نئين مالي سال 2021، 2022 جِي وفاقي بجيٽ اڄ پيش ڪئي ويندي

نئين مالي سال 2021، 2022 جي وفاقي بجيٽ اڄ پيش ڪئي ويندي. 8 هزار ارب رپين جِي بجيٽ ناڻي وارو وفاقي وزير شوڪت ترين پيش ڪندو. قومي اسيمبلي جو بجيٽ اجلاس شام 4 وڳي ٿيندو، وفاقي ترقياتي بجيٽ لاءِ 900 ارب ۽ دفاع لاءِ هڪ هزار 330 ارب رپيا رکيا پيا وڃن، ٽيڪس اوڳاڙي جو هدف 5 هزار 705 ارب رپيا هوندو، سرڪاري ملازمن جي پگهار وڌائڻ يا نه وڌائڻ جو فيصلو بجيٽ پيش ڪرڻ کان اڳ وفاقي ڪابينا ۾ ٿيندو. نئين مالي سال جي بجيٽ 5 کرب 70 ارب رپيا رکي آھي: شوڪت ترين ناڻي واري وفاقي شوڪت ترين چيو آهي ته هن سال فيبروري ۾ ڪورونا وبا وري مٿي اچي وئي هئي، پر هاڻي الله جو شڪر آهي ته ڪورونا ڪنٽرول ۾ آهي، ڪورونا جي ڪري معيشت کي مشڪلاتون آهن، پر معيشت رڪوري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي، گذريل سال حڪومت پاڻ چيو ته اسان جي گروٿ 2.1 هوندي، اسلام آباد ۾ پري بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير مالي سال 21-2020 جي سروي رپورٽ پيش ڪئي، شوڪت ترين چيو آهي ته ڪورونا صورتحال ۾ به حڪومتي پاليسين سبب معيشت بهتر ٿي آهي، ڪورونا ۾ 2 ڪروڙ ماڻهو بيروزگار ٿيا، نوجوانن کي روزگار ڏيارڻ لاءِ پيداواري شرح کي 5 کان 7 سيڪڙو تائين آڻينداسين، هن چيو ته حڪومت مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، نئين بجيٽ ۾ غريب عوام کي پهرين ترجيح ڏني ويندي، ناڻي جي مٽا سٽا جا ذخيرا 26 ارب ڊالرز کان وڌي ويا، هاڻ ذخيرا 29 ارب ڊالرز کان به وڌڻ جي اُميد آهي، هن چيو آهي ته نئين مالي سال جي بجيٽ 5 کرب 70 ارب رپيا رکي آهي، هن وقت ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ نه پر سر پلس ۾ هلي رهيو آهي، چانورن ۽ ڪمند جي پيدوار ۾ به رڪارڊ واڌ ٿي آهي، شوڪت ترين جو چوڻ هو ته سمنڊ پار پاڪستانين طرفان پئسا اماڻڻ هن ڳالهه کي ثابت ڪري ٿو ته هنن جو عمران خان سان واسطو آهي، ٻاهرين ملڪن کان ايندڙ پئسو 29 سيڪڙو گروٿ ڪري رهي آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments