بلاگخاص

منهنجي بنارس ڏي روانگي

الطاف شيخ جو سفر نامون “بنارس کان برموڊا تائين” مان کنيل

منهنجي بنارس ڏي روانگي

الطاف شيخ

هندستان جي شهر بنارس جو نالو اسان ننڍي هوندي کان ٻڌو. جيئن اسان مسلمان مڪي ۽ مديني وڃڻ لاءِ سڪندا رهون ٿا ۽ حج ڪرڻ بعد حاجي سڏايون ٿا، يا ايران جي شهر  قم ۽ مشهد مان ٿي پاڻ کي زوار سڏائيندي فخر محسوس ڪريون ٿا تيئن ننڍي لاڪون اسانجي ڳوٺ جي هندو ٻارن ۽ وڏن کان هندستان جي شهر بنارس، هردوار ۽ مٿرا جهڙن شهرن جا نالا ٻڌبا هئا جن جي زيارت ڪرڻ هر هندوءَ جي زندگيءَ جو مقصد رهيو آهي. بنارس جو نالو ته اسان جهڙن جي ڌيان تي هڪ انڊين فلم جي گاني ڪري به رهيو آهي جيڪو شايد اميتاڀ بچن ڳايو آهي.

کئي ڪي پان بنارس والا

کل جائي بند عقل ڪا تالا

۽ هاڻ دهلي جي هڪ هوٽل ۾ هفتو کن گذارڻ بعد منهنجي دل ۾ بنارس وڃڻ جو اردو ٿيو. ويزا ته مون وٽ هئي ان ڪري هي موقعو وڃائڻ نٿي چاهيم. دهلي هيڏو وڏو شهر آهي ته به جنهن کان کڻي پڇ ته هن کي بنارس وڃڻ جي تمنا محسوس ٿئي ٿي. ظاهر  آهي بنارس هندو مت جي ماڻهن لاءِ هڪ پوتر شهر آهي جِتان وهندڙ گنگا ۾ ٽٻي هڻڻ سان هن جا سمورا پاپَ ڌوپجيو وڃن. هندو عقيدي موجب جنهن جو بنارس ۾ ديهانت ٿئي ٿو اهو سڌو سرگ ۾ وڃي ٿو. بنارس اسان جهڙن ٽوئرسٽن لاءِ به دلپسند شهر آهي جِتي ڀانت ڀانت جا ماڻهو نظر اچن ٿا. آڳاٽا مندر ۽ مسجدون، ميلا ملاکڙا،  مختلف قسمن جي کاڌن ۽ انهن مان نڪرندڙ نرالين خوشبوئن واريون ريسٽورينٽون آهن. هڪ اندازي مطابق بنارس ۾ روزانو 60 هزار کن ماڻهو اچن ٿا جن ۾ ڏهه سيڪڙو کان مٿي اسان جهڙا غير هندو ٽوئرسٽ به آهن.

مون دهلي ۾ پنهنجي ميزبان فئملي ۽ ٻين اوڙي پاڙي جي ماڻهن کان بنارس وڃڻ جي صلاح ورتي ته هنن منهنجي ڏاڍي همت افزائي ڪئي ته مون جهڙي سفر ناما لکندڙ کي بنارس ضرور ڏسڻ کپي. گنگا جي ڪناري تي مختلف گهاٽ ۽ اتي سنان ڪندڙ انيڪ ماڻهو ۽ صبح جو سج اڀرڻ مهل آرتي جو نظارو ۽ چوڌاري مندر ڏسڻ وٽان آهن.

”آئون سمجھي ويس ته هردوار وانگر بنارس به آهي. ڪجهه سال اڳ مون هڪ سڄو ڏينهن هردوار ۾ گذاريو هو.“ مون چيو مان.

”بلڪل صحيح ٿا چئو“ مون کي دهلي وارن چيو، “ پر بنارس هردوار کان به وڌيڪَ اٿانو.“

مون ان ڏينهن دهلي جي هڪ هوٽل ۾، بنارس گهمي آيل يورپي ٽوئرسٽن کان به پڇيو. ”سو، سو!“ هنن وراڻيو، ”بنارس ڏسڻ کپي. اسان فوٽو به ڪڍيا آهن جن ۾ بنارس جا نظارا بيحد لڀائيندڙ آهن، پر روزانو هيڏي عوام جي اچڻ ڪري نه فقط ماڻهن جي پيهه پيهان آهي، پر جِتي ڪٿي مُٽن جي ڌپ ۽ گهٽين ۾ ڍڳين جا ڇيڻا ۽ ماڻهن جي ڪرفتي نظر اچي ٿي.“

هڪ خيال کان هنن ڪوڙ نٿي ڳالهايو. فلمن ۽ فوٽن ۾ واقعي انڊيا رنگين ۽ سهڻو نظر اچي ٿو، پر گهڻي آدم شماري ۽ Sanitary جو نه برابر بندوبست هجڻ ڪري جِتي ڪٿي گندگي ۽ پيشاب سڙانڊ نڪ جي ناسن جي ستيا ناس ٿي ڪري، پر ان هوندي به هڪ ڳالهه قابلِ داد آهي ته انڊيا جي حڪومت اهڙين ڳالهين تي تمام تيزيءَ سان سڌارو آڻي رهي آهي. ڪيترن ئي اهم رستن، بس اسٽاپن ۽ پارڪن ۾ Toilet کلندا وڃن. اهي هنڌ جتي سالن کان گند جا ڍيرَ گڏ ٿيندا رهيا ٿي، هر شهر جي ميونسپالٽي انهن جي صفائي ڪرائڻ ۾ رڌل نظر اڇي ٿي … ۽ شهر جي انتظاميا نه فقط انهن هنڌن تي پارڪ ٺهرائي رهي آهي، پر انهن کي maintain به رکندي اَچي ته جيئن ٽوئرسٽن تي سٺو اميج پوي.

يورپي ٽوئرسٽن بنارس شهر ۾ بس جي سفر جي به شڪايت ڪئي. هو پنهنجي مغربي معيار کان صحيح هئا جِتي جون بسون بيحد اعليٰ قسم جون آهن. هندستان ۾ اڃا اهو معيار نه آيو آهي، پر حق جي ڳالهه ڪبي ته هو اسان کان گهڻو گهڻو اڳتي آهن….. گهٽ ۾ گهٽ هر هنڌ مقرر وقت ۽ مقرر بس اسٽاپ تي بس اچي بيهي ٿي ۽ سواءِ رش اَور جي باقي ٽائيمن تي توهان کي ويهڻ جي سيٽَ به مليو وڃي ۽ جِتي توهان کي لهڻو آهي اتي صحيح اسٽاپ تي بس فُوٽ پاٿ سان لڳي بيهي ٿي ۽ اسان کان وڌيڪَ پوڙها به هتي جي بس ۾ آرام سان سفر ڪري سگهن ٿا ۽ ساڳي وقت ڇا ته معمولي ٽڪيٽ آهي. اسان وٽ جيتوڻيڪ نه رڳو بسون جن جي ته ڇتين تي به ماڻهو ويهن ٿا، پر ساڳي وقت اسان جي PIA جي به هر فلائيٽ مسافرن سان ٽٻ رواني ٿئي ٿي… ان هوندي به هر هڪ نقصان ۾ آهي ۽ اسان جون بسون توڙي هوائي جهاز ڊٺل مقام لڳن ٿا.

ڏينهون ڏينهن اسان جي بسن، ريل گاڏين ۽ هوائي جهازن جي ستيا ناس ٿيندي وڃي ۽ سچ ٻڌايو ته اسان جي وڏي شهر ڪراچي جي بسن ۾ ڪو پرڏيهي ويهي سگهندو؟ ۽ اهي جن دنيا ڏٺي آهي، انهن، دنيا جي ڪنهن شهر ۾ ڪراچي جهڙيون ڀڳل ۽ خطرناڪ بسون ۽ انهن ۾ جنهن خطرناڪ طريقي سان مجبور مسافر سفر ڪن ٿا ۽ اهڙو عالم ڪنهن هنڌ ڏٺو هوندو؟ آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن ۾ به ائين ناهي. آفريڪا جا ڪينيا، گهانا، نائيجيريا، سينيگال جهڙا ملڪ ته يورپ جو مقابلو ٿا ڪن، پر گني بسائو، گئمبيا ۽ گبان جهڙن آفريڪن ملڪن ۾ اڄ کان 40 سال اڳ به اهڙو حال نه هو. مون ان وقت جي سفر نامن ۾ اتي جي کٽارو بسن جو ذڪر ضرور ڪيو آهي پر ان وقت به اتي جي بسن جو اهو حال نه هو جيڪو اڄ ڪراچي جهڙي بين الاقوامي شهر ۾ بسن جو آهي …. جن جي ويندي ڇتين تي بيوس مسافرن کي ويهاريو وڃي ٿو. هنن کي مجبور ڪيو وڃي ٿو ته ڀولڙن وانگر هنن بسن جي ڇتين تي چڙهي وڃن ۽ اهي بسون بس اسٽاپن تي فل اسٽاپ ۾ بيهڻ بدران وچ روڊ تي ٿوري دير Slow ۾ هلي مسافرن کي ٽپ ڏيئي لهڻ جو موقعو ڏيڻ کي ڄڻ  ته هنن تي ٿورو ٿيون سمجهن.

انڊيا جي ماڻهن کي شڪايت آهي ته هنن جون ٽرينون وقت جي پابندي نٿيون ڪن. اسان جو ماڻهو اها ڳالهه ٻڌي سوچيندو هوندو ته اتي جون ريل گاڏيون به اسان وانگر ڏهه ڏهه پندرهن ڪلاڪَ دير سان پهچن ٿيون…. پر نه انديا ۾ مسافرن کي کڻڻ لاهڻ لاءِ روزانو انيڪ ٽرينون هلن ٿيون ۽ اهي واقعي ڪڏهن ڪڏهن مقرر وقت کان دير سان اچن ٿيون… پر فقط پنج ڇهه منٽ!… اسان وانگر نه ته اهي سڄو ڏينهن غائب رهن ٿيون!

”پوءِ ڀلا بنارس ڪيئن وڃان؟“ مون پنهنجي دهلي جي واقفڪارن کان پڇيو.

”سائين جيئن توهان کي بهتر لڳي. چوويهه ئي ڪلاڪ ريل گاڏيون ۽ بسون هلنديون رهن ٿيون. چاهيو ته اڪيلي ٽئڪسي يا حصي پتي واري ٽئڪسي ۾ به وڃي سگهو ٿا.“

هنن بلڪل صحيح چيو. انڊيا جي هونئن به هڪ شهر کان ٻئي شهر وڃڻ لاءِ هر وقت هر قسم جي سواري موجود آهي… سروس به سٺي آهي… ڀاڙو به ڪو خاص ناهي… امن امان جي به ڪافي حد تائين بهتر حالت آهي…. تڏهن ته دنيا جي امير توڙي غريب ملڪن جا ٽوئرسٽ انڊيا جي شهرن ۾ ڏينهن رات پيا هلن… ننڍن ننڍن ڳوٺن جي بس اسٽاپن جي هوٽلن تي به ٻوڙن ۽ چانهين جا هنڊا چڙهيا پيا آهن …۽ اهي سڄي سڄي رات کليون پيون آهن. ڌاريان ٽوئرسٽ مرد توڙي عورتون، حجابن ۽ روءِ سرين ۾ عرب عورتون توڙي ايراني ڇوڪريون….. يا اسڪرٽن ۾ يورپي مهلائون دهلي توڙي بڙودا جهڙن شهرن ۾ ٽهڪ ڏيندي نظر اچن ٿيون…. سي به هڪ ٻه نه پر سون جي انگ ۾…. ۽ اسان وٽ موهن جو دڙو کي ڏسڻ لاءِ به ڪو ورلي نظر اچي ٿو… بقول اتي جي هڪ سرڪاري ڪلارڪ جي ”سائين هجي حفاظت ۽ سلامتي ته ڪو اچي… نه نر کي ٿو ڇڏيو وڃي نه ناريءَ کي….“

باءِ روڊ دهليءَ کان بنارس 816 ڪلو ميٽر آهي. هِتي جون بسون يارهن ڪلاڪ کن وٺن ٿيون باقي ٽرينن جي مختلف رفتار ۽ مختلف اسٽيشنن تي بيهڻ ڪري مختلف ٽائيم لڳي ٿو. مثال طور رات وارين گاڏين ۾ هڪ نيو دهلي کان روانو شامَ جو ساڍي ڇهين وڳي ڇٽي ٿي ته ٻئي ڏينهن صبح جو ساڍي ستين وڳي بنارس پهچي ٿي. هڪ ٻي ريل گاڏي جنهن ۾ وڃڻ لاءِ مونکي چيو ويو اها شامَ جو نائين وڳي ڌاري نيو دهلي مان نڪتي ۽ ورانسي (بنارس) جنڪشن تي صبح جو نائين وڳي اچي ڇڏيو. انهن کان علاوه نيو دهليءَ کان راڄ ڌاني ايڪسپريس، شِوِ گنگا ۽ ٻيون ٽرينون پڻ بنارس روانيون ٿين ٿيون. فرسٽ ڪلاس جو ڀاڙو گهڻو آهي يعني 2400 انڊين رپيا جيڪي ڏهاڪو سال اڳ تائين ته اسان جي ئي رپين برابر هئا، پر هاڻ انڊيا جو رپيو اسان جي ٻن رپين برابر وڃي ٿيو آهي. باقي هيٺين ڪلاس جو ڀاڙو گهٽ آهي ٻن Tiers يعني هڪ ٻئي مٿان ٻن ٻن سيٽن واري دٻي جو ڀاڙو 1300 رپيا آهن ۽ ٽن Tiers (سيٽن/بسترن) واري دٻي جو 900 رپيا آهي. ياد رهي ته رات وارين گاڏين ۾ هر مسافر کي سڄي سيٽ بلاڪيٽ ۽ وهاڻي سميت ڏني وڃي ٿي جيئن هو ڊگهو ٿي سمهي رهي.

دهليءَ کان بنارس ويندي ڪيترائي مشهور شهر اچن ٿا جن جا نالا ننڍي هوندي کان ٻڌندا اچون ۽ اهڙن شهرن جا نالا ٻڌي دل اڇلون ٿي کاڌيون ته انهن تي لهي اهي به ڏسجن جيڪي تمام گهڻي تاريخي نوعيت پڻ رکن ٿا. ان وقت هر شهر جي نالي ٻڌڻ وقت ان شهر سان وابسته ڪيتريون ئي ڳالهيون ياد اچي ٿي ويون…. اهڙن ڪجهه شهرن جا نالا جيڪي هن وقت ياد اچي رهيا آهن: نيو دهلي کان پوءِ فريد آباد، مٿرا، آگره، فيروزآباد، ڪانپور….. ٿورو پري لکنئو به آهي…. فتح پور، الهه آباد، مرزا پور ۽ پوءِ بنارس جنهن کي اڄڪلهه ورانسي سڏين ٿا. جيئن ڪراچي شهر ۾ ريلوي اسٽيشنون آهن: ڪراچي ڪئنٽ ۽ ڪراچي سٽي تيئن بنارس شهر ۾ پهچڻ لاءِ به ٻه وڏيون اسٽيشنون آهن: هڪ ورانسي جنڪشن جيڪا شهر جي وچ ۾ آهي ۽ ٻي مغل سراءِ جنڪشن جيڪا وچ شهر کان 15 ڪلو ميٽر پري گنگا ندي جي ٻي ڪناري تي اوڀر ۾ آهي.

هِتي اهو به لکندو هلان ته بسن جو ڀاڙو به ڪو گهڻو ناهي. واپسي تي جنهن بس ۾ بنارس کان دهلي آيس ان جو ڀاڙو 500 رپيا هو. رستي تي جنهن جنهن بس اسٽاپ تي بيٺي ٿي اتي ديسي ۽ ولائتي هوٽلون ۽ انهن جا بهترين باٿ روم هئا. هوٽلن ۾ کاڌي پيتي جا اگهه به اهي ئي نارمل هئا جيڪي عام طرح شهرن ۾ ٿين.