مهانگائيءَ جي ڇِپ ڪيرائڻ جو سلسلو نه رُڪيو: نيپرا بجلي مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي
نيپرا هڪ ڀيرو ٻيهر بجلي مهانگي ڪري عوام مٿان مهانگائيءَ جي ڇِپ ڪيرائي ڇڏي. رپورٽ موجب حڪومت فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي هڪ رپيو 6 پئسا مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. رپورٽ موجب نيپرا سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي کي بجلي 1 رپيو 52 پئسا مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي. درخواست آڪٽوبر ۽ نومبر جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڏني وئي. جنهن ۾ نومبر لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ 95 پئسا في يونٽ ۽ آڪٽوبر لاءِ بجلي 57 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي. نيپرا اختيارين موجب فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ نيپرا ۾ ٻڌڻي مڪمل ٿي وئي آهي ۽ آڪٽوبر ۽ نومبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي هڪ رپيو 6 پئسا مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. نيپرا اختيارين جو چوڻ آهي ته آڪٽوبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي 29 پئسا في يونٽ ۽ نومبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي 77 پئسا مهانگي ڪئي وئي آهي. اضافي کانپوءِ بجلي صارفين تي 8 ارب 40 ڪروڙ روپين جو واڌو بار پوندو. نيپرا موجب حڪومت نومبر کان جون جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽس صارفين تي منتقل نه ڪئي. جڏهن ته نيپرا ان ايڊجسٽمينٽس جي حوالي فيصلو جاري ڪري چڪو آهي. ايڊجسٽمينٽس سبب صارفين تي 17 ارب رپين جو بار پوندو پر ٿي سگهي ٿو ته حڪومت ان ايڊجسٽمينٽ تي ڪا سبسڊي ڏئي ڇڏي.

