ميڊم تنوير جوڻيجو سان ڳالهه ٻولهه ارم محبوب
ارم محبوب: ادبي دنيا ۾ پير پائڻ جو اتساهه ڪيئن ۽ ڪٿان مليو؟
تنوير جوڻيجو: ادب سان دلچسپي جو سبب منهنجو ڪٽنب منهنجو گهراڻو رهيو. منهنجو والد، ڀاءُ، مامو ۽ منهنجي امڙ. گهر ۾ رسالا، ڪتاب، اخبارون باقاعدگيءَ سان ايندا هئا. دادوءَ جو سڄو ماحول علم، ادب وارو ۽ سڌريل هوندو هو. ننڍپڻ ۾ عبرت اخبار ۾ ٻارن جي صفحي لاءِ بابا خط ۽ ڪالم اسان جي نالي سان لکي ۽ ڏياري موڪليندو هو. ڪاليج واري زماني ۾ مون به ڪجهه شيون لکيون جيڪي ڪجهه رسالن ۾ شايع به ٿيون، پر باقاعده ۽ باضابطه لکڻ جو سلسلو مارئي هاسٽل ۽ سنڌ يونيورسٽي کان ٿيو. ادي در شهوار سيد اسان جي اڳواڻ رهي ۽ ان جي چوڌاري اسان سڀني ادب دوست سنڌ دوست شاگردياڻين جو ٽولو هوندو هو. لکڻ جو سلسلو به مارئي کان شروع ٿيو ۽ پنهنجي سڃاڻپ، پنهنجي شناخت جي باعث نوڪري به اتي ئي ملي وئي.
ارم محبوب: ادبي دنيا ۾ ميڊم خيرالنساءِ، ليليٰ بانا ۽ اوهان جي دوستي ادبي حوالي جي ڪري رهي يا يونيورسٽي ۾ گڏ رهڻ انهيءَ جو سبب بڻيو؟
تنوير جوڻيجو: ليليٰ بانا ۽ ادي خيرالنساءِ سان تعلق جو سلسلو ڪجهه هن ريت جو سوشيالاجي، سائڪالاجي، فلاسافي ۽ ڪجهه ٻيا ڊپارٽمينٽ آرٽس فيڪلٽي جي سيڪنڊ فلور تي واقع هئا. ان لحاظ سان ادي خيرو، ادي ليليٰ بانا، امر سنڌو، متاز ڀٽو ۽ مان هڪ لحاظ سان پاڙيسري هئاسين. مان شاگردياڻي هئس ادي خيرالنساءِ جعفري ۽ ادي ليليٰ بانا استاد هيون. ادب دوست اديب نواز هيون. ان دور ۾ مون پنهنجي سڃاڻپ بڻائي ڇڏي هئي ادي ليليٰ ۽ ادي خيرو مون کي ڀانئينديون هيون ۽ نهايت پهنجائپ سان پيش اينديون هيون ۽ پوءِ مون کي به نوڪري ملي، ان وقت سڀ استاد گڏجي اسٽاف رومز ۽ ڪامن رومز ۾ ويهندا هئا الڳ آفيس جو رواج نه هو ۽ ايئن مٿين ونگ جي ليڊيز ڪامن روم جو حصو مان به بڻيس ۽ اديءَ وارن سان انٽر ايڪشن وڌيو. مٿان شيخ اياز جو دور آيو. ثقافتي ادبي سرگرميون عروج تي هيون جتي ڪٿي اسان کي به دعوتون ملنديون هيون ۽ اسان جي سنگت وارو ٽيڙو به هر جاءِ تي موجود هوندو هو ۽ ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻجندو هو. ادي خيرالنساءِ مون کانپوءِ ادب جي دنيا ۾ پير پاتو سندس انٽري ادب جي دنيا ۾ ڌماڪيدار ثابت ٿي. نهايت بلاڪ بسٽر ڪهاڻيون لکيون ۽ سندس ڪهاڻيون ڏسي منهنجي قلم ڪهاُڻيون لکڻ کان جواب ڏيئي ڇڏيو ۽ پوءِ مون ڪهاڻيون لکڻ ڇڏي ڏنيون.
ارم محبوب: ستر اسي جي ڏهاڪي ۽ اڄ جي سرجندڙ سنڌي ادب کي معياري موضوع جي حوالي سان ڪيئن ٿا ڏسو؟
تنوير جوڻيجو: ستر اسي وارو زمانو ادب جو ڀرپور دور رهيو رسالا، ڪتاب پڙهندڙ جو وڏو انگ، شوق، چاهت، پذيرائي، ان سان گڏوگڏ تنقيد، ڇنڊ ڇاڻ، ٽيڪا ٽپڻي وارو جهان به هئا. موضوعن جي چونڊ آسپاس واري ماحول مان ٿيندي هئي، شهري توڙي ٻهراڙي جي اشوز کي فوڪس ڪيو ويندو هو. خاص واقعن تي به قلم کنيو ويندو هو. ڪهاڻي، فڪشن، ماڻهن جون پسنديده صنفون هونديون هيون. شاعري ۾ نوجوانن جي پسند نثراڻو نظم ۽ ٽيڙو هوندا هئا. انهيءَ دور ۾ ڪتاب پبلشرز ڇپرائيندا هئا ان ڪري ڳاڻ ڳڻيا معياري ڪتاب مارڪيٽ ۾ ايندا هئا ۽ اديبن جو انگ به ڳاڻ ڳڻيو هوندو هو ۽ عام ماڻهو انهن کان واقف هوندا هئا، پر هي دور جادوئي دٻلي وارو دور آهي ۽ دٻلي به هر ڪنهن جي هٿ ۾ هر وقت، هر پل ۽ هر جڳهه تي موجود آهي. جو چاهيو اهو پڙهو، جو چاهيو اهو ڏسو، جيڪا مرضي پويوَ اهو ڳالهايو، گارگند ڪيو ته به مرضيءَ جا مالڪ. ڇاڪاڻ ته اڳيون اوهان کي ٿڦڙ وهائي نٿو سگهي. هن دٻليءَ پوري معاشري ۽ ثقافت کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. نون ثقافتي لاڙن کي جنم ڏنو آهي، جنهن جو بنياد آهن. نام نمود ۽ نمائش ۽ سماج ۾ هر انهيءَ رجحان ۾ واڌارو آهي جنهن ۾ ڏيکاءُ جو عنصر آهي. اديب ۾ انهيءَ رجحان جو اثر آهي. اڳ ڪتاب پبلشر ڇپرائيندا هئا، تڪي توري ڇنڊ ڇاڻ ڪري، پر هاڻي هرڪو پنهنجو ڪتاب پاڻ ٿو ڇپرائي، مهورت پاڻ ٿو ڪري، فيس بُڪ تي فوٽو به پاڻ ٿو رکي ۽ پاڻ ڪتاب ڇپرائڻ کانپوءِ دوستن ۾ ورهائي به ٿو ته دوست به اخلاق ۽ مروت ۾ تعريفي مضمون لکن ٿا. ايئن ڪتابن جو انگ وڌي رهيو آهي، معيار جو گراف هيٺ ٿي رهيو آهي ۽ ٻي ڳالهه جيڪا هن دور جي آهي ته سرڪاري طور ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي تقريبن لازمي ٿي پيا آهن، جنهن سبب تحقيقي ادب ۾ واڌارو آهي ۽ ريسرچ تي مبني ڪتاب پڙهيا وڃن ٿا ڇپجن به ٿا. هن دور ۾ فڪشن کان وڌيڪ آتم ڪٿا، سفر نامه نه رڳو ڇپجن ٿا، پر پڙهيا به وڃن ٿا.
ارم محبوب: اسان جو اڄوڪو لکجندڙ ادب سماجي مسئلن کي ڪيتري اهميت ڏئي ٿو؟
تنوير جوڻيجو: ادب هميشه سماج جو عڪس ۽ آئينو هوندو آهي جنهن ۾ نه رڳو سماجي روين جي اپٽار هوندي آهي، پر سماج ۾ ٿيندڙ واقعن جو به ذڪر هوندو آهي ۽ اها هڪ واضح حقيقت آهي ته هر دور جو ادب زندگيءَ جي ويجهو آهي ۽ موجوده دور جو ادب شاعري هجي يا ڪهاڻي زندگيءَ جي ترجماني ڪري ٿو. جيڪي به سياسي، سماجي واقعا رونما ٿين ٿا انهن کي قلمبند ڪري ٿو.
ارم محبوب: اوهان جي هيل تائين ڇپيل ڪتان جو تعداد؟
تنوير جوڻيجو: جيترو مون کي ڪم ڪرڻ کپندو هو اوترو ڪري نه سگهي آهيان، ڪجهه ڪتاب ڇپجي ويا ان لاءِ سائين غلام علي الانا صاحب کي ڪريڊٽ ڏيندي آهيان.
ارم محبوب: بحيثيت استاد، اوهان اڄ ۽ ڪالهه جي شاگردن ۾ ڪهڙو نمايان فرق محسوس ٿا ڪيو؟
تنوير جوڻيجو: بحيثيت ٽيچر جي مون ڪافي دور ڏٺا، جڏهن آئون شاگرد هئس ته ان وقت استادن کان ڊڄندا هئاسين. استاد جي مار ٻار جي سنوار وارو سلسلو هوندو هو. جڏهن مون پڙهائڻ شروع ڪيو ته شاگردن سان دوستي هوندي هئي. برابري ۽ عزت احترام وارو رشتو هوندو هو. منهنجي ڊپارٽمينٽ ۾ ڪيترا مشهور شاگرد ايندا هئا، پر ڊپارٽمينٽ کي پروٽيڪٽ ڪندا هئا. گهڻو تڻو قومپرستن ۾ لحاظ وڌيڪ ڏٺم. هٿ جوڙي ادب سان سلام ڪندا هئا. ٻوليءَ وارن هنگامن ۾ به ياد آهي ته ڪي قومپرست اڳواڻ شاگرد، ڇوڪرين کي ڪنهن بنا تعصب جي ٽرينن تي چاڙهي آيا هئا. ها البته سرڪاري ڌر جي شاگرد اڳواڻن ۾ وڏائي، آڪڙ ۽ لئه ڏٺم ۽ وري ايئن به ٿيندو هو ته ڪي ٽرڙا استاد پنهنجي غلط مقصدن لاءِ شاگردن کي استعمال ڪندا هئا، انهن کي چوري پنهنجن مخالفن جا پٽڪا لهرائيندا هئا.
ارم محبوب: ڇا ادب کي صنفن ۾ ورهائڻ گهرجي جيئن عورت ليکڪائون، عورت شاعرائون يا مرد اديب، مرد شاعر؟ ڪٿي ان قسم جي ورڇ ۾ برتري ڏيکارڻ وارو مقصد ته شامل ناهي؟
تنوير جوڻيجو: ادب هونئن ئي صنفن ۾ ورهايل آهي، شاعري جا ڪيترا قسم آهن، ڪهاڻي، ناول وغيره ۽ اها درجا بندي عام طور ان وقت ڪتب ايندي آهي يا استعمال ٿيندي آهي جڏهن ڪو تحقيقي اڀياس ڪيو ويندو آهي. اسان وٽ عام طور مرد ۽ عورتون جدا جدا ماحول ۾ زندگي گذاريندا آهن، اهي ئي اولڙا ۽ عڪس سندن تحريرن ۾ به نظر ايندا آهن ۽ تحقيقي کوجنا ذريعي ظاهر ٿيندا آهن ۽ اهو فرق محض تحقيق ۽ ريسرچ جي ڪري ظاهر ٿيندو آهي. ادب ۾ اسان وٽ تقابلي جائزو به عام هوندو آهي. انهيءَ ڀيٽاڻي اڀياس سبب ادب ۾ وقت توڙي جنس يا صنف جي لحاظ کان درجا بندي ڪري مختلف ڪئٽيگريون ٺاهيون وڃن ٿيون.
ارم محبوب: انٽرنيٽ عام جام ٿي وڃڻ کانپوءِ ڪتابن سان محبت ۾ ڪي قدر ڪمي ٿي ڏسجي، اوهين ان بابت ڇا چوندا؟
تنوير جوڻيجو: انٽرنيٽ جي اچڻ کانپوءِ ڪتاب ڇپرائڻ جي رفتار وڌي آهي ۽ هر پڙهيل لکيل گهر ۾ هڪ ننڍي وڏي لائبريري به ضرور هجي ٿي. البته اينڊرائڊ يا نيٽ ذريعي هر علم تائين رسائي جي سهولت آهي ۽ ڪتاب ئي آهن جيڪي نيٽ جو پيٽ ڀرين ٿا ۽ معلومات مهيا ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿا. ها البته نيٽ جي ڪري رسالن ۾ ڪمي واقع ٿي آهي جو نيٽ هڪدم تڪڙو رزلٽ ڏئي ٿي. اسان جو اديب انتظار جي تڪليف کان بچي ٿو وڃي، هڪدم کيس ريسپانس به ملي ٿو وڃي.
ارم محبوب: توهان بطور ليکڪا ادب جي ۽ بطور استاد سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ جي هيڊ طور هڪ بهترين دور گذاريو آهي ڇا ڪڏهن اهي يادگيريون لکڻ جو خيال نه آيو؟
تنوير جوڻيجو: اڪثر اها شيءِ منهنجي لاءِ ڏک جو ڪارڻ بڻجندي آهي جو مون هڪ وڏو عرصو يونيورسٽي، ريڊيو ۽ ادب جي دنيا ۾ گذاريو ڪيترا واقعا اکين اڳيان ٿي گذريا، ڪيترن ئي شخصيتن کي ويجهڙائي کان ڏٺو، پر ڊائري لکڻ جي عادت نه رهي ان ڪري سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو. هاڻ ته هٿن ۾ سگهه به ڪانه اٿم جو ڪجهه لکي سگهان.
ارم محبوب: توهان ادب جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، ڪهاڻيون، ڪالم، مضمون، مقالا، سفر نامه، اسڪرپٽ، رائيٽنگ وغيره انهن مڙني مان ڪهڙي صنف اوهان کي دل جي وڌيڪ ويجهو لڳي؟
تنوير جوڻيجو: ادب جي مختلف صنفن تي نظريه ضرورت تحت طبع آمائي ڪيم. شروعات ڪهاڻيءَ سان ڪيم يونيورسٽي جي شاگردي واري دور ۾ پياري ۽ وڻندڙ سحر بلوچ متاثر ڪيو. سحر سان سنگت سان امداد حسيني سان به ملاقاتن جو سلسلو جڙيو. “سوجهرو” ميدان ۾ آيو. سحر امداد ۽ تاج بلوچ منهنجين ڪهاڻين کي سوجهرو ۾ جاءِ ڏني ۽ بحيثيت ڪهاڻيڪار روشناس ڪرايو. نثار حسيني “امرت منجهه ڪڙاڻ” ڇپرايو ۽ ڪتاب جي مهورت ڪرائي، منهنجي ڪهاڻيڪار واري حيثيت وڌيڪ مستند ڪئي. ريڊيو پاڪستان جي ضرورت اسڪرپٽ رائٽنگ هئي ڪجهه دوستن جي خواهشن تي سندن خاڪا به لکيا. نوڪري جي ضرورت تحقيقي مقالا رهيا. سير سفر شروع ڪيم ته سفر نامه لکيم ۽ اها حقيقت آهي ته اڄ مون کي سفر نامه لکڻ ۾ وڌيڪ مزو اچي ٿو، دنيا گهمڻ ۾ مزو اچي ٿو.
ارم محبوب: اسان جي سنڌي اديب جو وڏي ۾ وڏو مسئلو؟
تنوير جوڻيجو: اسان جي سنڌي اديبن جا گهڻا مسئلا آهن هڪڙو ذهني ۽ سوچ وارو مسئلو ته آئون لکان ٿو احسان ٿو ڪيان، سنڌي قوم تي، سنڌي ٻوليءَ تي ۽ سنڌ تي، ٻيو سرڪاري مسئلو ته ثقافت کاتي وارا اسان جي سنڀال نٿا ڪن نه اسان کي ٻاهرين ملڪن جا سير ڪرائين ٿا نه اسان جون سالگراهون يا ورسيون ملهائين ٿا نه وري بيماريءَ جو خرچ ڏين ٿا. ثقافت کاتي وارن اسان کي وساري ڇڏيو آهي.
ارم محبوب: ميلا ڪلچر ٽرينڊ ڪجهه سالن کان پاڻ وٽ شروع ٿيو آهي جنهن کي شروعات ۾ ته گهڻو ساراهيو ويو، پر هاڻ ادب جي نالي تي اهو اهڪ ڪاروبار بڻجي ويو آهي. اوهان ان باري ۾ ڇا چونديون؟
تنوير جوڻيجو: انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته ميلا ئي ڪلچر، وزيرن جي کاڌ خوراڪ جو بهترين ذريعو آهي، ڪجهه اسان کاڌو، ڪجهه اسان جا دوست کائين ۽ اسان جي ساراهه ۾ پنا ڪارا ڪري راڳ به پيا ڳائين ته مستقبل لاءِ به پئي راهه هموار ٿئي ته ٻيلي فلاڻو عوام ۾ بيحد مقبول آهي ان ڪري ٻيهر به ان کي وزير بڻائجي.
ارم محبوب: ادب جي واڌ ويجهه لاءِ سرڪاري سطح تي ڪهڙا اپاءُ وٺڻ گهرجن؟
تنوير جوڻيجو: ادب جي واڌاري لاءِ حڪومت ڪيترائي چڱا اپاءُ وٺي رهي آهي ادارا آهن جتي بيشمار ڪتاب ڇپجن ٿا. پروگرامن ۽ تقريبن لاءِ هال آهن جتي اڪثر پروگرام ٿين ٿا. هر اداري وٽ ڪتابن جي وڪري لاءِ ڪتاب گهر موجود آهن. يونيورسٽي ۾ اديبن جي نالي تي چيئرمين آهن جيڪي ڪافي ڪم ڪري رهيون آهن، اديبن کي سندن خدمتن تي انعام اڪرام به ملي رهيا آهن. اديبن کي اسلام آباد ۽ ٻين جاين تائين به رسائي ملي ٿي.
ارم محبوب: اهم ادبي ادارن ۾ ميرٽ کان وڌ سفارشي ماڻهن جو سالن کان موجود هئڻ سنڌي ادب لاءِ ڪيتري قدر فائديمند يا نقصان وارو آهي؟
تنوير جوڻيجو: دراصل ميرٽ جو ڪو پئمانو ڪونهي، هي اهڙو اصلاح آهي جيڪو غير مادي آهي ۽ هرڪو پنهنجي ذهن ۽ سوچ مطابق ان کي سمجهي ٿو ۽ ادارن جي اڳواڻيءَ لاءِ ڪواليفڪيشن ۽ رڪائرمينٽ جي ضرورت پوندي آهي ۽ ماشاءَ الله هن دور ۾ گهڻو تڻو هرڪو پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر آهي. ڪواليفڪيشن ۽ رڪائرمينٽ به گهڻي تڻي سڀني وٽ آهي ۽ آخري پئمانو آهي ڇڪي جو جنهن جو ڇڪو لڳي اهو ڪامياب.
ارم محبوب: اڄ جيڪا سنڌي ٻولي اخبارن، رسالن ۽ چئنلن تي استعمال ۾ آهي ان بابت اوهان جو ڇا رايو آهي؟
تنوير جوڻيجو: ٻوليءَ جو پنهنجو مزاج تبديلي پسند هوندو آهي ۽ ڪنهن به ٻوليءَ جي اها خوبي هوندي آهي ته هو وقت، حالتن ۽ نين ايجادن ۽ نون اکرن سان ٺاهه ڪري انهن کي پنهنجي اندر سموئي، پنهنجو حصو بڻائي. هر اکر جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري رائج ڪرڻ به مناسب نه آهي جيئن ٿرما ميٽر کي “تپ ڏسڻي” چوڻ، پر هرو ڀرو ٻوليءَ ۾ بگاڙ آڻي ابتا سبتا جملا ۽ اصطلاح استعمال ڪرڻ به بد زيبا ٿا لڳن جهڙو “محفل لٽي ورتي” وغيره.
ارم محبوب: اسان وٽ ٻولي، موضوع ۽ ٽيڪنڪ جي حوالي سان کوڙ لکندڙ سامهون آيا آهن جن پاڻ مڃايو آهي، پر ڇا سندن قلم ۾ اهو جادو نظر اچي ٿو جيڪو اسان جي ڪيترن سينيئرز وٽ هو؟
تنوير جوڻيجو: حقيقت هيءَ آهي ته اڳ انٽرٽينمينٽ جا ذريعا گهٽ هوندا هئا ماڻهو رڳو ڪتاب پڙهندا هئا جيڪي سڀني کي بر زبان ياد به رهندا هئا، پر هاڻ گهڻيون شيون ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ ڪرڻ لاءِ ملن ٿيون ۽ اهڙي صورتحال سبب يادگيري ورهايل آهي ۽ بهترين ۽ اعليٰ شيون به توجهه ۽ ڌيان حاصل ڪري نٿيون سگهن ۽ انهيءَ سبب جي ڪري اسان کي ايئن محسوس ٿئي ٿو اڳ جي اديبن جون لکڻيون وڌيڪ پاور فل هيون.
ارم محبوب: هاڻي جي اجازت هجي ته ذاتي سوال ڪجي؟
تنوير جوڻيجو: مسڪرائيندي! بلڪل پياري ارم. مهرباني.
ارم محبوب: پنهنجي دور جي هڪ سهڻي، قربائتي، پڙهيل لکيل، پيرن تي بيٺل ڇوڪري تنوير جوڻيجو شادي ڇو نه ڪئي؟
تنوير جوڻيجو: هڪ ڇوڪري جيڪا سست آهي گهر گرهستي کان ناواقف. جنهن کي نه رڌڻ پچائڻ اچي نه مهمان داري، پر قدرت ان تي مهربان آهي کيس سٺي نوڪري، سرڪاري گهر ملي ٿو، شهرت جا دروازا ان تي کلن ٿا، دوستن ساٿين جو وسيع هلڪو سندس آسپاس آهي. هوءَ آزاد فضا ۾ پنهنجي مرضيءَ سان زندگي گذاري ٿي. هوائن ۾ اڏري ٿي، کيس ان شيءِ جو به احساس آهي ته شادي رڳو گلن جي سيج ناهي، هڪ ذميواري، هڪ جوابداري آهي. رڳو هڪ مرد سان تعلق جو نالو نه، پر سندس پوري ڪٽنب سان سندس سموري آڪهه سان سمجهوتو ڪرڻ جو نالو ۽ انهن جي مرضيءَ مطابق زندگي گذارڻ جو نالو آهي.
ارم محبوب: اوهان جي ڳالهه سئو سيڪڙو صحيح پر ڇا زندگيءَ جي ڪنهن موڙ تي اڪيلائي جو احساس ٿيو؟
تنوير جوڻيجو: نه هن خاتون تي قدرت هميشه مهربان رهي جو هن کي دوستن، احبابن، پاڙيوارن، خاندان ۽ ڀائرن، ڀينرن، ڀائيٽن جو ساٿ مليو. کيس گهر ۾ ماءُ جو درجو مليو سندس گهر جو رتبو اباڻي گهر وارو رهيو. عيد براد، شادي غمي جي موقعن تي سڀ گهر وارا ڄامشوري ۾ اچي گڏ ٿيندا آهن ۽ گهر وارن دنيا جي هر نعمت هن کي مهيا ڪئي. ملڪ گهمرايا. هوٽلون، جايون، جڳهيون گهمرايون، ڪنهن شيءِ ۾ ڪمي ڪانه ڪئي هر شيءِ جيڪا طلبي هن اڳيان رکي ۽ هاڻي جڏهن هوءَ خاتون عمر رسيده آهي ته هن کي پاڻ وٽ وٺي آيا آهن ۽ نهايت پيار ۽ محبت سان ان کي سنڀالي رهيا آهن مالڪ جا ڪرم آهن جنهن زندگيءَ ۾ ڪڏهن به اڪيلو نه ڪيو.
ارم محبوب: اڄ اوهان کي جيڪر زندگي روائينڊ ڪري پنهنجي من پسند دور ۾ واپس وڃڻ جو وجهه ملي ته ڪهڙي دور ۾ وڃڻ چاهيندا ۽ ان جو سبب؟
تنوير جوڻيجو: زندگيءَ جا مختلف دور رهيا هر دور جو پنهنجو لطف ۽ پنهنجو مزو رهيو يادگيري وارو پهريون زمانو دادوءَ وارو اٿم، شاهاڻي پاڙي ۾ گهر هو بابا وڪالت ڪندو هو. امان منهنجي نهايت سليقي واري سگهڙ ۽ پڙهيل خاتون هئي. جيڪا مون کي به فضيلت وارو بنائڻ چاهيندي هئي، پر آئون هميشه مخالف رستي تي هلندي هئس جنهنڪري گهر ۾ امان کي تنگ ڪندي هئس ۽ ڌڙڪا کائيندي هئس. هڪ ٻي شخصيت ماسي بسم الله به هئي. انڊيا مان آيل جئپور جي خاتون. جنهن اسان سان بي لوث محبت ڪئي. رات جو روز ڪهاڻيون ٻڌائيندي هئي. جئپور جون، هندستان جي ڀولڙن جون ۽ اڄ به مون کي جئپور پنهنجو ناناڻو ڳوٺ محسوس ٿيندو آهي. منهنجي بد افعالي طبيعت باوجود به بابا جي بي پناهه لاڏلي هئس جو گهر جي پهرين ڌيءَ هئس. بابا هميشه مون کي گڏ وٺي ويندو هو. ڪا سرڪاري واردات ڏسڻ ويندو هو يا زمينن تي ويندو هو. دوستن سان شڪار ڪرڻ وڃي يا پڪنڪ تي، راڳ جي ڪا محفل هجي يا فلم هر وقت بابا سان گڏ هوندي هئس. حيدرآباد جون به گهڻيون هوٽلون بابا ڏيکاريون. يونيورسٽي ۾ پاڻ داخل ڪرائي ويو ۽ بينڪ ۾ ٻن سالن جي رقم به جمع ڪرائي هئائين. نوڪريءَ کانپوءِ ڪڏهن نه سوال ڪيائين ته “ڪيتري پگهار اٿئي”؟ حيدرآباد ۾ آٽو ڀان تي گهر وٺي ڏنائين. بهرحال مون لاءِ تمام گهڻو ڪجهه ڪيائين ۽ دادو وارو زمانو به شاندار رهيو. گهرنديس ته الله سائين کان ساڳي زندگي ٻيهر. ڪار ساز آهي ته قادر مطلق آهي چاهي ته عطا به ڪري سگهي ٿو.
ارم محبوب: يونيورسٽين جي ماحول کي ڏسندي ۽ ڪجهه دکدائڪ واقعا سامهون اچڻ کانپوءِ مائٽن جي ذهنن ۾ ويٺل خوف کي ڪيئن دور ڪري سگهجي ٿو؟
تنوير جوڻيجو: يونيورسٽيءَ جي يا تعليمي ادارن ۾ پيش ايندڙ مختلف واقعن جو جائزو وٺبو ته ان لاءِ قصوروار محض هڪ ڌر ناهي. عورتن جي آزادي جي ڳالهه ڪندڙن جي نعرن جو اثر نه رڳو عورتن ۽ نياڻين، پر مرد به ورتو آهي، بلڪه ناجائز فائدو به ورتو آهي. هونئن به معاشري ۾ وڏي تبديلي اچي رهي آهي. خواهشون، قدر، لاڙا سڀ بدلجي رهيا آهن. ڇوڪريون يونيورسٽين ۾ اچن ٿيون ته خواهشن جا انيڪ خواب سندن ذهنن ۾ هجن ٿا. اقتصادي خوشحالي، سٺا گهر، سٺا ور، پر رستن تي ور وڪڙ ۽ ڪنڊا به ٿين ۽ ڪڏهن معاملا مِس ميچ ٿا ٿين، پر ڌماڪا به ٿي ٿا وڃن جيڪي ڌرتيءَ کي ڌوڏي ٿا ڇڏين.
ارم محبوب: سنڌ لاءِ اکين ۾ اٽڪيل ڪو خواب؟
تنوير جوڻيجو: نه رڳو سنڌ، پر پوري پاڪستان لاءِ اکين ۾ خواب آهن. امن امان جي صورتحال بهترين هجي، روزگار جون سهولتون هجن، ڪرپشن کان صفائي هجي، هر ماڻهوءَ ۾ ذميواري ۽ جوابداري جو احساس، سڀ ڪم پاڻمرادو ٿين، پريشانين ۽ هر قسم جي بيمارين کان بچاءُ هجي. هر ماڻهو ٻئي ماڻهو جو لحاظ ۽ احترام ڪري.
ارم محبوب: مهرباني ميڊم اهڙي سهڻي ڳالهه ڪرڻ ۽ اسان کي وقت ڏيڻ لاءِ.