نئين آرمي چيف لاءِ سمري آئي ته صحيح ڪري ڇڏيندس: صدر عارف علوي

صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته آئين موجب نئين آرمي چيف جي مقرري لاءِ سمري آئي ته صحيح ڪري ڇڏيندس. هڪ خانگي ٽي وي چينل کي خاص انٽرويو ۾ صدر عارف علوي چيو ته نئين آرمي چيف لاءِ آئين ۾ مشاورت ضروري ناهي، پر مشاورت ٿي وڃي ته سٺو آهي. لنڊن وڃي ڪري به ته نئين نالي تي مشاورت ڪئي هئي، اتي وڃي مشاورت ڪرڻ ٺيڪ پر ڪنهن ٻئي سان مشاورت ڪرڻ غلط؟ عارف علوي چيو ته سندس تجربو آهي ته ملڪ ۾ مشاورت جي ڪيفيت بند ڪئي وئي آهي. هن چيو ته آصف علي زرداري جڏهن صدر ٿيو ته هن پي ٽي آءِ چيئرمين کي فون ڪيو هو، صدر بڻجڻ کانپوءِ آصف زرداري عمران خان کان پڇيو هو ته ڇا ڪرڻ گھرجي، عمران خان هن کي ٻڌايو هو ته پهرين 100 ڏينهن ۾ سمورا ڏکيا فيصلا ڪري ڇڏيو.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments