نئين پاليسي قبول نه ڪندڙ صارفين سان ڇا ٿيندو؟ واٽس ايپ جو اهم بيان جاري

واٽس ايپ صارفين لاءِ هڪ بيان جاري ڪيو آهي جنهن جي تحت جيڪڏهن صارف نئين پرائيويسي پاليسي قبول نه ڪئي ته 15 مئي تي ان جو اڪائونٽ ڊيليٽ ڪيو ويندو. واٽس ايپ پنهنجي تازي بيان ۾ وضاحت ڏيندي ٻڌايو آهي ته پرائيويسي پاليسي نه مڃيندڙ صارف جو اڪائونٽ فوري طور تي ڊيليٽ ڪيو ويندو. واٽس ايپ جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪو به صارف اها پاليسي قبول نه ڪندو ته ان کي نوٽيفڪيشن موڪلي ياد ڏياريو ويندو جيڪڏهن هو نوان شرط قبول نه ڪندو ته شروعاتي طور تي هو پنهنجي چيٽ لسٽ تائين پهچ حاصل ڪرڻ جو اهل نه هوندو. ايترو ئي نه پر ڪجهه هفتن کان پوءِ پاليسي کي نه مڃيندڙ صارف جي واٽس ايپ مان ڪال جي سهولت به ختم ڪئي ويندي جڏهن ته ان کانپوءِ ان جو واٽس ايپ بند ڪيو ويندو. ڪمپني نئين شرط جي لاڳو ڪرڻ جي اڃان تائين ڪنهن به تاريخ جو اعلان نه ڪيو آهي. واضح رهي ته ڪجهه مهينا اڳ واٽس ايپ صارفين لاءِ هڪ نئين پرائيويسي پاليسي متعارف ڪرائي هئي جنهن جي تحت ماڻهن جو ڊيٽا فيس بڪ تي شيئر ڪيو ويندو هو ۽ جيڪڏهن ڪو به صارف ان شرط کي قبول ڪرڻ کان انڪاري ٿيو ته ان جو واٽس ايپ فوري طور تي ڊيليٽ ڪيو ويندو.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments