مها راڻي گياتري قسط-5
الطاف شيخ جو سفر نامون “وري ياد آيا”
قسط-5
مها راڻي گياتري
الطاف شيخ
سئٽزرلئنڊ جي هن يونيورسٽيءَ مان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي شاهي خاندانن، سياستدانن ۽ اهم ماڻهن تعليم حاصل ڪئي آهي جنهن ۾ ايران به هڪ آهي. مسلمان ملڪن ۾ هن يونيورسٽيءَ مان سڀ کان گهڻا شاگرد ايران جا پڙهيا آهن. انهن مان هڪ محمد سعيد به آهي جيڪو 1943 ۾ ايران جو وزيراعظم ٿيو هو. فارسي ادب جو هڪ مشهور اديب محمد علي جمال زاده اصفهاني به هن يونيورسٽيءَ مان پڙهيو. سندس ڪيترائي ڪتاب آهن جن مان ”يڪي بود يڪي نابود“ سياستدانن تي طنز و مزاح جو ڪتاب بيحد مشهور ٿيو، پر ان وقت جي حڪومت هن ڪتاب تي ايران ۾ بندش لڳائي ڇڏي هئي.

گياتري ديوي پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکي ٿي ته هن جي ننڍپڻ کي ڍنگ جي شڪل ڏيڻ ۾ ٻن عورتن جو وڏو اثر رهيو. هڪ سندس ماءُ ’اندرا ديوي‘ جنهن سندس پيءُ جي مرڻ تي ڏهاڪو سال ڪوچ بهار رياست تي حڪومت ڪئي ۽ ٻي سندس ناني بڙودا جي مها راڻي ’چمنا ٻائي‘ جنهن جي مڙس مها راجا ”سياجي رائو“ بڙودا کي هڪ ماڊرن ۽ خوشحال رياست بڻائي ڇڏيو.
گياتري ديويءَ جي پنهنجي مڙس جئه (مها راجا سر سوائي مانسنگهه دوم) سان ملاقات تڏهن ٿي جڏهن هوءَ 12 سالن جي هئي. مها راجا مانسنگهه ڪلڪتي ۾ پولو راند کيڏڻ لاءِ آيو هو ۽ هنن (گياتري وارن) جي ڪوچ بهار واري محل ۾ اچي رهيو هو. ان وقت مها راجا جي عمر 21 سال هئي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مها راجا مانسنگهه هڪ ٺاهوڪو جوان هو. هو بيحد امير هجڻ سان گڏ پولو جو بهترين رانديگر هو ۽ هن پنهنجي رياست جئپور کي هر ٽورنامينٽ ۾ کٽرايو ٿي.
مها راجا مانسنگهه کي اڳهين ٻه زالون هيون جيڪي هن رياست جي ورثي ورهاست ڪري پنهنجي خاندان مان ڪيون هيون، پر هن تي ڪا جھل نه هئي ته ڪٿان ٻاهران معاشقي جي به شادي ڪري ۽ گياتري ديويءَ جي ته ڇا ڳالهه ڪجي جيڪا حسن جي ديوي هجڻ سان گڏ مها راجا جي گهر گهريتن راجپوت زالن کان بلڪل مختلف ٽام بئاء ٽائيپ نينگري هئي جيڪا گهوڙي سواري، پولو راند ۽ شڪار جي نه رڳو شوقين، پر ماهر هئي. هن ٻارهن سالن جي ڄمار ۾ شينهن جو شڪار ڪيو هو جنهن جي تصوير سندس آتم ڪٿا واري ڪتاب ۽ ٻين ڪيترن هنڌن تي نظر اچي ٿي. هوءَ ننڍپڻ کان ڏينهن جا ڏينهن پنهنجي خدمت گار اٽالي سان بنگال جي جنگلن ۾ شڪار ڪندي رهي ٿي. هوءَ ڪارن جي به وڏي شوقين هئي. هندستان ۾ پهرين مرسيڊيز ڪار W126 – (500 SEL) گياتري ديويءَ گهرائي هئي جيڪا پوءِ ملائيشيا موڪلي وئي. هن وٽ ڪيتريون رولس رائسز ڪارون ۽ هڪ هوائي جهاز پڻ هو.
گياتري ديوي 12 سالن جي ۽ مها راجا مانسنگهه 21 جو هو ته هنن جي هڪ ٻئي سان اک اٽڪي ۽ هنن جو لڪ ڇپ ۾ نياپو نڙو هلندو رهيو. بعد ۾ جڏهن گياتري ديويءَ کي سندس مائٽن انگلينڊ جي شهر نائيٽس برج جي ”مونڪي ڪلب اسڪول“ ۾ موڪليو ته اتي هنن جو لڪ چوريءَ ملڻ به ٿيندو رهيو جنهن دورران هنن غير سرڪاري طرح مڱڻيءَ جو اعلان ڪيو ته انڊيا جي نوابي دنيا ۾ حيرت ڇانئجي وئي. آخرڪار 9 مئي 1940ع تي سندن شادي ٿي.

ڪوچ بهار جي نوابي گهراڻي کي ان ڳالهه جو فڪر ٿيو ته گياتري جهڙي آزاد شهزادي جيڪا مردن وانگر سير شڪار ڪندي وتي، جيڪا سئٽزرلئنڊ جهڙي ملڪ مان پڙهي آهي، جنهن کي ڪارن هلائڻ ۽ پولو کيڏڻ جو شوق آهي اها جئپور جهڙي فيوڊل رياست جي شاهي حويليءَ ۾ ڪيئن گذر ڪندي جتي سخت پڙدو هلي ٿو. شاديءَ جو ڪاڄ هڪ وڏي ڪاميابي ثابت ٿيو. گياتري ديويءَ پاڻ کي لاڏلو سمجھڻ بدران پاڻ کي جئپور محل جي جونئر ۽ ٽيون نمبر راڻي سمجھڻ ۾ عافيت سمجھي جيتوڻيڪ هن ۽ ٻين محسوس ڪيو ٿي ته مها راجا جي هوءَ دلپسند راڻي آهي. هن پنهنجو پاڻ کي هڪ طرف راجپوت شاهي زنانا (حويلي) جي رسم و رواج ۽ پابندين مطابق پاڻ کي ٺاهيو ته ٻئي طرف هن پنهنجي اٿارٽيءَ کي استعمال ڪري حويلي جي عورتن کي 20 صدي مطابق ماڊرن ڪيو. آخر ته هوءَ جنهن جي ڌيءَ هئي (يعني ڪوچ بهار جي اندرا ديوي) ۽ جنهن جي ڏهٽي هئي (يعني بڙودا رياست جي چمنا ٻائي)، اهي به ته پنهنجي پنهنجي رياست جون ڪامياب مها راڻيون هيون. گياتري ديويءَ چاهيو ٿي ته سندس ڪوچ بهار وانگر هتي جئپور جي نواب خاندان جي عورتن کي به آزاديءَ جو احساس ڏياريو وڃي. اها ڪهڙي انصاف جي ڳالهه آهي ته مرد حضرت گهمندا ڦرندا ۽ عيش ڪندا وتن پر عورتون- سندن ڀيڻون، ڌيئرون ۽ زالون ڪوٽن منجهه قابو هجن ۽ تعليم به حاصل ڪري نه سگهن. ايندڙ ٻي جنگِ عظيم سندس هن ڪم ۾ وڌيڪَ مدد ڪئي. مها راڻي گياتريءَ جنگ جي حالتن ۾ پيدا ٿيندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ عورتن جا مختلف گروپ ٺاهي هنن کي مختلف ڪم سونپيا ۽ 1944 ۾ پنهنجي نالي سان ”گياتري ديوي گرلس اسڪول“ کوليو جنهن ۾ پهرين سال 40 ڇوڪرين داخلا ورتي جن لاءِ هن هڪ انگلش ٽيچر رکيو. اڄ اهو اسڪول انڊيا جي اعليٰ اسڪولن مان هڪ آهي. جئپور ۾ اڄ جيڪو ڪاشي (Blue – Pottery) جو ڪم ڏسو ٿا ان جو داد به هن مهاراڻي گياتري ديويءَ کي ڏئي سگهو ٿا. جئپور ۾ اڳ ۾ به ڪاشيءَ جو ڪم هليو ٿي جيئن هالا ۽ ملتان به ڪاشيءَ جي ڪم کان مشهور هئا جيڪو آرٽ دراصل ايران ۽ ترڪيءَ کان اسان وٽ پهتو ۽ اڄ جيئن اسان وٽ تقريبن ختم ٿي ويو آهي تيئن جئپور ۾ به ختم ٿي ويو هو پر پوءِ اتي جي مشهور پينٽر ڪرپال سنگهه شيخاوت راج ماتا گياتري جي مدد سان ان ۾ جدت آندي. اڄ جئپور ۾ ڪاشيءَ جا ڪارخانا ڪيترن ئي ماڻهن کي روزگار مهيا ڪن ٿا. نه فقط اڳوڻا رنگ ۽ ڊزائنيون سڌاري سان واپس آنديون ويون، پر نين شين جو به واڌارو ڪيو ويو آهي. ڪاشيءَ جي سرن کان علاوه جئپور ۾ توهان کي گلدان، گلدستا، مخبا، ڪوپ ساسرون، جڳ، ائش ٽري، پليٽون گلاس ۽ ٻيو سامان پڻ ملندو.
جئپور ۾ جي توهان آڳاٽي ڪاشيءَ جو نمونو ڏسڻ چاهيو ٿا ته ان لاءِ بهترين عمارت ”رام باغ محل“ آهي جتي ڦوهارن جي قطار ڪاشي جي سرن سان ٺهيل آهي. هتي جا ڪاريگر ٻڌائين ٿا ته ڪاشيءَ جي ڪم ۾ چيڪي مٽي (Clay) استعمال نٿي ٿئي پر Quartz سنگ مردار پٿر جو چورو، شيشو، بورئڪس، کونئر، ملتاني مٽي (Fuller’s Earth) جنهن کي اسان ”ميٽ“ سڏيون ٿا ۽ پاڻي ملايو وڃي ٿو.
ڪرپال سنگهه شيخاوت بابت ٻڌائيندو هلان ته جيئن اسان وٽ صادقين مشهور پينٽر آهي تيئن انڊيا ۾ مٽيءَ جي ٿانون ۽ ڪاشيءَ جي گلڪارين کان ڪرپال سنگهه ڄاڻو سڃاڻو آرٽسٽ ٿي گذريو آهي. هو 1922 ۾ راجستان ۾ ڄائو (گياتريءَ کان 3 سال ننڍو هو). هن به گياتريءَ وانگر بنگال جي شانتي نڪيتن مان تعليم حاصل ڪئي. هن جو سبجيڪٽ ”اوريجنل پينٽنگ“ هو. بعد ۾ هن جاپان جي ٽوڪيو يونيورسٽيءَ مان ”اورينٽل آرٽس“ ۾ ڊپلوما حاصل ڪئي. هو گياتري کان سال اڳ سن 2008 ۾ جئپور ۾ گذاري ويو جتي گياتريءَ ٻي سال وفات ڪئي. ڪرپال سنگهه جو جئپور ۾ ”ڪرپال ڪنڀ“ نالي مٽيءَ جي ٿانون جو اسٽوڊيو اڄ به قائم آهي جنهن کي ٽوئرسٽ ڏسڻ لاءِ اچن ٿا. اهو سندس زال سجن ڪنور پنهنجين ٽن ڌيئرن: مِناڪشي، هماني ۽ ڪمود راٺوڙ سان گڏ هلائي ٿي.
گياتريءَ کان علاوه ٻي جنهن عورت ڪرپال سنگهه کي ڪاشيءَ جي ڪم کي اجاگر ڪرڻ ۾ همٿايو اها ڪملا ديوي (Kamaldevi Chattopadhyay) آهي. ڪملا انڊيا جي مشهور سماج سڌارڪ ۽ فريدم فائيٽر ٿي گذري آهي. ڪملا جي انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ ۾ ۽ انڊيا جي هنرن: جنڊي، ڪاشي، اوڄو (هٿ سان ڪپڙو ٺاهڻ)، ويندي اسٽيج ڊرامن کي واپس پراڻو شان بخشڻ کان، وڏو نالو آهي. هوءَ ليکڪا به مشهور آهي ۽ سندس انگريزيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب آهن، جيئن ته:
- The Awakening of Indian Women.
- Japan – Its Weakness & Strength.
- In War-torn China
- America – The Land of Superlatives.
- Handicrafts of India
- Indian Embroidery.
وغيره.
هتي جئپور ۾ ۽ ان کان اڳ مشهد کان تاس (جتي ايران جي فارسي شاعر فردوسيءَ جو مقبرو آهي) ڏي بس ۾ سفر ڪندي رستي تي ڪيترائي ننڍا وڏا ڪاشيءَ جا ڪارخانا نظر آيا. اڄ کان سٺ پنجهٺ سال اڳ جڏهن آئون هالا ۾ پرائمري اسڪول ۾ پڙهندو هئس ته هالا جي طارق روڊ کان اربابن جي محلي تائين جيڪي اوطاقون هيون انهن ۾ سوسي ۽ کاڌي جي ڪپڙي جي اڄٽ ٿيندي هئي يا ڪاشيءَ جو ڪم. هالا جي ڪاشي ڏورانهن شهرن تائين وئي ٿي. هاڻ فقط منهنجي ڪلاس ميٽن عبدالرحمان ۽ صابر وارن جي هڪ ڪارخاني جي ٻيا سڀ ڪاشيءَ جا ڪارخانا بند ٿي ويا آهن ۽ انهن هنڌن تي گهر ٺهي ويا آهن. جئپور ۽ مشهد ۾ ڪاشيءَ جي ڪم ۽ ان مان ماڻهن کي روزگار ڪمائيندو ڏسي اهو ئي سوچيندو رهان ٿو ته ڪا راج ماتا گياتري يا ڪملا ديويءَ جهڙي شخصيت اسان جي ڳوٺ ۾ ان آرٽ کي revive ڪرائي ۽ ماڻهن لاءِ روزگار جو ذريعو مهيا ڪري.
گياتري ديويءَ جيل جي به سزا ڪاٽي
جئپور جي”مهاراڻي گياتري ديوي“ انڊيا جي راجائن ۽ نوابن جي دنيا جي هڪ نرالي عورت ٿي گذري آهي. هوءَ پيريءَ ۾ به سونهن جو icon مڃي وئي ٿي. گذريل صديءَ جون جيڪي دنيا جون ڏهه خوبصورت عورتون قرار ڏنيون ويون گياتري ديوي انهن مان هڪ آهي. سونهن کان علاوه هوءَ پڙهيل ڳڙهيل هئي. کيس پولو راند ۽ شڪار جو شوق هو. هن وٽ ڪيتريون قيمتي ڪارون ۽ هڪ هوائي جهاز پڻ هو. تعليم کي پکيڙڻ لاءِ هن پنهنجي رياست ۾ اسڪول ۽ ڪاليج کوليا. خاص ڪري ڇوڪرين جا، جيڪي اڄ انڊيا جا ٽاپ جا تعليمي درسگاهه آهن. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هن سياست ۾ نه رڳو حصو ورتو پر هر چونڊ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.
1947ع ۾ انڊيا کي انگريزن کان آزادي ملڻ بعد انڊيا سرڪار جئپور ۽ ٻين 18 نوابي رياستن کي ملائي هڪ راجستان رياست ٺاهي جنهن جي گاديءَ جو شهر جئپور مقرر ڪيو.
حڪومت جي ڪانگريس پارٽي کي پنهنجي لاءِ سٺو نه سمجهي انڊيا جي ڪيترن نوابن حڪومت جي مخالف سياسي، سواتانتر (Swatantra) سياسي پارٽي ۾ داخلا ورتي. 1962 ۾ گياتري ديويءَ پهرين عوامي تقرير ڪئي ۽ اليڪشن ۾ ڪانگريس پارٽيءَ جي خلاف مقابلو ڪيو جنهن ۾ هن کي زبردست ڪاميابي حاصل ٿي. دنيا ۾ ايترا گهڻا ووٽ ڪنهن کي به نه مليا هئا جيترا گياتريءَ کي مليا. اڍائي لک ووٽن مان گياتريءَ کي ٻه لک کن مليا جنهن جو رڪارڊ ”گنيز بڪ آف رڪارڊس“ ڪتاب ۾ به آيو. 1965 ۾ وزير اعظم لال بهادر شاستري سان ملاقات ۾ هن گياتريءَ کي هڪ دفعو وري آفر ڏني ته هوءَ ڪانگريس پارٽي ۾ اچي. هي اهو وقت هو جڏهن حڪومت هن جي مڙس کي اسپين جو سفير مقرر ڪيو هو پر گياتري ديوي پنهنجي اصولن تي قائم رهي ۽ حڪومت جي مخالف پارٽي سوا تانترا طرفان اليڪشن وڙهندي رهي.
1967۾ مهاراڻي گياتري هڪ دفعو وري اليڪشن ۾ بيٺي ۽ هوءَ وري اها سيٽ کٽي وئي ۽ هاڻ جڏهن مخالف پارٽين گڏجي پنهنجي رياست راجستان ۾ پنهنجي حڪومت ٿي ٺاهي ته مرڪز جي حڪومت صدارتي راڄ لڳائي ڇڏيو ۽ ان ئي سال ڪانگريس پارٽيءَ ريزوليوشن ذريعي انڊيا جي نوابن ۽ راجائن جون مقرر ڪيل خرچيون ۽ سهولتون بند ڪري ڇڏيون. ان بعد 1970 ۾ حڪومت بل ذريعي نوابن جي درجا بندي به ختم ڪري ڇڏي… ڪير وڏو ڪير ننڍو سڀ عام رعيت جيان ڪيا ويا. هن بل پاس ٿيڻ بعد مهاراجا مان سنگهه ۽ مهاراڻي گياتري ديوي انگلنڊ روانا ٿي ويا. مهيني سوا بعد مهاراجا مانسنگهه پولو راند جي امپائري ڪري رهيو هو ته گهوڙي تان ڪري پيو ۽ ان ئي ڏينهن مري ويو.
جيتوڻيڪ مڙس کي مئي هڪ سال به نه ٿيو هو ۽ گياتري ديوي اڃان ڏک جي حالت ۾ هئي، پر هن 1971 واري اليڪشن ۾ حصو ورتو. اندرا گانڌيءَ ملڪ ۾ ايمرجنسي هڻي پنهنجن مخالفن کي نشانو بڻايو. گياتري ديويءَ کي به ٽئڪس چوري ڪرڻ جهڙي لولي لنگڙي ڏوهه جي آڙ ۾ 5 مهينا انڊيا جي بدنام جيل تـِهار ۾ بند ڪيو.
هِتي تِهار جيل بابت لکندو هلان ته انـڊيا جو هي جيل سڄي ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ۾ وڏي ۾ وڏو جيل آهي جنهن ۾ اسان جي حيدرآباد سنڌ جي جيل جيڏا نو سينٽر جيل آهن. هي نيو دهلي جي اولهه ۾ چنڪياپوري ڳوٺ وٽ آهي. هن جيل لاءِ چيو وڃي ٿو ته سڀ کان گهڻي سيڪيورٽي وارو جيل آهي. هن ۾ اندرا گانڌيءَ جو پٽ سنجي گانڌي به ڏيڊ مهيني لاءِ رهي ويو آهي. ان کان علاوه بهارت رياست جو وزير اعليٰ لالو پرساد يادو، اندرا جا ٻه قاتل سک ستونت سنگهه ۽ ڪيهر سنگهه ـــ جن کي پوءِ ڦاهي ڏني وئي، بين الاقوامي قاتل چارلس سوڀراج جيڪو هن جيل مان ڀڄي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو پر پوءِ سگھوئي گرفتار ڪري کيس ڏهه سال وڌيڪَ سزا ڏني وئي. انا هزاري کي به هن جيل ۾ رکيو ويو هو.
انڊيا جي مشهور پوليس آفيسرياڻي ڪرن بيدي جڏهن جيلن مٿان آءِ جي (انسپيڪٽر جنرل) ٿي ته هن انڊيا جي ٻين جيلن سان گڏ هن جيل جي حالت تمام گهڻي سڌاري. جيل ۾ ايندڙ قيدين جي زندگي ٺاهڻ لاءِ نه فقط هنن کي هنر سيکارڻ جو بندوبست ڪيو پر تعليم جو به. تهار جيل مان هر سال ڪيترائي گرئجوئيشن ڪن ٿا. هڪ ته IAS (انڊين ائڊمنسٽريٽو سروس) جو امتحان به پاس ڪيو ۽ ڪرن بيديءَ هن جيل جو نالو تـِهار پرزن مان بدلائي تهار آشرم ڪرايو آهي.
مها راڻي گياتري ديوي پهرين شاهي خاندان جي عورت هئي جيڪا نه فقط سياست ۾ آئي پر پنهنجي مخالف ڪانگريسيءَ جي مقابلي ۾ تمام گهڻو پسند ڪئي وئي. جيتوڻيڪ هوءَ چاهي ها ته سرڪاري پارٽي (ڪانگريس) ۾ اچي آرام سان وزير ٿي سگهي ٿي. ان لاءِ کيس نه فقط لال بهادري شاستريءَ چيو پر اندرا گانڌيءَ پڻ. پر گياتري ديوي پنهنجي اصول تي قائم رهي. ان ڳالهه تان اندرا گانڌيءَ کي هن تي سخت باهيون رهيون ٿي ۽ هن کي اسيمبلي جي فلور تي نه فقط گهـٽ وڌ ڳالهائين پر بعد ۾ ايمرجنسيءَ دوران 5 مهينا جيل جي به سزا ڏياريائينس.
انڊيا جي مشهور جرنلسٽ ۽ مزاحيه ليکڪ خوشونت سنگهه جو هڪ 2005ع جو مضمون پئي پڙهيم جيڪو هن مهاراڻي گياتري بابت لکيو آهي ته جڏهن هوءَ 86 ورهين جي ڄمار جي هئي….
”انڊيا جي مهاراڻين ۾ سڀ کان نمايان شخصيت جئپور رياست جي راج ماتا گياتري ديويءَ جي آهي جيڪا 86 سالن جي ٿيڻ جي باوجود اڄ به سهڻي لڳي ٿي. اها جنهن پنهنجي پيءُ جي رياست ڪوچ بهار ۾ آزاد زندگي گذاري… سير شڪار ڪيائين، نئين ماڊل جون مهانگيون ڪارون هلائين. هوءَ شاديءَ بعد پنهنجي مڙس مهاراجا مانسنگهه جي رياست جئپور ۾ ٻين راجپوت زالن وانگر محل اندر پڙدي ۾ به رهي. هن مڙس جي شوق- پولو راند کي پنهنجو شوق بڻايو ۽ جڏهن انگلنڊ ۾ هن جو مڙس پولو راند جي امپائري ڪندي، پنهنجي ئي گھوڙي هيٺان لتاڙجي مري ويو ته هوءَ انگلينڊ ۽ يورپ ڇڏي پنهنجي وطن موٽي آئي ۽ پنهنجي وطن جي ماڻهن لاءِ نه فقط اسڪول پٺيان اسڪول کوليا پر هنن جي روزگار ۽ صحت جو پڻ خيال ڪيو. گياتري ديويءَ جو سڀ کان حيرت انگيز ڪم سياست ۾ اچڻ ۽ سواتانترا سياسي پارٽيءَ جي ليڊر ٿي لوڪ سڀا (اسيمبليءَ) ۾ اچڻ هو. هن جي اندرا گانڌي (جيڪا عمر ۾ تقريبن هن جيڏي هئي) سان اڻبت رهي. هنن جي شانتي نڪيتن وارن ڏينهن کان هڪ ٻئي سان ڄاڻ سڃاڻ هئي. اندرا کان وڌيڪَ سهڻي هجڻ ڪري گياتري ديويءَ سان اندرا جي اجائي چڙ رهي ٿي. هڪ دفعو ته اسيمبليءَ جي فلور تي اندرا گانڌيءَ هن کي گهـٽ وڌ ڳالهايو ۽ کيس bitch (ڪُتِي) ۽ گلاس ڊال سڏيو. ايمرجنسي دوران هن گياتريءَ مان وڌيڪَ باهيون ڪڍڻ لاءِ 5 مهينا جيل موڪليو ۽ انڪم ٽئڪس پورو نه ڏيڻ جي ڏوهه ۾ گياتري جو سڄو محل جاچيو ويو. سواءِ ڪجهه ننڍن ن نوٽن ۽ سڪن جي ٻيو ڪجهه به نه مليو. ايمرجنسي دوران گياتري ديوي انهن پهرين ماڻهن مان آهي جنهن کي جيل موڪليو ويو. گياتريءَ معافي يا منٿ ميڙ ڪرڻ بدران تِهار جيل جي ڪال ڪوٺهڙي قبول ڪئي. اندرا گانڌيءَ جو پٽ سنجي جڏهن هوائي جهاز جي حادثي ۾ مري ويو ته گياتري ديويءَ عذر خواهي ڪارڻ اندرا کي فون ڪيو. پر اندرا ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.“
ڇهه مهينا جيل ۾ رهڻ بعد به مهاراڻي گياتري ديويءَ جا حوصلا بلند هئا، پر هن جي صحت ڪافي خراب ٿي وئي. هوءَ ڪجهه عرصو اسپتال حوالي رهي ان بعد سياست تان هٿ کڻي پنهنجي سوانح حيات آٽو بايوگرافي A Princess Remembers ڇپرائي. هي 1976ع جو سال هو. انهن ڏينهن ۾ هن تي Memories of a Hindu Princess نالي فلم پڻ ٺهي.
آخري ڏينهن ۾ لنڊن ۾ رهڻ دوران مهاراڻي گياتريءَ کي بدهضمي (Gastric Problems) جي تڪليف ٿي پئي جنهن جي علاج لاءِ هوءَ لنڊن جي ”ڪنگ ايڊورڊ اسپتال“ ۾ داخل ٿي. بهتري نه ٿيڻ تي هن پنهنجي وطن جئپور موٽڻ جي خواهـش ظاهر ڪئي ۽ ايئر ايمبولنس جهاز ذريعي هن کي جئپور پهچايو ويو. جئپور ۾ هن کي SDMH (سانتو ڪبا دُرلاڀجي ميموريل هاسپيٽل) ۾ داخل ڪيو ويو جتي 12 ڏينهن رهڻ بعد 29 جولاءِ 2009ع تي وفات ڪئي.
گياتري ديويءَ جي ناناڻن جون تعليمي خدمتون
مها راڻي گياتري ديويءَ جا ڏاڏاڻا ڪوچ بهار جا مها راجا، ساهرا جئپور جا مها راجا ۽ ناناڻا بڙودا رياست جا مها راجا هئا. گياتري جي ماءُ ”اندرا ديوي“ جو پيءُ مها راجا ساياجي رائو گائيڪواد بڙودا رياست جو مهاراجا هو ۽ ماءُ چمنا ٻائي گياتريءَ جي ناني هئي. گياتري هميشه چوندي هئي ته هن کي گُروم ڪرڻ (ٺاهڻ) ۾ سندس ماءُ ۽ نانيءَ جو هٿ آهي.
گياتري جي پنهنجي خاندان ۽ ساهرن وانگر سندس ناناڻن بڙودا جي گائيڪواڊن (نوابن) کي به تعليم جو وڏو فڪر هو ۽ هنن بڙودا ۾ ڪيترائي اسڪول ۽ ڪاليج کوليا جيڪي اڄ يونيورسٽين جي حيثيت رکن ٿا. مون پنهنجي انڊيا جي پهرين سفرنامي ”دهليءَ جو درشن“ ۾ هنن راجائن جي چڱي تعريف لکي آهي جن پنهنجي ماڻهن کي تعليم جي روشني ڏئي خوشحال بڻايو. خوش حال هن ريت جو جڏهن اسان وٽ انگريزي تعليم عام نه هئي ته هنن اڳتي جي حالتن جو سوچي پنهنجي رياست ۾ تعليم عام ڪئي ۽ تعليم حاصل ڪرڻ تي هنن کي پنهنجي ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ جتي انگريزي عام آهي، آساني سان نوڪري ملي وئي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو انگلينـڊ توڙي آمريڪا ۾ ننڍي کنـڊ جا سڀ ۾ گهڻي کان گهڻي انڊيا جي رياست گجرات جا آهن… يعني احمد آباد، بڙودا، سورت وغيره جا آهن.
مها راجا ساياجي راءِ گائيڪواد (جنهن جو ڄمڻ وقت نالو شريمانت گوپال رائو هو) 1863 ۾ ڄائو ۽ 12 سالن جي ڄمار ۾ تخت تي ويٺو يعني بڙودا رياست جو مها راجا ٿيو. 76 ورهين جي ڄمار ۾ 1939ع ۾ وفات ڪيائين. بـڙودا رياست کي ٺاهڻ ۽ ماڊرن بنائڻ ۾ هن راجا جو وڏو هٿ آهي. حڪومت جون واڳون سنڀالڻ سان هن پهريون ڪم تعليم کي ترقي ڏيارڻ جو ڪيو. هن تعليم کي غريب غربي لاءِ عام ڪيو. ايتريقدر جو ڊاڪٽر امبيڊڪر جهڙي هيٺائين ذات جي ٻار به مئٽرڪ ۽ بي اي ڪئي ته هن کي شاهي خرچ تي آمريڪا، اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو.
هن مها راجا عوام جي بهتريءَ لاءِ انصاف، ائگريڪلچر ۽ سماجي حالتن ڏي ڌيان ڏنو. هن فائين آرٽس ۽ ٽيڪسٽائيل انڊسٽري کي وڌايو. ايتري قدر جو هن ريلوي سسٽم قائم ڪيو. انڊيا جي مشهور بڙودا بئنڪ جو بنياد هن راجا 1908 ۾ رکيو. ملڪ کان ٻاهر ڪم ڪندڙ گجراتين جي سهولت لاءِ هن بڙودا بئنڪ جون برانچون ڪيترن ئي ملڪن ۾ نظر اچن ٿيون. هن راجا جي پنهنجي ذاتي لائبريري انگريزن کي به متاثر ڪندي هئي. اڄ اها بڙودا جي سينٽرل لئبرري آهي جنهن جو نيـٽ ورڪ ڳوٺ ڳوٺ شهر شهر ۾ آهي.
مها راجا ”ساياجي رائو“ لاءِ مشهور آهي ته هن هڪ طرف جيتوڻيڪ انگريزن کي پسند ڪيو ٿي، ايتري قدر جو هن انگريزن جي راڄ کي ننڍي کنڊ لاءِ بهتر سمجھيو ٿي جو ان کان اڳ مغلن، مرهٺن ۽ ٻين مقامي هندن ۽ ايران افغانستان کان آيل مسلمان حاڪمن ننڍي کنڊ کي تباهه ڪري رکيو هو ۽ عوام هر وقت ٻه ويلا مانيءَ لاءِ پريشان رهيو ٿي. ان جي مقابلي ۾ انگريزن جي حڪومت ۾ انڊيا ترقي ڪري رهي هئي. سفر جي سهولتن لاءِ انگريز روڊ رستا ۽ ريل گاڏيون هلائي رهيا هئا، غريب ماڻهو امن ۽ انصاف ۾ وقت گذاري رهيو هو، جتي ڪٿي اسڪول ۽ اسپتالون کلي رهيون هيون جنهن ڪري ذهني سجاڳي ۽ صحت بهتر ٿي رهي هئي. غريب عوام سان گڏ انڊيا جو هر نواب، راجا پنهنجي پنهنجي ننڍڙي دنيا ۾ خوش ۽ موج مزي ۾ هو…
پر ان جي بدلي ۾ بڙودا جي هن مها راجا (گياتري ديويءَ جي ناني) هڪ حد تائين انگريزن طرفان گهربل عزت ۽ احترام جو مظاهرو ته ضرور ڪيو ٿي پر ساڳي وقت هن انگريز سرڪار کي ڪاوڙائڻ بنا پنهنجا حق ۽ شان (Status) به قائم رکڻ جي ڪوشس ڪئي ٿي. مهاراجا ”ساياجي رائو“ جي رياست جي گورننس ۽ اصولن تي انگريز سرڪار سان رکي رکي کٽ پٽ ٿيندي رهي ٿي. ان سلسلي ۾ انگريز حڪومت جيڪي مختلف رياستن ۾ پنهنجا نمائندا ”ريزيڊنٽ“ مقرر ڪندي هئي، انهن سان، يا ويندي وائسراءِ ۽ ٻين سرڪاري ڪامورن سان بڙودا جي هن مهاراجا جي لکت ۾ يا زباني تلخيون ٿينديون رهيون ٿي. هونءَ انگريزن سان سٺو هلڻ ۾ به مهاراجا جو جواب نه هو ايتري قدر جو انگريز سرڪار 1876ع ۾ هن کي ”فرزندِ خاصِ دولتِ انگليشيا“ جو خطاب عطا ڪيو هو. انگريز سرڪار طرفان دهليءَ ۾ نوابن کي گهرائڻ جي درٻارن ۾ به هي مهاراجا اچي حاضر ٿيندو هو. پر 1911ع ۾ جيڪا وڏي پئماني تي ۽ تاريخي دهلي درٻار لڳي ان ۾ هن مهاراجا گڙٻڙ ڪري وڌي بلڪه هن پنهنجي ظاهري هلت مان پنهنجي اندر جي ڳالهه انگريزن اڳيان عيان ڪري ڏيکاري ته هو هڪ حد تائين انگريزن طرفان گهربل عزت ڏئي سگهي ٿو پر ان جو مطلب اهو ناهي ته انگريز حد کان وڌيڪَ انڊيا جي اصلي نوابن ۽ راجائن کي ذليل ڪن.
1911ع واري هن ”دهلي درٻار“ ۾ انگلنڊ جو بادشاهه ”جارج پنجم“ آيو هو. هي پهريون دفعو هو جو انڊيا تي راڄ ڪرڻ وارن انگريزن جو حاڪم شهنشاهه جارج انگلنڊ کان سفر ڪري انڊيا آيو هو. هن جو دهليءَ ۾ آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ انگريز سرڪار هر انڊين راجا جن کي انگريز “Native Prince” سڏيندا هئا، مان چڱي طرح وفاداري ۽ عزت جو مظاهرو ڪرڻ جي اميد رکي ٿي. انگريز راڄ ۾ هي لفظ Native جيڪو مقامي ماڻهن لاءِ استعمال ٿيندو هو هڪ نيچپائي جو اظهار ڪندو هو. مقامي ماڻهو کڻي ڊاڪٽر، انجنيئر يا ڪنهن رياست جو نواب هجي، انگريزن لاءِ Native هوندو هو. ۽ Native کڻي ڪيڏو به سهڻو، هنر وارو، پـڙهيل ڳڙهيل يا امير هجي، هن جو درجو هڪ عام انگريز کان به گهٽ سمجھيو ويو ٿي. اهو ئي حال ملايا (اڄ واري ملائيشيا) سنگاپور، ڪينيا ۽ ٻين ملڪن جي مقامي ماڻهن جو هو جتي جتي انگريزن راڄ ڪيو ٿي. ڪٿي ڪنهن حادثي ۾ ڪنهن انگريز کي رهنڊ به آئي ٿي ته واويلا مچي وئي ٿي، پر جي مقامي پنج ڇهه مري ويا ٿي ته به اها ڳالهه نه برابر سمجهي وئي ٿي. پنج ڇهه ماڻهن جي مرڻ جو ٻڌي هر انگريز کان رڙ ضرور نڪتي ٿي پر ٻي گهڙيءَ جڏهن ٻڌايو ويو ٿي ته اهي Natives هئا ته ٻڌڻ وارو انگريز يڪدم ”اڇا! Natives هئا“ چئي ٿڌو ٿي ويو ٿي.
اسان ننڍا هئاسين ته به هن لفظ Native جو استعمال عام ٻڌوسين جنهن ۾ ڪمتر ۽ نيچپائي جو اظهار محسوس ٿيو ٿي. اڄ به انگريز راڄ جي ڏينهن جا ”ڀاواني جنڪشن“، ”اي پئسيج ٽو انڊيا“ جهڙا انگريزن يا اسانجي ماڻهن جا ناول پڙهي ڏسو ته ان ۾ Native جو استعمال عام نظر ايندو. بهرحال 1911ع واري ”دهلي درٻار“ ۾ انڊيا جا سڀ راجا مها راجا گهريا ويا هئا ۽ انهن کي چيو ويو ته هو انگريز شهنشاهه سان ملڻ وقت، مڪمل وفاداريءَ جو اظهار ڪن. ان لاءِ، هر راجا کي انگريز شهنشاهه جي ويجھو پهچي هن جي اڳيان ٽي دفعا جھڪڻو هو. ان بعد شهنشاهه کي پٺي ڏئي موٽڻ بدران، يعني مڙڻ بدران پٺتي وڃڻو هو جيئن انهن ڏينهن ۾ يا اڄ به ڪيترين درگاهن مقبرن تي يا پير مرشد سان ملڻ بعد معتقد ماڻهو پٺيان پير ڪري هلن ٿا يا مجاورن ۽ خليفن طرفان، آيل سائل کي مجبور ڪيو وڃي ٿو.
بڙودا جي مها راجا ”ساياجي رائو گائيڪواڊ“ جو انڊيا جي راجائن ۽ نوابن ۾ ٽيون نمبر مٿانهون درجو هو سو انگريز حاڪم شهنشاهه جارج پنجين جي اڳيان جھڪڻ وارن انڊيا جي مهاراجائن جي قطار ۾ گائيڪواڊ جو ٽيون نمبر هو. انگريز سرڪار جي حڪم موجب سڀ راجا مهاراجا پنهنجي رياستي پڳ پوشاڪ ۾ ملبوس ٿي اتي پهتا هئا ۽ حڪم موجب هو انگريز سرڪار طرفان مليل رتبن ۽ خطابن جا ٻِلا (Madals) لڳائي آيا هئا، پر بڙودا جو هي مهاراجا گائيڪواڊ (گياتري ديويءَ جو نانو) هڪ ته نوابي ڊريس ۽ ٺاهه جوڙ ۾ نه آيو هو جنهن ڪري انگريز ڪامورا پريشان ٿي رهيا هئا ويتر هي انگريز شهنشاهه اڳيان حڪم موجب ٽي دفعا جھڪڻ بدران فقط هڪ دفعو جھڪي شهنـشاهه سلامت کي پٺ ڏئي اچي پنهنجي جاءِ تي ويٺو.
گياتري ديويءَ جي آٽوبايوگرافي ”ميري سمرتيان“ (Princess Remembers: The Memories of Maharani of Jaipur) ۾ هن لکيو آهي ته ”ڪن سببن ڪري منهنجو نانو ان فنڪشن جو اڳواٽ هلندڙ ريهرسلون اٽينڊ ڪري نه سگهيو هو. ان ڪري هن کي اها ڄاڻ نه هئي ته ”شهنشاهه بادشاهه“ سان ڪيئن ملجي“. پر ان فنڪشن ۾ موجود ماڻهن جو اکين ڏٺو احوال اهو آهي ته گياتريءَ جو نانو (مهاراجا گائيڪواڊ) انگريز شهنشاهه سان ان طرح ملڻ جي ٺٺوليءَ تي واپسي تي کِلي رهيو هو. دراصل مها راجا گائيڪواڊ جي، ان کان اڳ انڊين نيشنل ڪانگريس ۽ ان جي ليڊرن جي کلئي عام Support ڪرڻ تي انگريز سرڪار هن تي اڳهين ڪاوڙيل هئي ۽ هاڻ هن مثال بعد انگريزن هن تي اعتماد ڪرڻ ڇڏي ڏنو. اها ٻي ڳالهه آهي ته 1919ع ۾ انگريز سرڪار هن مهاراجا کي GCIE ايوارڊ ڏيڻ مهل هن کي هن جي ڪوتاهين کي معاف ڪري ڇڏڻ جو کلئي عام اعلان ڪيو. باءِ دي وي هي سال 1919ع اهو آهي جنهن ۾ هن مهاراجا جي ڏهٽي مهاراڻي گياتري ديويءَ جنم ورتو ۽ هتي اهو به لکندو هلان ته 1911ع واري هن ”دهلي درٻار“ ۾ جنهن ۾ پهريون دفعو ان وقت جو انگريز شهنـشاهه جارج پنجم انڊيا آيو هو جنهن جي آڌرڀاءَ لاءِ انڊيا جي مختلف رياستن جا راجا مهاراجا اچي گڏ ٿيا هئا، تن مان ڪيترا ته پنهنجين مها راڻين ۽ ٻارن (شهزادن ۽ شهزادين) سميت آيا هئا ـــ جيڪي پڙهندڙ گياتري ديويءَ جي هيءَ ڪهاڻي شروع کان پڙهندا اچن، انهن جي ڄاڻ لاءِ لکندو هلان ته هي اهائي 1911ع واري دهلي درٻار آهي جنهن ۾ گياتري ديويءَ جو ڏاڏو ڪوچ بهار رياست جو مهاراجا نرپيندرا ناراين پنهنجي مهاراڻي ۽ پٽ شهزادي جيتندرا سان گڏ آيو هو. هن دهلي درٻار جي ٻن سالن بعد مهاراجا نرپيندرا گذاري ويو ۽ سندس پٽ هي شهزادو جيتندرا مهاراجا ٿيو. هن ئي دهلي درٻار ۾ بڙودا جو مهاراجا ساياجي رائو گائيڪواد به پنهنجي مهاراڻي چمپا ٻائي ۽ اڪيلي ڌيءَ شهزادي اندرا راجيه سان گڏ آيو هو، جنهن شهزاديءَ بابت شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته ان جو گواليار جي مهاراجا سان مڱڻو ٿيل هو، پر هن درٻار ۾ ”شهزادي اندرا“ ڪوچ بهار جي شهزادي جيتندرا (گياتري جي ٿيڻ واري پيءُ) کي ڏسڻ سان هن تي اَڪن ڇڪن ٿي پئي ۽ هن کان پنهنجو پوڙهو ڍڍ نڪتل مڱيندو مهاراجا وسري ويو. ماءُ پيءُ گهڻو ئي سمجھايس ته ڪوچ بهار رياست جو هي فقط شهزادو آهي. الائي مهاراجا ٿئي به يا نه جو تخت جو وارث ڪرائون پرنس هن جو وڏو ڀاءُ ويٺو آهي ۽ هوڏانهن تنهنجو مڱيندو گواليار رياست جو هينئرئي مهاراجا آهي ۽ شاديءَ بعد تون يڪدم مهاراڻي ٿي ويندينءَ. پر ”اِندرا راجيه“ هڪ نه ٻڌي ۽ ڪوچ بهار جي شهزادي جيتندرا سان وڃي شادي ڪيائين جنهن مان کين گياتري ديوي، ايلا ديوي (فلم ائڪٽريس مون مون سين جي سَسُ) ۽ مونيڪا ديوي جهڙيون سهڻيون ڌيئرون ڄايون.
بڙودا جي هن مهاراجا گائيڪواد جو ٿو سوچجي ۽ هن جي همعصر سنڌ جي حاڪمن مير علي مراد خان ٽالپر (1894-1842)، مير فيض محمد ٽالپر (1909-1894)، مير امام بخش ٽالپر (1921-1909)، مير علي نواز ٽالپر (1936-1921) وغيره جو ٿو سوچجي ته سنڌ جي پاڙي واري رياست گجرات جي حاڪم مهاراجا گائيڪواد پنهنجي ماڻهن لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو. هن جي 1862 ۾ ٺهرايل ”گائيڪواڊ بڙودا اسٽيٽ ريلوي“ نيـٽ ورڪ اڄ به دنيا ۾ ”نئرو گيج ريلوي“ جو وڏي ۾ وڏو نيٽ ورڪ آهي. سندس رياست جي ماڻهن لاءِ پاڻيءَ جو بندوبست ڪرڻ جو هن کي 1892 ۾ خيال آيو ۽ ”اجوا“ ۾ واٽر اسڪيم ٺاهي، جيڪا ايڏي ته وڏي ۽ بهترين ثابت ٿي جو اڄ سوا سئو سالن بعد جڏهن بڙودا هڪ تمام وڏو شهر ٿي ويو آهي ته به ان جي هڪ حصي جي ماڻهن لاءِ پاڻيءَ جون ضرورتون هن آڳاٽي ٺهيل اسڪيم مان پوريون ٿيون ٿين. بـڙودا شهر جو خوبصورت پبلڪ پارڪ جيڪو هاڻ ”ساياجي باغ“ سڏجي ٿو هن مهاراجا ٺهرائي عوام کي تحفي طور ڏنو. ان وقت هن باغ جو نالو ”ڪماتي باغ“ رکيو ويو هو. سندس ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي هن رياست جي خزاني مان ۽ پنهنجي کيسي مان پئسو ڪڍي يونيورسٽي آف بڙودا ٺهرائي جيئن اوسي پاسي جي ڳوٺن جا غريب شاگرد پڻ فائدو وٺي سگهن. هن يونيورسٽيءَ کي وڌيڪَ وڌائڻ ۽ بهتر ڪرڻ ۾ سندس پوٽي ”سر پرتاب سنگهه رائو گائيڪواد“ کي به داد ڏنو وڃي ٿو. ڪراچي ۾ منهنجو 82 سالن جو گجراتي پاڙيسري عبدالرحمان ڀائي جيڪو مٿين يونيورسٽي مان پڙهيو ۽ هُنَ هـِنَ گائيڪواد گهراڻي جي حاڪمن جا عوام لاءِ بڙودا ۾ ترقيءَ جا ڪم چڱي طرح ڏٺا آهن اهو پرتاپ سنگهه رائو جي به ڏاڍي تعريف ڪري ٿو. رات مونکي هن جا تخلص ۽ خطاب ٻڌائي رهيو هو جنهن سان هو سڏيو ويو ٿي: ”شريمنت، سرڪار، مهاراجا پرتاب سنگهه گائيڪواد، سينا خاص خيل، شمشير بهادر، فرزندِ خاص، دولتِ انگليشيا”.
مها راجا ساياجي رائو گائيڪواڊ 63 سال حڪومت ڪرڻ بعد 76 ورهين جي ڄمار ۾ 1939ع ۾ گذاري ويو. سندس وفات بعد سندس پوٽو پرتاب سنگهه راءِ بڙودا رياست جو مهاراجا ٿيو. سندس ٻه زالون هيون. سندس پوٽو پرتاب سنگهه سندس پهرين زال مان اڪيلي پٽ ليفٽيننٽ ڪرنل ”يوورجا فتح سنگهه رائو“ جو پٽ آهي جيڪو (ڪرنل صاحب) 25 سالن جي ڄمار ۾ 1908ع ۾ گذاري ويو. گياتري ديويءَ جي ماءُ اندرا رجيه ديوي ٻي زال (چمپا ٻائي دوم) مان هئي. مهاراجا جو هن زال مان به هڪ پٽ (يعني اندرا جو ڀاءُ ۽ گياتريءَ جو مامو) برٽش آرمي ۾ ڪرنل هو.
اهي ڳالهيون ٿيون سوچجن ته هيڏن نوابن ۽ راجائن به پنهنجن ٻارن کي فوج ۾ موڪليو ۽ هنن ان جي سخت زندگي ۽ تربيت جي پرواهه نه ڪئي. ويندي راڻي ايلزبيٿ جو پٽ به فوج (نيويءَ) ۾ رهيو. بهاولپور رياست جي نوابن جا ٻار به فوج ۾ ويا. ان کي ٿو ڏسجي ته اسان وٽ سنڌ ۾ اڃان اهو ٽرينڊ نه آيو آهي. ورلي ڪنهن پير، جاگيردار يا وڏيري جي ٻار فوج ۾ وڃي پنهنجي زندگي ڊسپلينڊ ٺاهي هوندي. بهرحال اسانجو عام ماڻهو گذريل ٽيهارو سالن کان پنهنجن ٻارن کي فوج (آرمي، نيوي، ايئر فورس) ۾ موڪلي رهيو آهي ۽ نه فقط ڇوڪرا پر ڇوڪريون به نظر اچن ٿيون. هالا جون ته ڪيتريون ئي ڇوڪريون ڪئپٽن ۽ ميجر رئنڪ تائين پهچي ويون آهن. انهن مان پني عاقل جي شيخ فئملي جي پاڪستان ايئر فورس جي پائلٽ آفيسر مريم مختيار به هڪ آهي جنهن جيهوائي جهاز جو ويجھڙائي ۾ حادثو ٿيو ۽ شهادت ماڻيائين. البت اسان جي حاڪمن مان هڪ مير فيض محمد خان ٽالپر دوم جو پٽ مير علي مراد خان ٽالپر آرمي جو ڪرنل ضرور هو.
گياتري ديويءَ جي ٿائي پوٽاڻ ۽ بالي ووڊ جون اداڪارائون
مها راڻي گياتري ديوي جنهن کي ننڍپڻ ۾ سندس گهر وارا ۽ ساهيڙيون ”عائشه“ پڻ سڏينديون هيون جي 1940ع ۾ جئپور جي مها راجا سان شادي ٿي ۽ 9 سالن بعد 1949ع ۾ فقط هڪ ٻار شهزادو جڳت سنگهه ٿيو. البته هن جي مڙس مهاراجا سوائي مانسنگهه دوم لاءِ هي چوٿون پٽ ٻار ٿيو جو هن کي پنهنجين پهرين ٻن زالن مان اڳهين ٽي پٽ هئا.
جڳت سنگهه بنيادي تعليم پنهنجي رياست جئپور مان ورتي ان بعد ڪجهه عرصو اجمير جي ”مايو ڪاليج“ ۾ پڙهڻ بعد 1963ع ۾ انگلينڊ جي Harrow مان چار سال تعليم ورتي. 1978ع ۾ جڳت سنگهه ٿائلنڊ جي شهزاديءَ سان شادي ڪئي. ٿائي شهزادن توڙي شهزادين جا نالا ڪي سولا ناهن جو اهي تخلص سان لکيا وڃن ٿا. هتي جيتوڻيڪ ٿائي شهزادي لکڻ ڪافي آهي پر انهن پڙهندڙن لاءِ جيڪي سيامي (ٿائي) تاريخ ۽ ملڪ ۾ دلچسپي رکن ٿا انهن لاءِ هن ٿائي شهزاديءَ جو سڄو نالو هڪ دفعو لکان ٿوMom Rajawongse Priyanandana Rangsit. ، هن شهزاديءَ جي ماءُ شهزادي وڀا وادي رانگسٽ جو تعلق پڻ ٿائلنڊ جي شاهي خاندان سان آهي. وڀا وادي پاڻ ۽ ان جو پيءُ راجاني چمچاراس (يعني جڳت سنگهه جي زال جو نانو) ٻئي ٿائلنڊ جون ادبي شخصيتون آهن. ايتريقدر جو وڀا وادي جي ياد ۾ هن جي صوبي سورت ٿاني ۾ هر سال 16 فيبروري موڪل جو ڏينهن ملهايو وڃي ٿو ۽ بئنڪاڪ جي ايئرپورٽ ”ڊان مئاگ ايئرپورٽ“ کان بئنڪاڪ شهر تائين پهچڻ وارو جيڪو هاءِ وي آهي اهو پڻ جڳت سنگهه جي ٿائي سس نالي Vibhavadi Rangsit Highway آهي.
گياتري ديوي جي اڪيلي پٽ شهزادي جڳت سنگهه جي شادي هن ٿائي شهزادي سان 1978ع ۾ ٿي پر اها ڪا ڏهه سال مس هلي. سال 1987ع ۾ سندن طلاق ٿي وئي. ان بعد ڏهه سالن کانپوءِ سال 1997ع ۾ هو (جڏهن ته اڃان سندس ماءُ مهاراڻي گياتري جيئري هئي) 48 سالن جي ڄمار ۾ گذاري ويو. سندس ٿائي زال پنهنجن ٻن ٻارن لليتا ڪماري (ڄم جو سال 1979ع) ۽ پٽ ديوراج سنگهه (ڄم جي تاريخ 1981ع) سان گڏ بئنڪاڪ ۾ رهندي اچي ۽ هن وقت 63 سالن جي آهي. طلاق کان وٺي ٿائي شهزادي ۽ سندس ٻارن جو ملڪيت ۾ حصي تي ڪورٽ ۾ ڪيس هلندا رهن ٿا. جيسين مهاراڻي گياتري ديوي جيئري هئي (2009ع تائين) ته جڳت سنگهه جو پٽ ديوراج سنگهه بئنڪاڪ کان جئپور پنهنجي ڏاڏيءَ وٽ ايندو رهيو ٿي. جڳت سنگهه جي ڇڏيل ملڪيت ۾ آڳاٽي جيولري آهي جيڪا ڪروڙين ڊالرن جي آهي، جئپور جا ڪجهه قلعا ۽ محل، انڊيا جي لگزري هوٽلن مان وڏو حصو ۽ انگيلنڊ جي مي فيئر شهر ۾ ٽائون هائوس ۽ Ascot جي ڀرسان خوبصورت فارم هائوس جتي مهاراڻي گياتريءَ پنهنجي پٽ جي شادي جي دعوت ۾ انگلنـڊ جي راڻي ايلزبييٿ ۽ انڊيا جي سابق وائسراءِ لارڊ مائونٽ بيٽن کي گهرايو هو، شامل آهن. بهرحال هن وقت تائين ان ملڪيت جو فيصلو ٿي چڪو آهي يا نه، ڪا خبر ناهي. چون ٿا ته مرڻ وقت مهاراڻي گياتريءَ پنهنجي سرڳواسي پٽ جڳت سنگهه جو اهو خط ڏيکاريو هو جنهن ۾ هن ماءُ ڏي لکيو هو ته منهنجي مري وڃڻ بعد منهنجي ملڪيت ۾ منهنجا ٻار شامل نه ڪيا وڃن. بهرحال ان خط يا وصيت بابت اهي ئي افواهه هئا ته اها نقلي آهي. گياتري ديويءَ ڪورٽ کي اهو به چيو ته سندس پوٽا ان ملڪيت جا وارث ٿي نٿا سگهن جيڪا انڊيا ۾ آهي ڇو جو هنن وٽ انڊيا بدران ٿائلينڊ ۽ انگلنڊ جو پاسپورٽ آهي.
ٻه سال کن اڳ اها خبر ضرور ٻڌڻ ۾ آئي هئي ته ڀاءُ (ديوراج سنگهه) ۽ ڀيڻ (لليتا ڪماريءَ) پنهنجي چاچي (پيءُ جي ويڳي ڀاءُ) پرٿوي راج تي انڊيا جي ”جئه محل پئلس هوٽل“ جو حصو وٺڻ لاءِ ڪيس ڪيو آهي. ”جئه محل هوٽل“ ارڙهين صديءَ جي اڌ ۾ جئپور نوابي رياست جي وزير اعظم لاءِ ٺاهي وئي هئي. اڄ اها دنيا جي بهترين آرامده Spa هوٽلن مان هڪ آهي.
مها راڻي گياتري ديويءَ جو پيءُ ڪوچ بهار جو مهاراجا ”جيتندرا نارائڻ“ لڳي ٿو ته ٻين نوابن ۽ راجائن وانگر هڪ کان وڌيڪَ شاديون نه ڪيون. ڇو ته گياتري ديويءَ جا سڀ ڀائر ڀينرون هڪ ئي ماءُ مهاراڻي اندرا راجيه ديوي جو اولاد آهن.
گياتري ديوي پاڻ ۾ ٽي ڀيڻيون: پاڻ، اِيلا ديوي ۽ ميناڪا ديوي هيون ۽ ٻه ڀائر جگديپيندرا ۽ اندرجيت هئا. ايلا ديوي گياتريءَ کان 5 سال وڏي هئي ۽ 1914ع ۾ ڄائي. سندس شادي تريپورا رياست جي مهاراجا راميندر ڪشور سان ٿي. تريپورا رياست اتر اوڀر انڊيا ۾ بنگلاديش جي بارڊر تي آهي. سندس ٻئي پاسي انڊيا جون آسام ۽ ميزورام رياستون آهن. تري پورا رياست جي گاديءَ جو شهر اگرتلا آهي. سندس ننڍي عمر ۾ (31 سالن جي ڄمار ۾) سال 1945ع ۾ وفات ٿي.
گياتري ديويءَ جي ننڍي ڀيڻ ميناڪا ديويءَ جي به شاهي خاندان ۾ شادي ٿي جيڪو ديواس رياست جو مهاراجا هو. ميناڪا ديوي ۽ ايلا ديوي پنهنجي وچين ڀيڻ گياتري ديويءَ وانگر کڻي گهڻيون سهڻيون نه هيون ۽ نه ايترو هر فن مولا هيون. البته ايلا ديويءَ کي سندس ننهن ۽ پوٽين ڪري اسان جا بالي ووڊ فلمن جا شوقين سڃاڻي سگهن ٿا. ايلا ديويءَ کي مها راجا تريپورا مان 1941ع ۾ هڪ پٽ مها راج ڪمار ڀرت ڪشور (جيڪو شهزادو هَبي به سڏجي ٿو) ڄائو. هن جي شادي ان وقت جي مشهور بنگالي فلم ائڪٽريس سُچيترا سين (جنهن 1955ع جي هندي فلم ديوداس ۾ به ڪم ڪيو) جي ڌيءَ ”مون مون سين“ سان ٿي. 1960ع واري ڏهي ۾ جڏهن اسان ايسٽ پاڪستان (مشرقي بنگال) ۾ پڙهندا هئاسين ته انهن ڏينهن ۾ اسان جا بنگالي ڪلاس ميٽ سُچيترا سين جي فلمن جا عاشق هوندا هئا. هوءَ هر فلم ۾ گهڻو ڪري انڊين ائڪٽر اتم ڪمار سان گڏ هيروئن ٿيندي هئي. سُچيترا سين پهرين بنگالي فلم ائڪٽريس آهي جنهن کي 1963ع ۾ بين الاقوامي ايوارڊ مليو. کيس انڊيا جو وڏي کان وڏو ايوارڊ پدماشري به مليو. هن کي اڪثر ان وقت جي انگريزي فلمن جي مشهور سئيڊش فلم ائڪٽريس ”گريتا گاربو“ سان ڀيٽيو و يو ٿي. انڊيا جي وزير اعظم اندرا گانڌيءَ کان متاثر ٿي بالي ووڊ وارن جيڪا 1974ع ۾ ”آنڌي“ فلم ٺاهي هئي ان ۾ سُچيترا کي Best Actress جو ”فلم فيئر“ ايوارڊ مليو هو ۽ بيسٽ ائڪٽر جو سنجيو ديو کي مليو هو جنهن ان فلم ۾ سُچيترا سين جي مڙس جو پارٽ ادا ڪيو هو.
هونءَ بنگالي ائڪٽر اتم ڪمار جنهن سان گڏ سُچيترا اڪثر فلمن ۾ آئي ٿي جيڪو عمر ۾ سُچيترا کان چار پنج سال وڏو هو (سُچيترا جي ڄم جو سال 1931ع هو ۽ اتم ڪمار جو 1926ع) وڏو قابل ۽ ماڻهن جو (خاص ڪري بنگالين جو) دلپسند اداڪار هو جيئن دليپ ڪمار اسان وٽ هو. اتم ڪمار ۾ ڪيتريون ئي خوبيون هيون. هو ائڪٽر، ڊائريڪٽر، سنگر، پروڊيوسر، ميوزڪ ڪمپوزر ۽ پلي بئڪ سنگر هو. چون ٿا ته هن سان برابري ڪرڻ وارو انڊيا ۾ ڪو ائڪٽر ناهي. پاڻ 1980ع ۾ گذاري ويو. ڪولڪاتا ۾ سندس نالي ٿيٽر (Uttam Mancha) آهي. ڪولڪاتا جي تولي گنج ميٽرو اسٽيشن وٽ اتم ڪمار جو وڏو بت Statue رکيل آهي ۽ اتم جي ياد ۾ هن اسٽيشن (تولي گنج) جو نالو ”مها نائڪ اتم ڪمار ميٽرو اسٽيشن“ رکيو ويو آهي. انڊيا حڪومت هن اداڪار جي ياد ۾ پوسٽ جي ٽڪلي به جاري ڪئي آهي. ان کان اڳ پرٿوي راج، گرودت ۽ نرگس دت جي ياد ۾ به ان قسم جون ٽڪليون جاري ٿي چڪيون آهن. مون ٻڌو آهي ته انڊيا جو پوسٽ کاتو زندهه فنڪارن جون به ٽڪليون جاري ڪري رهيو آهي جن ۾ شاهه رخ خان، ثانيا مرزا ۽ سچين ٽينڊولڪر به شامل آهن. ٿي سگهي ٿو هڪ ڏينهن اسان وٽ به عابده پروين، روبينه قريشي، محمد يوسف، محمد جمن جهڙن ڳائڻن جون به ٽڪليون نظر اچن… باقي ڪرڪيٽ، هاڪي يا ٻين قومي راندين ۾ ته في الحال چئن مان ٻن صوبن جو ته ڪو ايڪسٽرا ۾ به نظر نٿو اچي.
بهرحال هتي اسان مهاراڻي گياتري ديويءَ جي ڀاڻيجي (ايلا ديوي جي اڪيلي پٽ) مهاراجڪمار ڀرت ڪشور جي زال ”مون مون سين“ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون جيڪا انڊيا جي بنگالي فلمن جي مشهور ائڪٽريس ”سُچيترا سين“ جي ڌيءَ آهي. ماءُ وانگر مون مون سين به انڊيا جي هڪ ناليواري اداڪارا آهي جنهن بنگالي، هندي، تامل، تيلگو، مليالم، مرهٺي ۽ ڪنهڙ فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي. ”مون مون سين“ جو پيءُ اديناٿ سين ڪلڪتي جو امير ترين بزنيس مئن هو. مون مون سين شلانت شهر جي انگريزي اسڪول ”لوريٽو ڪانوينٽ“ مان پڙهڻ بعد آڪسفورڊ انگلنـڊ جي Somerville ڪاليج مان گرئجوئيشن ڪئي ۽ ان بعد ڪلڪتي جي ”جاد اوَ پُر يونيورسٽيءَ“ مان انگريزي ادب ۾ ماسٽرس ڪئي. (ڪلڪتا Calcutta کي اڄ ڪلهه اصلي بنگالي نالي ڪول ڪاتا Kolkata سان سڏين ٿا). فلمن ۾ اچڻ کان اڳ مون مون سين ڪلڪتي جي بالي گنج بئائز اسڪول ۾ انگريزي پڙهائي ٿي. سندس شادي 1978ع ۾ ٿي وئي هئي. فلمن ۾ جڏهن هوءَ آئي ته ماءُ بڻجي چڪي هئي. هندي فلمن ۾ 1984ع جي اندر باهر، 1986ع جي محبت ڪي قسم، 1987ع جي پيار ڪي جيت، 1993ع جي زخمي دل، 1991ع جي 100 Days جنهن ۾ هن ماڌوري ڊڪشٽ سان گڏ ڪم ڪيو آهي …. اپنا ديس پرائي لوگ، بهار آني تڪ، بارود، مل گئي منزل مجھي… وغيره آهن.
”مون مون سين“ کي ٻه ڌيئون: رياسين ۽ رائما سين ٿيون جيڪي پڻ بالي ووڊ دنيا جون مشهور اداڪارائون آهن. ”ريا سين“ جيڪا هن وقت 35 سالن جي آهي فلم ائڪٽريس سان گڏ ماڊل به آهي. سندس 2003ع جي فلم ”جھنڪار بيٽس“ انگريزي ۽ هنديءَ ۾ آهي ان کان علاوه 2005ع جي فلم ”شادي نمبر ايڪ“ ڪافي هلي. هن جي پهرين انگريزي فلم It was raining that Night دراصل مشهور بنگالي فلم: ”هيئي برشتير رات“ جي Remake آهي. پاڻ بنگالي، تامل، تيلگو، مليالم فلمن ۾ به ڪم ڪيو اٿس. گذريل دفعي ملائيشيا هوس ته ڪوالالمپور جي هڪ سئنيما هال ۾ انگريزي نالي Bharathi Raja’s Taj Mahal واري هڪ تامل فلم هلي رهي هئي. ياد رهي ته ملائيشيا جي آدم شماريءَ ۾ اٽڪل 10 سيڪڙو انڊين آهن. ان ڏهه سيڪڙو مان سمجھو ته 9 حصا ڏکڻ هندستان جا تامل، مليالم، تيلگو ۽ ڪنهڙ ٻوليون ڳالهائڻ وارا آهن ۽ باقي هڪ حصو پنجابي ڳالهائڻ وارا سک، مسلمان، گجراتي، سنڌي (هندو)، بوهري، پٺاڻ وغيره آهن. سو ملائيشيا توڙي سنگاپور ۾ هندي (اڙدو) کان وڌيڪَ تامل ۽ مليالم فلمون هلن ٿيون.
رياسين لاءِ چيو وڃي ٿو ته هوءَ پنهنجي ڏاڏيءَ ايلا ديوي ۽ ان جي ڀيڻ گياتري ديوي وانگر چڱي خاصي سهڻي آهي ۽ انڊيا جي عورتن جي رسالي فيمينا ۾ انڊيا جي 50 خوبصورت عورتن ۾ نائين نمبر تي آئي هئي.
ريا سين به ماءُ وانگر ڪلڪتي جي لوريٽو ڪانوينٽ اسڪول مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد ”راني برلا گرلس ڪاليج“ مان گرئجوئيشن ڪئي جيڪو ڪاليج ڪلڪتا يونيورسٽي سان لاڳاپيل آهي. ان بعد هُنَ نئشنل انسٽيٽيوٽ آف فئشن ٽيڪنالاجي“ مان تعليم حاصل ڪئي ۽ ڪجهه عرصو هابيءَ خاطر جيولري ڊزائيننگ ڪندي رهي. ان کان علاوه ريا ڪٿڪ ۽ ٻيون ڊانسون پڻ سکيون. هتي آئون راجائن، راڻين، شهزادين، شهزادن فلمي اداڪارن ۽ شاهي خاندانن جي مردن توڙي عورتن جي تعليم بابت ان ڪري لکان ٿو ته اسانجو ماڻهو اهو محسوس ڪري سگهي ته ملائيشيا وانگر انڊيا جو به غريب غربو توڙي امير- جنهن کي ڀلي نوڪريءَ جي ضرورت نه هجي ۽ هو اڪيلو پٽ يا ڌيءَ هجي ۽ سندس ماءُ پيءُ جي دولت ايتري هجي جو گهر ويٺي ست پيڙهيون کائين، ان هوندي به هو پنهنجن ٻارن کي گهڻي کان گهڻي تعليم ڏيڻ ضروري سمجھن ٿا. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ، سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ جي باقي گهڻي ڀاڱي پيرن، ميرن، وڏيرن، وزيرن، سياستدانن، اعليٰ ڪامورن جا ٻار بهتر تعليم کان ٽهندا وتن. جهڙا تهڙا ڪلاس اٽينڊ ڪري ڪاپيءَ جي زور تي ڪا معمولي ڊگري مس وٺڻ ۾ به وڏي ڳالهه سمجھن ٿا. هو اهو ئي سمجھن ٿا ته وڏن ماڻهن جا ٻار هجڻ جي ناتي کين ئي وڏيون نوڪريون ملي وينديون. ۽ پوءِ مقابلي جا امتحان پاس ڪرڻ بنا وڏا عهدا حاصل ڪري نه صحيح طرح ڊيوٽي ڏيڻ لاءِ آفيسن ۾ اچن ٿا ۽ نه عوام جا ڪم ڪن ٿا.
بالي وڊ ائڪٽريس ’رياسين‘ وانگر سندس ٻه سال وڏي ڀيڻ ’رائماسين‘ به پهرين بنگالي فلمن ۾ ڪم ڪيو. ريما ڪيترين ئي هندي فلمن ۾ به ڪم ڪري چڪي آهي جهڙوڪ: گاڊ مدر، دامن، ياترا، دس، منوراما سڪس فيٽ انڊر… وغيره. ۽ هوءَ به ڀيڻ، ماءُ، ناني وانگر اعليٰ تعليم يافته آهي. …(ختم)….

