موٽر وي زيادتي ڪيس: مرڪزي ملزمن جو مبينا ساٿي بالا مستري به گرفتار

موٽر وي زيادتي ڪيس ۾ مرڪزي ملزمن عابد ۽ شفقت جي ٽئين مبينا ساٿي کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي. پوليس موجب بالا مستري چيچه وطني ۾ ڪارروائي ڪري حراست ۾ ورتو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته بالا مستري به مرڪزي ملزم عابد سان گڏ مختلف وارداتن ۾ شامل رهيو آهي. ملزم شفقت، عابد ۽ بالا مستري گڏجي تقريبن 11 وارداتون ڪيون آهن. پوليس مطابق ملزم بالا مستري ٻڌايو ته هو عابد ۽ شفقت سان گڏجي ڪرول ڳوٺ جي ويجهو ڦر ڪندا هئا جتي هو وڻن جون ٽاريون روڊ تي رکي گاڏيون روڪيندا هئا ۽ ان ۾ موجود شهرين کان ڦر لٽ ڪندا هئا. پوليس مطابق ملزم وڌيڪ ٻڌايو ته موٽر وي تي به هو عابد ۽ شفقت سان گڏ واردات جي نيت سان ئي نڪتو هو، پر اڌ رستي مان ئي واپس هليو ويو. ٻئي طرف پوليس موٽر وي زيادتي ڪيس جي مرڪزي ملزم عابد جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهي آهي، جنهن ۾ اڃان تائين ڪا ڪاميابي نه ملي سگهي آهي.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments