خاص

مڪاني چونڊن ۾ جهيڙا، ٻه ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

سنڌ ۾ ٿيل مڪاني چونڊن جي پهرئين مرحلي ۾ ڪيترين ئي جاين تي ڇڪتاڻ واري صورتحال رهي. جڏهن ته جهيڙن ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ٽنڊي آدم ۾ جهيڙي ۾ هڪ اميدوار جو ڀاءُ مارجي ويو، جڏهن ته سکر ۾ جاگيراڻي برادري جي جهيڙي ۾ هڪ شخص مارجي ويو. پرزائڊنگ آفيسر موجب نوابشاهه ۾ سوشل سيڪيورٽي پولنگ اسٽيشن تي مڇريل ماڻهن ڀڃ ڊاهه ڪئي، هٿياربند ماڻهن عملي کي يرغمال بڻايو ۽ اليڪشن جو سامان کڻي فرار ٿي ويا. ريجنل اليڪشن ڪمشنر نويد عزيز موجب واقعي  متعلق ايس ايس پي کي لکت ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. ايس ايس پي سعود مگسي ٻڌايو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي ۽ 15 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي مورو جي يو سي ڏيپارجا جي منگو خان ڏهر پولنگ اسٽيشن ۾ به جهيڙو ٿيو. نوشهروفيروز ۾ پولنگ دوران جهيڙي ۾ مخالفن هڪٻئي تي لٺين جو وسڪارو لائي ڏنو، جنهن سبب 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا ۽ پولنگ روڪي وئي. پوليس موجب سانگهڙ جي علائقي شهدادپور يو سي غلام حيدر باگراڻي ۾ ٻن سياسي پارٽين ۾ جهيڙو ٿيو جنهن سبب 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جهيڙي کانپوءِ پولنگ اسٽيشن 65 ۾ پولنگ روڪي وئي. ان کانسواءِ يو سي نمبر 50، هزار واهه پولنگ اسٽيشن ۾ ٻن سياسي پارٽين جي ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.