مون کان وڏا وڏا غلط فيصلا به ٿي ويندا آهن: وزيراعظم

وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته مون کان وڏا وڏا غلط فيصلا ٿي ويندا آهن، ماضي ۾ ٽڪيٽ ڏيڻ دوران غلطيون ٿيون. وزيراعظم عمران خان گلگت بلتستان ۾ ترقياتي منصوبن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسد عمر کي جي بي پيڪيج لاءِ خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، گهٽ پئسن باوجود هن قسم جو پيڪيج وڏو ڪارنامو آهي. وزيراعظم چيو ته مون کان وڏا ڏا غلط فيصلا به ٿي ويندا آهن، ماضي ۾ مون کان ٽڪيٽ ڏيڻ ۾ ڪيتريون ئي غلطيون ٿيون، ڪجهه ماڻهو پنهنجي ذات کي فائدو ڏيڻ لاءِ اقتدار ۾ ايندا آهن، اقتدار ۾ اچي هي ماڻهو پئسا ملڪ کان ٻاهر موڪليندا آهن ۽ ملڪ کي ٻٽو نقصان ڏيندا آهن.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments