ناسا جي روبوٽ جي مريخ تي ڪامياب لينڊنگ

مريخ تي زندگي جي ڳولا لاءِ ناسا جي خلائي روبوٽ پريزرونس روور مريخ تي ڪاميابي سان لينڊنگ ڪري ڇڏي. مشن خلا ۾ 12 هزار ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر طئي ڪيو، پريزرونس مشن تي 2 ارب 20 ڪروڙ ڊالر جو خرچ آيو، مشن جي لينڊنگ جو سگنل ناسا کي ملڻ ۾ 11 منٽ لڳا. ناسا مريخ جي سطح جون تصويرون به جاري ڪيون، مشن 249 ملين ميلن جو سفر طئي ڪري پنهنجي منزل تائين پهتو آهي. ڇهن ڦيٿن وارو روبوٽ مريخ تي زندگي جي موجودگي جا ثبوت گڏ ڪندو. مريخ جي باري ۾ خيال آهي ته اتي پاڻي موجود آهي ۽ جتي پاڻي هجي اتي زندگي جا امڪان هوندا آهن، مريخ تان پٿرن جا اهڙا نمونا 2030 جي ڏهائي ۾ آندا ويندا.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments