مٺي ۽ عمرڪوٽ وانگر بيڪانير به هڪ ٿري شهر آهي

الطاف شيخ جو سفر نامو

نه سي سڙهه سکاڻ (سنڌ هند کان روس چين تائين)

مٺي ۽ عمرڪوٽ وانگر بيڪانير به هڪ ٿري شهر آهي

الطاف شيخ

هندستان جي ورهاڱي ٿيڻ تائين اسان جي ماڻهن جو گهڻو رخ اڄ جي انڊيا واري ڪڇ، گجرات ۽ راجستان جي شهرن: جھوناڳڙهه، راجڪوٽ، ڀُڄ، گرنار، ڀاونگر، احمد آباد، بڙودا، سورت، هسار، بڪانير، جيسلمير، اڌيپور ۽ جوڌپور وغيره ڏي هوندو هو. پوءِ ڪي تعليم لاءِ ته ڪي واپار وڙي لاءِ، ڪي نوڪري ۽ گهمڻ لاءِ ته ڪي (خاص ڪري هندو) پوڄا پاٺ ۽ مندرن جي قدم بوسي ڪرڻ لاءِ. راجستان جو  هي شهر به مندرن کان مشهور آهي جِتي نه فقط هندو تيرٿي پوڄا لاءِ اچن ٿا پر گورا يورپي توڙي آمريڪن هن شهر جو ڪلچر ۽ مندرن جي عمارتسازي لاءِ اچن ٿا.

بيڪانير جو سڀ کان پراڻو مندر ”لڪشمي ناٿ مندر“ آهي جيڪو جنهن روڊ تي آهي ان روڊ جو نالو به هن مندر تان لڪشمي ناٿجي گهنٽي روڊ آهي. هي روڊ هن مندر بعد بڙا بازار روڊ سڏجي ٿو…… اتان پوءِ اهو رستو ٻن روڊن ۾ ورهائجي ٿو….. کاٻي پاسي وارو روڊ ڀجيا بازار روڊ آهي. هي روڊن جا نالا ان ڪري لکيم ته هتي ”باگڙي“ برادري جا ڪيترائي ماڻهو رهن ٿا. هِتي جي هڪ پروفيسر ٻُڌايو ته باگڙي برادري جو واسطو هندن جي کتري ذات سان آهي جيڪي بيحد دلير ۽ ويڙهاڪ مڃيا وڃن ٿا. راجستان جي ڪيترن شهرن جي عمارتن، روڊن ۽ ڪالونين جا نالا باگـڙي لفظ سان آهن.

بيڪانير جي هن آڳاٽي مندر لڪشمي ناٿ جي ڀرسان ٻيا به ڪيترائي مندر آهن جهڙوڪ گنيش جي مندر، ان جي هيٺان ڏکڻ ۾ سنتوشي ماتا مندر ۽ کاٻي پاسي اولهه ۾ شيتلا ماتا مندر آهي پر اهي سڀ گهڻو گهڻو پوءِ جا آهن. هن شهر بيڪانير جو بنياد رائو بيڪاجيءَ 1488 ۾ رکيو ۽ هو هن بيڪانير سلطنت جو پهريون راٺوڙ راجا ٿيو. هن راٺوڙ گهراڻي جا 23 حاڪم ٿيا. پاڪستان ٿيڻ وقت بيڪانير جو ٻاويهون حاڪم ليفٽنيننٽ جنرل مهاراجا سر رائو سادل سنگهه هو جيڪو انڊيا کي خود مختياري ملڻ بعد به 1950 تائين بيڪانير جو مهاراجا رهيو. ان بعد آخري ٽيويهون راجا رائو ڪرني سنگهه 1972 تائين مهاراجا رهيو ان بعد هندستان سرڪار آئين ۾ تبديلي آڻي انڊيا جي نوابن، سردارن ۽ راجائن جو سلسلو بند ڪيو. پر اهو آهي ته مهاراجا ڪرني سنگهه 1952 کان وٺي 1977 تائين پارليامينٽ (لوڪ سڀا) جو ميمبر ٿي رهيو.

بادشاهن جا نالا ۽ سن ياد رکڻ واري ڳالهه نه توهان کي وڻندي هوندي نه مونکي ڪا وڻي ٿي. هِتي راجائن جا نالا سو به سندن خِطابن ۽ رتبن سان گڏ ڏئي منهنجو مقصد ذهني ڪوفت رسائڻ نه آهي پر پنهنجن پڙهندڙن کي سوچ ويچار جي خوراڪ مهيا ڪرڻي آهي ته صدر ڪينيڊي ۽ راڻي ايلزيبيٿ جي پٽ کان وٺي انڊيا ۽ ملائيشيا جا توهان کي ڪيترا حاڪم، نواب، راجا، رئيس، وڏيرا ۽ سلطان ملندا جن پاڻ ۽ پنهنجن ٻارن کي خوب پڙهائي، انهن کي نه فقط اعليٰ ڊاڪٽر، انجنيئر پروفيسر، وڪيل ۽ جج بنايو پر فوج ۾ به موڪليو جِتي جي زندگي اسانجي نوابن توڙي انگريز بادشاهن جي ٻارن لاءِ بيحد سخت آهي. پر پوءِ به هنن نوابن پنهنجن ٻارن کي موڪليو ۽ موڪليندا رهن ٿا. سمجهه ۾ نٿو اچي ته اسان جي سنڌ ۾ ڪهڙو واءُ لڳي رهيو آهي جو اهڙن elite ڪلاس جي ماڻهن جا ٻارَ سڀ سهولتن هوندي به محنت ۽ پڙهائي کان ڀڄن ٿا. هو بنا محنت جي ڊگريون حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، هو بنا ڪم يا ڊيوٽي جي نوڪريون حاصل ڪري گهر ۾ يا گهمڻ ڦرڻ ۾ وقت گذارين ٿا. فوج ۾ وڃڻ جو ته نالو به نٿا وٺن جو اتي سخت ۽ ڊسپلين واري زندگي آهي ۽ هو عياشين جا عادي ڪٿي ٿا سختي برداشت ڪري سگهن. ويندي پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه  جي نوابن، پيرن، سردارن جا ٻارَ فوج ۾ نظر اچن ٿا پر اسان وٽ جيڪي ائڊمرل جماڻي، برگيڊيئر مختيار، برگيڊيئر نظام ڏنور جهڙا فوجي آفيسر آهن ڪنهن سردار، پير، وڏيري جا ٻار نه پر ماستر يا ننڍن عهديدارن جا ٻارَ ئي نظر اچن ٿا.

مٿي بيان ڪيل مندر، بيڪانير جو بنياد رکڻ کان اٽڪل ٽيهارو سالن بعد رائو بيڪا جي پوٽي راجا رائو لون ڪرن پنهنجي حڪومت (1526 – 1505) دوران ٺهرايو. ان حِسابَ سان هي مندر 500 سالَ پُراڻو چئي سگهجي ٿو. راجستان ۾ جين ڌرم جو وڏو اثر رهيو آهي ۽ فقط بيڪانير شهر جو شهر ۾ 27 جين ڌرم جا مندر آهن جن جا رنگَ روپ، جاتين (درشن لاءِ آيلن) جا چهرا ۽ ڪپڙن جا رنگَ روپَ هن شهر کي عجيب رونقَ بخشين ٿا. ساڳي وقت ڏيهه ڏيهه کان آيل پوڙها پوڙهيون ۽ چنچل ناريون ۽ سندن ويس وڳا، خوشبوئون ۽ مختلف يورپي ۽ ايشيائي زبانون سڄو سال هن شهر ۾ ميلي جو ماحول پيدا ڪن ٿيون.

انهن جين مندرن مان هڪ ڀنڊاسر مندر به آهي جيڪو سڀ کان سهڻو ۽ مٿاهون چيو وڃي ٿو. ڀنڊا شاهه نالي هڪ جين ڌرم جي واپاريءَ هي مندر ٺهرايو هو جنهن جي بنياد کي نج گيهه ۽ ڏونگين سان ڀريو ويو هو. هي ٽماڙ مندر ڀتين تي اڪريل چتر ۽ مورتين کان مشهور آهي.

هِتي جو سڀ کان مشهور مندر ”ڪَرني ماتا مندر“ آهي جيڪو ڪوئن کان مشهور آهي ۽ دنيا جي ڪنڊَ ڪڙڇَ جا ماڻهو هن مندر ۾ ان جي جاتين کي ڪوئن جي پوڄا پاٺ ڪندي ڏسڻ لاءِ اچن ٿا. هن مندر جو تفصيلي احوال پنهنجي انڊيا واري سفرنامي ”بمبئي منهنجي ڀاڪُرَ ۾ ڏئي چڪو آهيان. ڪرني ماتا لاءِ چون ٿا ته هن ماتا سڄي زندگي پوڄا پاٺ ۾ گذاري جنهن کي سڀني هڪ نيڪ زاهده ۽ راهبا سمجيو ٿي. هيءَ بيڪانير جي باني راجا رائو بيڪا جي خاندانَ جي ڪل ديوي هئي. ايتري قدر جو کانئس راجپوتانا جي ٻن قلعن جي پيڙهه جو پٿر به رکرايو ويو. بيڪانير شهر کان 18 کن ميل پري ڏکڻ ڏي جوڌپور ڏي ويندڙ رستي تي ديش نوڪي ۾ هي مندر آهي جِتي ڪرني ماتا کي دُرگا ديوي جو اوتار سمجھي پوڄيو وڃي ٿو. هن مندر ۾ هزارن جي تعداد ۾ ڪوئا آهن جيڪي آزاد گهمندا رهن ٿا. هنن ڪوئن کي ڪاني ڪرامت وارو سمجھي پوڄيو وڃي ٿو. ماڻهن جي من جون مردادون پوريون ٿيڻ تي يا سُکان وقت هنن کي کير ۽ مال مٺايون کارايون وڃن ٿيون. هيترن ڪوئن جي باوجود هِتي اڃان پليگ جي بيماري نه پکڙي آهي. پوڄاري ان کي به هنن ڪوئن ۽ ڪرني ماتا جي ڪرامت سمجھن ٿا.

بيڪانير جو ”شِوَ باري مندر“ تي به تيرٿين جي ڪافي رش رهي ٿي. ڳاڙهي پٿر جو هي مندر 19 هين صدي ۾ بيڪانير جي ويهين راجا ”مهاراجا رائو دنگا سنگهه“ ٺهرايو. دنگا سنگهه 1872 کان 1887 تائين راڄ ڪيو پاڻ ٻي افغان جنگ ۾ انگريزن جي وڏي مدد ڪئي. بيڪانير شهر ۾ هيڊ پوسٽ آفيس وٽ سندس ۽ رائو بيڪا جون مورتيون (Statues) به آهن. انهن جي ڀرسان ”هنومان هٿا“ علائقي ۾ ميونسپل روڊ تي پڻ هڪ ڪرني ماتا مندر آهي جيڪو ڪرني ماتا ديوي کي منسوب ٿيل آهي ۽ ان نالي سان ٻين شهرن ۾ به مندر آهي جيئن ته راجستان جي شهرن الورا، اڌيپور، ناپا سر وغيره ۾….

مٿي دنگار سنگهه لاءِ لکيو اٿم ته هن ٻي افغان جنگ ۾ انگريزن جي مدد ڪئي. اهڙي طرح سندس ڏاڏي مهاراجا رائو رتن سنگهه به انگريزن جي خوب خذمت ڪئي ۽ سندس حڪومت (1851 – 1828) دوران جڏهن 1841 ۾ پهرين افغان جنگ لڳي ته ان ۾ انگريزن جي مدد ڪئي ۽ دنگار سنگهه جي پيءُ رائو سنگهه جي حڪومت (1872 – 1851) دوران جڏهن 1857 ۾ هندستان ۾ انگريزن خلاف بلوو ٿيو ته سردار سنگهه انگريزن جي وڏي مدد ڪئي ۽ پنهنجا رشتا مغل بادشاهن سان ختم ڪري پاڻ کي انگريزن جو سچو خذمتگار بڻايو. ايتري قدر جو بيڪانير رياست ۾ هلندڙ سڪي تان مغل شهنشاهه جو نالو ڊهرائي ان تي لکرايو:

“Aurang Arya Hind Wa Queen Victoria”

بيڪانير ۾ هر سال ٿيندڙ اُٺن جو جشن به دنيا جي ماڻهن لاءِ وڏي ڪشش رکي ٿو. هر سال جنوري جي مهيني ۾ راجستان حڪومت جو ٽوئرزم، آرٽ ۽ ڪلچر ڊپارٽمينٽ هن فنڪشن جو بندوبست ڪندو آهي. هن ۾ اُٺن جي ڊوڙن ۽ ڊانسن جا مقابلا ۽ اٺن تي چڙهڻ ۽ چڪر هڻڻ جو بندوبست رکيو ويندو آهي. هي جشن ٻه ڏينهن هلندو آهي ۽ روزانو شامَ جو آتش بازي ۽ مڪاني عورتن جا ناچ ٽوئرسٽ کي موهي رکندا آهن.

بيڪانير به عمر ڪوٽ ۽ مِٺي وانگر هڪ ٿري شهر آهي بلڪه انهن شهرن کان گهڻو گهڻو پوءِ آباد ٿيو. ڪئنالن جي کوٽائي بعد بيڪانير سرسبز ۽ آباد ٿي ويو. حاڪمن جي هر وقت خيال رکڻ ڪري تعليم ۽ واپار وڙي ۾ وڌندو رهيو. هاڻ ته ٽوئرزم مان ئي ايڏو ٿا ڪمائين جو 50 فئڪٽريون به نه ڪمائين بيڪانير جي ڪجهه ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا نالا مون وٽ لکيل آهن….مثال طور؛ يونيورسٽي آف بيڪانير، انجنيرنگ ڪاليج بيڪانير، سردار پٽيل ميڊيڪل ڪاليج، بيڪانير، راجستان ائگريڪلچر يونيورسٽي. … وغيرهه. منجھن پڙهائي ۽ ڊسپلين سخت هجڻ ڪري نه فقط مڪاني ماڻهو پر ولايت ۾ رهندڙ انڊين به پنهنجا ٻارَ موڪلين ٿا. پوني، ممبئي ۽ انڊِيا جي ٻين شهرن وانگر هِتي به شاگردَن جي رهائش ۽ کاڌي لاءِ سٺيون هاسٽلون آهن جن ۾ شاگرد امن امان سان رهن ٿا ۽ پٺيان سندن والدين به سڪون جي زندگي سمهن ٿا.  

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments