مهانگائيءَ جي لهر ۽ بجيٽ سال 23-2022
ايندڙ مالي سال 23-2022 جي بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي وئي آهي ۽ تيل جي قيمتن ۾ هيڪاندي واڌ مهانگائي جي هڪ نئين لهر کي جنم ڏنو آهي. بجيٽ تي بحث کي ويڙهيندي وزير خزانه مفتاح اسماعيل چيو ته ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچائي ورتو آهي، جيئن پوئين حڪومت کان وٺي عدم اعتماد جي تحريڪ ۾ ڪاميابيءَ کانپوءِ آيل نئين حڪومت مالي طور تي ملڪ جي ڊيفالٽ ڪري وڃڻ جي خطري کي منهن ڏيئي رهي هئي. پر لڳي ٿو ته نئين سرڪار جي کنيل قدمن جي ڪري اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪجهه استحڪام آيو آهي ۽ ڊالر جو اگهه به ڪجهه گهٽ ٿيو آهي، پر تيل جي اگهن ۾ واڌ عام ماڻهن جي قوت خريد کي ڌڪ رسايو آهي، مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي. عام عوام جو گذر سفر ڏکيو ٿي پيو آهي، مٿئين صورتحال جو ڇيد ڪجي ته وزير خزانا موجود فنانس بل ۾ ڪوشش ڪئي آهي ته مالي پاليسيون اهڙيون ٺاهجن جو بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ. ايم. ايف) سان معاهدي کي وري جاري رکي سگهجي. جيئن پهرين معاهدي تحت رهيل 3 ملين ڊالرن جي رقم حاصل ڪري سگهجي. ملڪ جي تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو آهي جو اشرافيا کي نئين سپر ٽيڪس جي دائري ۾ آندو ويو آهي. ننڍن دڪانن کان وٺي وڏن دڪانن تي به ٽيڪس لڳايو ويو آهي. ايئن ٽيڪس جي دائري کي وسيع ڪيو ويو آهي ته جيئن ملڪ 30 جون 2023ع تائين بنا ڪنهن مالي بحران جي اڳيان وڌي سگهي. ملڪ جي مالياتي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وڏين ڪمپنين تي 10 سيڪڙو سپر ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي جيڪو هيٺين ڪمپنين تي لاڳو ٿيندو: سيمينٽ، اسٽيل، بينڪنگ، ايئرلائنز، ٽيڪسٽائل، آٽو موبائل اسمبلنگ، شوگر ملز، مشروبات، تيل ۽ گئس، ڀاڻ، سگريٽ، ڪيميڪل، ايل اين جي ٽرمينلز. اهو ٽيڪس هڪ سال لاءِ آهي، جيئن گذريل سالن جي بجيٽ خساري کي گهٽ ڪري سگهجي. پهريون دفعو آهي جو سرڪار سڌا ٽيڪس لاڳو ڪيا آهن ايئن به آهي ته ڪجهه اهڙا اسم آهن جن تي ٽيڪس گهٽايو ويو آهي جنهن ۾ آءِ. ٽي جو شعبو ۽ سون جي درآمد آهي، جيئن سون قانوني طرح امپورٽ ٿئي ۽ انهيءَ جي اسمگلنگ جي حوصلا شڪني ٿئي. آئل مارڪيٽنگ ۽ طبي اوزارن تي به ٽيڪس جي ڇوٽ ڏني وئي آهي. ملڪ جي صحت ۽ تجارت مان لاڳاپيل حلقن بجيٽ تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.
پر هتي اهو سوال اٿي ٿو ته هن بجيٽ جي ذريعي سرڪار صنعتي ۽ زرعي پيداوار جي سلسلي ۾ ملڪ کي خود ڪفالت ڏانهن وٺي ويندي؟ جيئن کاڌ خوراڪ جي شين جهڙوڪ: ڪڻڪ ۽ کاڄرو تيل جو درآمدي بل گهٽائي سگهجي ۽ بنيادي ضرورتن جي شين جي قيمتن جي واڌ کي روڪي سگهجي. اهو ضروري آهي ته زرعي ۽ صنعتي پيداوار ۾ اضافي کي ترجيح ڏني وڃي ۽ اهڙا اصلاحات آڻجن جيئن GDP ۾ واڌ اچي سگهي ۽ في ماڻهو آمدني ۾ واڌ اچي سگهي، جيئن عام ماڻهو جي قوت خريد ۾ اضافو ٿئي. ملڪ جي ماڻهن جي گهڻائي جيڪي غريب آهن ۽ انهن جو وڏو حصو غربت جي لڪير هيٺ آهي. انهن لاءِ لڳي ٿو ته هن بجيٽ ۾ به گهڻو ڪجهه نه آهي. اهو مڃجي ٿو ته ڪووڊ-19 ۽ روس يوڪرين جنگ جي ڪري سڄي دنيا ۾ مهانگائي ٿي آهي. تيل جون قيمتون تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهن. ته به هن نئين آيل سرڪار کي جنهن جي هيءَ پهرين بجيٽ آهي مهانگائي تي نظر رکڻي پوندي. ملڪ جي وزير خزانا اهو چيو آهي ته هي بجيٽ هاري دوست آهي. اسين ملڪ کي کاڌ خوراڪ ۽ کاڄرو تيل ۾ خود ڪفيل ڪنداسين. انهيءَ لاءِ اسان جو پهريون ڌيان زرعي شعبي تي آهي. زراعت اهڙو شعبو آهي جو اسان جا مسئلا حل ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن زراعت ۾ ترقي ٿي وڃي ته مهانگائي جي لهر کي قابو ڪرڻ ڪو مسئلو نه آهي ۽ انهيءَ سان اسان جو درآمدي بل به گهٽ ٿي سگهي ٿو. پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن جي گهٽ هجڻ جي ڪري ئي ڪجهه مهينن کان اسين ڊيفالٽ جي خطري ۾ هئاسين. سريلنڪا جو مثال سامهون آهي، پر هاڻي لڳي ٿو ته اسان انهيءَ خطري مان ٻاهر نڪري آيا آهيون. انهيءَ لاءِ ڪيل ڏکين فيصلن جي ڪري جيئن تيل جون قيمتون وڌايون ويون انهيءَ واڌ جي ڪري مهانگائي ٿي آهي. انهيءَ عام ماڻهن جي زندگيءَ کي ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي. روزانو جي کاڌ خوراڪ به اهي مس پوري ڪري سگهن ٿا. ٻارن جي تعليم ۽ صحت جي سهولتن تائين پهچڻ انهن لاءِ مشڪل ٿي پيو آهي. هي وقت آهي جو سرڪار کي اهو ثابت ڪرڻو آهي ته اها غريب دوست آهي. انهيءَ کي هن سلسلي ۾ فوري قدم کڻڻ گهرجن جو تيل جي قيمتن ۾ گذريل مهيني ڪيل واڌ جي ڪري ماڻهو مهانگائي جي نئين لهر کي منهن ڏيئي رهيو آهي. انهن جي آمدني روز مره جي ضرورتن کان هونئن به گهٽ آهي. مٿان مهانگائي انهن لاءِ نيون پريشانيون کڻي آئي آهي. جيئن ته بجيٽ آمدني ۽ خرچ جو تخمينو آهي اسين بجيٽ جي انگن اکرن ڏانهن نٿا وڃون. سرڪار کان رڳو اها ٿا پڇون ته اهي 22 ڪروڙ ماڻهن تي مشتمل آباديءَ لاءِ ايندڙ مالي سال ۾ ڇا ڪندا؟ آبادي جيڪا غربت جو شڪار آهي، جيڪي جهوپڙين ۾ رهن ٿا، جتي نه بجلي آهي نه اسڪول، نه اسپتالون آهن انهن جي زندگي خوشحاليءَ طرف اچي. اسان کي اهڙي حڪومت ۽ اهڙي بجيٽ جي ضرورت آهي.
اسين موجوده سرڪار کي آگاهه ٿا ڪريون ته هاري ۽ مزدور جيڪي اسان جي آباديءَ جو وڏو حصو آهن، جن جي محنت جي ڪري ئي ملڪ ۾ زندگيءَ جو سلسلو ۽ ڪار وهنوار هلي رهيو آهي. تڪڙي ضرورت آهي ته انهن لاءِ آمدني ۾ اضافي جو انتظام ڪيو وڃي، روزگار جا نوان گس کوليا وڃن ۽ سرڪاري سطح تي سستي کاڌ خوراڪ جو انتظام ڪيو وڃي. ”بينظير انڪم سپورٽ پرگرام“ تحت انهن کي تڪڙي امداد ڏني وڃي ۽ امداد جي پئڪيج جي رقم ۾ به اضافو ڪيو وڃي ته جيئن عوام هن مهانگائي جي لهر جو مقابلو ڪري سگهي. اسين سرڪار کي عوام جي مدد لاءِ اڳيان اچڻ لاءِ چئون ٿا ۽ اها گهر به ڪريون ٿا ته انهن جي مدد کي يقيني بڻايو وڃي، ڏکائين مان غريب ماڻهو کي ڪڍي خوشحالي جي طرف وٺي اچڻ ئي ڪنهن سٺي حڪومت جي نشاني هجي ٿي.
***