موسمياتي تبديليون ڪراچي سوڌو سڄي سنڌ لاءِ خطرو Sep 2020

مهاڻن جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ جيڪو ڪڏهن ڪولاچي سڏيو ويندو هو اڄ ڪراچيءَ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. هن وقت هي شهر پاڪستان جي معاشي سرگرمين جو مرڪز آهي، جيڪو ملڪ جي سڄي ٽيڪس جو اڌ حصو فراهم ڪري ٿو ۽ ملڪ جي مجموعي پيداوار ۾ 42 سيڪڙو ڪراچي جو حصو آهي. هي اهو معاشي مرڪز آهي جتي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۽ سينٽرل بينڪ موجود آهن ۽ ان کان علاوه ٻاهرين ملڪن جي ڪيترن ئي ملٽائي نيشنل ڪمپنين جا هيڊڪوارٽر به هن شهر ۾ موجود آهن.

اڳوڻو ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ ۽ موجوده وقت ۾ صوبي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ جنهن جي آبادي لڳ ڀڳ اڍائي ڪروڙ آهي، جتي مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ، مختلف مذهبن سان تعلق رکندڙ مختلف ثقافتن جي نمائندگي ڪندڙ ماڻهو رهن ٿا.

ايڪسپريس ٽربيون جي 2015 جي رپورٽ مطابق هتي پاڪستان جي مختلف حصن ۾ ٽن سالن کانپوءِ هڪ ملين ماڻهو اچي آباد ٿين ٿا. ڇو ته هن شهر ۾ ڪمائيءَ جا ذريعا وڌيڪ آهن ۽ اها هڪ حقيقت آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به شهر يا ملڪ ۾ ڪمائيءَ جا ذريعا وڌيڪ هوندا آهن ته اتي آبادي مسلسل وڌندي رهندي آهي، پر ٻين ملڪن ۾ اهڙي رجحان کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سخت قانون سازي ڪيل آهي ته جيئن ڪنهن به اهڙي صورتحال ۾ اتان جي لوڪل ماڻهن جي حق تي ڌاڙو نه لڳي. پاڪستان هن وقت آبهوا جي تبديلين جي ڪري سخت ڳڻتي جوڳي صورتحال جو شڪار آهي ۽ پاڪستان دنيا جي انهن ڏهن مکيه ملڪن ۾ شامل آهي، جيڪي ڪلائيميٽ چينج جو شڪار آهن. پنج سال اڳ ڪراچيءَ ۾ سخت (هيٽ ويوو) گرمي جي لهر جي ڪري ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا هئا، پر اهڙي صورتحال ٻيهر به پيدا ٿي سگهي ٿي ان لاءِ اسان جي ادارن کي ڪلائيميٽ تي تمام گهڻي سنجيدگيءَ سان ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن اڳتي وري ساڳي صورتحال کي منهن ڏيڻو نه پوي.

ڪراچي پاڪستان جو هڪ وڏو سامونڊي بندر گاهه آهي جيڪو دنيا جي وڌندڙ گرمي پد کان محفوظ ناهي. هتي بدقسمتيءَ سان جيڪي وڻ ماضيءَ ۾ هئا انهن کي ڪٽيو ويو آهي ۽ ڪراچي ۾ وڌندڙ آباديءَ جي ضرورت مطابق اربن فاريسٽ جي سخت ضرورت آهي. هتي وڏيون وڏيون عمارتون، پڪا رستا ۽ فيڪٽرين جي دونهي ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي گهڻائيءَ سبب ڪراچيءَ جي آبهوا تيزيءَ سان تبديل ٿي رهي آهي. ڪراچي انڊس ريور ڊيلٽا جي ويجهو آهي جتي درياهه جو پاڻي سمنڊ ۾ داخل ٿئي ٿو. ان جاءِ تان مئنگرووز جي مسلسل ڪٽائي به سمنڊ جي پاڻيءَ کي مٿي چڙهڻ ۾ مدد ڏيئي رهي آهي. جنهن جي ڪري اتان جي غريب آبادي جيڪا هيٺانهن علائقن ۾ سامونڊي پٽيءَ سان لڳو لڳ رهي ٿي وڌيڪ مصيبتن کي برداشت ڪري رهي آهي. سمنڊ جي سطح وڌڻ ۽ سمنڊ جي اندر ريڪليميشن پراجيڪٽ تحت مختلف نالن بند ٿيڻ سبب ڪراچي شهر کي  اربن ٻوڏ جو خطرو آهي. ماحوليات جي ماهرن مطابق  گلوبل وارمنگ جي ڪري اهڙا طوفان اچي سگهن ٿا جيڪي صديءَ ۾ هڪ دفعو ايندا آهن ۽ اهي دنيا جي سامونڊي شهرن کي نقصان رسائيندا آهن. 2050 تائين ڪراچيءَ جي هيٺانهين علائقن ۾ آبادي وڌي وڃڻ سبب ڪراچي دنيا جي انهن 140 شهرن مان 136 نمبر تي هوندو جيڪو انهن طوفانن جي نظر ٿي سگهي ٿو. ڇو ته ڪراچيءَ جي بي ترتيب ۽ پلاننگ کان بنا وڌندڙ آباديءَ واري شهر لاءِ انتهائي خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي رهي آهي.

اسان کي هڪ ذميدار قوم جي حيثيت سان وفاقي توڙي صوبائي سطح تي پنهنجي ايمرجنسي ريسپانس کي وڌائڻو پوندو. تازو ئي ڪراچيءَ ۾ برساتن جي ڪري جيڪا تباهي ٿي آهي جنهن ۾ ڪراچيءَ جو انفرااسٽرڪچر ۽ ماڻهن جون ذاتي ملڪيتون تمام گهڻيون متاثر ٿيون آهن. هن صورتحال ۾ ڪراچي ڪنهن ڳوٺ جو ڏيک ڏيئي رهيو آهي.

اهڙي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ضروري آهي ته موسميات جي ماهرن جي هڪ ٽيم ٺاهي وڃي ۽ شهر جي انفرااسٽرڪچر کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ لاءِ ماهرن جي مدد حاصل ڪئي وڃي ته جيئن اهي ڪراچي سوڌو سڄي سنڌ ۾ ايندڙ موسمي تبديلين کي نظر ۾ رکندي هڪ صوبائي پاليسي جوڙي سگهن جنهن ۾ سڄي صوبي ۾ ٻيلن جي واڌ، سمنڊ جي ڪناري مئنگرووز جي پوک ۽ برساتي پاڻيءَ جي ريسائيڪلنگ جي پلانن کان علاوه غير قانوني طور تي آباد ٿيندڙ بستين ۽ نالن مٿان قبضن کي هٽائڻ ۽ نالن جي ڪشادگي جهڙا پلان شامل هجڻ گهرجن.

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments