ناسا جي خلائي گاڏي هڪ پهاڙ تان نمونا کڻڻ ۾ ڪامياب

ناسا جي خلائي گاڏي پرسيورنس هڪ وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. مريخ جي سطح تي ڊرلنگ ڪرڻ کانپوءِ سخت پهاڙن مان مٽيءَ جا نمونا جمع ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ڪاميابي جي صورت ۾ اهو پهريون ڀيرو هوندو ته ڪنهن ٻئي سياري کان ڪنهن پهاڙ جا ٽڪرا زمين تي آندا ويندا. خلائي گاڏي پرسيورنس ايندڙ سال تائين ٻه ڊزن کان وڌيڪ اهڙا نمونا گڏ ڪندي. ان کان پهرين ناسا جي خلائي گاڏيءَ جا مريخ تان جمع ڪيل پٿر جا نمونا غائب ٿي ويا هئا. آمريڪي ماهرن مطابق خلائي گاڏيءَ جو روبوٽڪ نظام پوري طرح ڪم ڪري رهيو هو، پر ڌاتوءَ مان ٺهيل ٽيوب جنهن ۾ مريخ جي مٽي ۽ پٿرن جا نمونا جمع ٿيڻا هئا انهن کي ڏٺو ويو ته اهي خالي هئا. پرسيورنس جي ٻه ميٽر ڊگهن هٿن جي آخري ڇيڙي تي کوٽائي جو نظام موجود آهي جيڪو پهاڙن کي ٽوڙي ان مان نمونا حاصل ڪري انهن کي سلينڊرن جي اندر محفوظ ڪري ٿو. اهو پهرين ڀيرو ناهي جو ڳاڙهي سياري جي سطح تان خودڪار تجزياتي مشينن جي ذريعي نمونا حاصل ڪرڻ لاءِ ڏکيائي پيش اچي رهي هجي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments