موسميات کاتي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

موسميات کاتي اڄ کان ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. مري ۾ اڄ ۽ سڀاڻي کان برفباري جو امڪان آهي. گليات ۾ به برفباري جو امڪان آهي. اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، گوجرانواله، سيالڪوٽ ۽ پشاور سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ ڪڪر وسندا. موسميات کاتي موجب مغربي هوائون مٿانهين علائقن ۾ داخل ٿيڻ سبب اڄ ۽ سڀاڻي کان برسات پوندي. برساتن جو سلسلو اربع جي صبح تائين جاري رهي سگهي ٿو. خيبر پختونخواهه ۾ پي ڊي ايم اي ضلعي انتظاميه کي الرٽ رهڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي. موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments