنڊن مان هندستان جي وائسراءِ لارڊ ايلگن ڏي ڪرسمس ڪارڊ موڪليو. راڻي وڪٽوريا کي جڏهن خبر پئي ته موٽ ۾ وائسراءِ ڪريم کي نه ڪارڊ نه خط لکيو ته هن فريڊرڪ ذريعي وائسراءِ کي شڪايت موڪلي. ان جي جواب ۾ وائسراءِ ايلگن راڻيءَ کي لکيو ته:
“I did not imagine that any acknowledgement was necessary or that the Queen would expect him to send one”
هن حيرت جو اظهار ڪيو ته اها ڳالهه هن جي سوچ کان ٻاهر آهي ته انڊيا جي وائسراءِ جي حيثيت ۾ هو هندستان جي Native نوڪرن کي سندن موڪليل ڪارڊن جا جواب لکي! ۽ ان ڳالهه لاءِ راڻي صاحبه جي به خواهش آهي.
لنڊن مان فريڊرڪ انڊيا لارڊ ايلگن کي 1895 ۾ لکيو ته ڪريم کي سڄي محل جا ماڻهو اهڙو ئي نفرت سان ڏسن ٿا جهڙو جان برائون کي ڪريم کان اڳ. جان برائون راڻي وڪٽوريا جي دلپسند شخصيت هو ۽ جنهن لاءِ پڻ محل ۾ عجيب افواهه پکڙيل هئا ۽ راڻيءَ جي هن سان ويجھڙائيءَ کي پڻ شڪ جي نگاهه سان ڏٺو ويو ٿي. ان بابت شهزاديءَ بيٽريس، لوئي، شهزادي هينري، برطانيه جي وزير اعظم لارڊ روزبيري، سيڪريٽري اسٽيٽ فولر ۽ ٻين اهم ماڻهن جڏهن راڻي وڪٽوريا سان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو ته هن ڪريم خلاف نه فقط ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو پر سخت ڪاوڙجي پيئي. سڀني اهوئي سوچيو ته ڪريم راڻيءَ جي لاءِ ائين آهي جيئن ڪنهن لاءِ ڪتو، ٻلو يا ڪو ٻيو پالتو جانور يا پکي جنهن کان پالڻ وارو جدا ٿيڻ ۾ تڪليف محسوس ڪري.
هندستان جي وائسراءِ لارڊ ايلگن کي انگلنڊ واري محل جي ماڻهن ۽ ٻين خير خواهن خبردار ڪيو ته هو انڊيا کان راڻي صاحبه سان جيڪا خط و ڪِتابت ڪري ٿو اها سوچي سمجھي ڪري جو راڻي پنهنجا ذاتي ۽ سرڪاري خط منشي ڪريم کي به پڙهڻ لاءِ ڏئي ٿي. راڻي وڪٽوريا جي صلاحڪارن کي اهو انديشو هو ته انڊيا جي آزادي خاطر انگريزن سان ويڙهاند رکندڙ هندستاني باغي مسلمان رفيع الدين جي ڪريم سان عليڪ سليڪ آهي ۽ هنن کي شڪ هو ته ڪريم ڪيتريون ئي راز جون ڳالهيون رفيع الدين کي ٻڌائي ٿو جيڪي افغانستان جي امير عبدالرحمٰن خان تائين پهچن ٿيون. بهرحال آخر تائين ان شڪ جي صحيح هجڻ جا ثبوت حاصل ٿي نه سگهيا.
ڪريم کي زمين ۽ پئسن جي گرانٽ ملڻ ڪري هو هاڻ هڪ امير ماڻهو ٿي پيو هو. هو راڻي وڪٽوريا جي پسنديده شخصيت (پالتو جانور يا بهترين خذمتگار) جي ناتي راڻيءَ مان ننڍا ننڍا فائدا ته هر وقت وٺندو رهيو ٿي پر هاڻ هن راڻيءَ وٽ پنهنجي نئين خواهش جو اظهار ڪيو ته هن کي ”نواب“ بڻايو وڃي. هي عهدو انگلنڊ ۾ Peer جي برابر آهي جنهن ۾ Order of Indian Empire جي نائيٽ هڊ عطا ڪئي وڃي ٿي. چون ٿا ته راڻيءَ جي ڳالهه ڪرڻ تي هندستان جي وائسراءِ لارڊ ايلگن کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ هن راڻي صاحبه کي صلاح ڏني ته بهتر ٿيندو ته هوءَ ڪريم کي رايل وڪٽوريل آرڊر جو ميمبر (MVO) بنائي جيڪو هن جي ذاتي عطيات ۾ پڻ آهي ۽ ان سان انگلنڊ توڙي انڊيا ۾ سياسي وڳوڙ پيدا ٿيڻ جو انديشو به نه رهندو. ملڪ جي وزير اعظم ۽ ٻين اعليٰ عهديدارن ته راڻي صاحبه کي اها صلاح ڏني ته ڪريم جهڙي هڪ ننڍڙي ماڻهوءَ کي ته ڪو ننڍي کان ننڍو خطاب به ملڻ نه کپي جو ان سان پوءِ انگلنڊ يا شاهي خاندان طرفان ڏنل خطابات ۽ انعامات جو ڇا قدر ٿيندو. بهرحال راڻي وڪٽوريا پنهنجي 80 هين جنم ڏينهن تي (1899 ۾) ڪريم کي ڪمانڊر آف دي آرڊر (CVO) مقرر ڪيو جيڪا رئنڪ ميمبر ۽ نائيٽ جي وچ واري آهي.
1899 جي آخري ڌاري منشي عبدالڪريم انڊيا موڪل تي آيو. تن ڏينهن ۾ انڊيا جو وائسراءِ لارڊ ايلگن بدران لارڊ ڪرزن ٿي چڪو هو. جون 1900 ڌاري ڪريم انگلنڊ ورڻ جي ڪري رهيو هو ته سندس پيءُ وزير دين گذارري ويو. ڪجهه مهينا ٻيا هندستان ۾ گذاري نومبر 1900 ۾ لنڊن موٽيو. راڻي وڪٽوريا جي به صحت هاڻي ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي هئي ۽ هوءَ ٽن مهينن اندر گذاري وئي.
”وڪٽوريا جي مرڻ بعد هن جي پٽ ايڊورڊ منشي ڪريم جي نوڪري ختم ڪئي ۽ کيس ۽ سندس سڀني مائٽن کي هندستان موٽڻ لاءِ ٽپڙ ٻڌرايا. ها ايترو ضرور ڪيو ويو جو سڀ کان آخر ۾ کيس راڻي وڪٽوريا جي جنازي جو منهن ڏسڻ ۽ جنازي سان گڏ هلڻ جي اجازت ڏني. راڻي وڪٽوريا ۽ ڪريم جي وچ ۾ جيڪي خط پٽ يا ڪارڊن جي ڏي وٺ ٿي هئي، اهي تقريباً سڀ، ايڊورڊ جي حڪم تي ساڙيا ويا.“ هي احوال لارڊ ڪرزن 9 آگسٽ 1901 تي پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو.
منشي ڪريم موٽي آگري آيو ۽ پورن 8 سالن بعد 1909 ۾ پنهنجي گهر ”ڪريم لارج“ ۾ گذاري ويو. پويان هن ٻه زالون ڇڏيون. هن کي آگري جي مشهور قبرستان پنچ ڪئن ۾ سندس پيءُ جي ڀرسان دفن ڪيو ويو.
انگلنڊ جي ان وقت جي شهنشاهه ايدورڊ ستين جي حڪم تي آگري جو ڪمشنر W.H Cobb ڪريم جي گهر آيو ۽ هن جي وارثن وٽ موجود راڻي وڪٽوريا جا ڪريم ڏي باقي خط ۽ صحيح ٿيل فوٽو ضبط ڪري بادشاهه ڏي لنڊن روانا ڪيا. ان وقت جي وائسراءِ (لارڊ منٽو)، جنرل جان هيوٽ ۽ ٻين ڪيترن انڊيا آفيس جي انگريز ڪامورن ان ڳالهه کي اصولي طرح پسند نه ڪيو ۽ صلاح ڏنائون ته راڻي وڪٽوريا جا ڪريم ڏي خط ۽ تحفي طور فوٽو واپس ڪريم جي وارثن کي ئي ڏنا وڃن. ان بعد بادشاهه وڏي بي دلي سان چار خط ان شرط سان موٽايا ته ڪريم جي ڪنهن به هڪ زال جي مرڻ بعد اهي بادشاهه ڏي وري موڪليا وڃن.
منشي ڪريم ۽ مهاراڻي وڪٽوريا بابت ڪيترائي مضمون ۽ ڪِتاب ڇپجي چڪا آهن. آءٌ پنهنجي پڙهندڙن کي ان بابت وڌيڪَ پڙهڻ ۽ ڄاڻَ حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ٻه ڪِتاب پڙهڻ لاءِ صلاح ڏيندس.
Indian Sahib: Queen Victoria’s Dear Abdul _by Sushila Anand
Victoria and Abdul By Shrbani Basu
The Memories of Frederick Ponsonby’s