مون سون جو سسٽم ڪراچي جي ڏکڻ ۾ موجود آهي شهر ۾ طوفان جو امڪان.
ڪراچي موسميات کاتي موجب مون سون مينهن جو سسٽم ڪراچي جي ڏکڻ سمنڊ ۾ موجود آهي. موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر سردار سرفراز چيو آهي ته جيڪڏهن ان سمنڊ کان وڌيڪ نمي ورتي ته سسٽم مضبوط ٿي سگهي ٿو. ڊائريڪٽر موسميات کاتي موجب مون سون سسٽم داخل ٿيڻ کان اڳ تيز هوائن لڳي سگهن ٿيون. جڏهن ته 8 جولاءِ جي صبح تائين وقفي وقفي سان برسات جو امڪان آهي. ياد رهي ته گذريل شام ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ طوفاني هوائون پڻ هليون ۽ ڪيترن ئي هنڌن تي هلڪي برسات پڻ ٿي.

