خاص

ميڊيا کي قابو ڪرڻ درست ناهي: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ معاشري ۾ ميڊيا جي آزادي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته آزاد ميڊيا جمهوريت جي ڪرنگهي جي هڏي آهي. سپريم ڪورٽ پريس ايسوسيئيشن جي حلف برداري تقريب سان خطاب ڪندي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته آگاهي رکندڙ شهري ۽ صحافي حڪومت جي غلطين جي بهتر نشاندهي ۽ احتساب جو مطالبو ڪندا آهن، اختيار رکندڙ ماڻهن کي خبر پئجي وڃي ته اهي عوام جي اسڪروٽني کي منهن ڏئي رهيا آهن ته پنهنجي اختيارن جو استعمال گهٽ ڪندا آهن. هن چيو ته صحافي ججن، هٿياربند فوجن جي عهديدارن ۽ قانون سازن سميت سرڪاري ملازمن جي ڀيٽ ۾ قانوني طور حلف کڻڻ جا پابند ناهن ۽ ائين ڪرڻ صحافين جي ساک جو ثبوت آهي. سندس چوڻ هو منهنجي دعا آهي ته توهان حلف جي پاسداري مضبوطي سان ڪندئو ۽ دٻاءَ کان هٽيل رهندئو، جيڪڏهن حلف جي پاسداري ڪئي وڃي ها ته ملڪ جي حالت بهتر هجي ها، آئين جي آرٽيڪل 19 سڀني شهرين کي اظهار جي آزادي جو حق ڏنو آهي، 18 هين ترميم وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي عوامي مفاد بابت سمورن معاملن تي ڄاڻ تائين پهچ جو حق ڏئي اظهار جي آزادي کي وڌيڪ اثرائتو ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ غير جانبدار ميڊيا جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته 1991 ۾ ”سوچ جي آزادي، جنهن کان اسان نفرت ڪيون ٿا“ جي عنوان سان هڪ مضمون لکيو هو، جنهن ۾ پي ٽي وي جي نيوز بليٽن جو حوالو ڏنو ويو هو، جتي ان وقت جي گهرو وزير اپوزيشن ليڊر تي تنقيد ڪئي هئي، ٽي وي چئنل اپوزيشن ليڊر جي تقرير نشر نه ڪئي هئي. هن چيو ته هڪ طرفي ڪهاڻي پيش ڪرڻ، مخصوص پيغام نشر ڪرڻ ۽ ميڊيا کي قابو ڪرڻ درست ناهي.