خاص

ناظم جوکيو جي موبائل فون جو ڊيٽا رڪارڊ ملي ويو

ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ پيپلز پارٽي جي رڪن سنڌ اسيمبلي ڄام اويس سميت ٽن ملزمن جي جسماني ريمانڊ ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. مقتول جي موبائل فون جو ڊيٽا رڪارڊ به حاصل ڪيو ويو آهي. جڊيشل مئجسٽريٽ ملير جي عدالت ۾ ايم پي اي ڄام اويس سميت گرفتار ٽن ملزمن کي انتهائي سخت حفاظتي انتظامن ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

ملزمن جي پيشي جي موقعي تي عدالتي راهداري ۾ به غير واسطيدار ماڻهن جي داخلا بند ڪئي وئي. جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته مقتول جي موبائل فون جو ڊيٽا رڪارڊ حاصل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڊيو ۾ نظر ايندڙ گاڏي جو رڪارڊ ايڪسائيز وارن کان نه مليو آهي. ڪسٽم اختيارين کان گاڏي جا تفصيل حاصل ڪري رهيا آهيون. پيشي جي دوران پوليس طرفان ملزمن جي جسماني ريمانڊ ۾ واڌ جي استدعا ڪئي وئي جنهن کي عدالت منظور ڪندي ڄام اويس سميت ٻين ملزمن جي ريمانڊ ۾ 16 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته جاچ ٽيم جي طرفان گڏ ڪيل شروعاتي شاهدن جي مطابق ناظم جوکيو جي قتل جي وقت ڄام عبدالڪريم، ڄام اويس جي ڄام هائوس ۾ موجودگيءَ جو شاهديون مليون هيون. ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس ڊجيٽل رڪارڊ ڪيس جو حصو بڻايو، گواهن جا بيان به ورتا ويا. ڄام ڪريم جي سيڪريٽري نياز سالار کي ناظم جوکيو جي ڀاءُ افضل کي فون جو رڪارڊ به ملي ويو. نياز سالار جي فون کانپوءِ ناظم جوکيو جي لوڪيشن قتل جي جڳهه تي آئي، ناظم جوکيو پنهنجي ڀاءُ افضل سان گڏ تقريبن رات جو 12 وڳي ڄام هائوس پهتو، جنهن کي مبينا طور تي ڄام ڪريم ٿڦڙ هنيا، گارڊن به معمولي تشدد ڪيو. مبينا طور تي ڄام ڪريم چيو ته ناظم کي قيد ڪري ڇڏيو صبح جو فيصلو ٿيندو. اطلاعن مطابق رات جو 3 وڳي ناظم جوکيو جي ڀاءُ افضل کي گهر روانو ڪيو ويو. افضل کي روانو ڪرڻ کانپوءِ مبينا طور تي ڄام ڪريم سمهڻ لاءِ هليو ويو. رات جو تقريبن 3 وڳي ڄام اويس جاڳيو کيس ناظم جوکيو جي قيد هئڻ جي خبر پئي. ڄام اويس اٿڻ کانپوءِ ناظم جوکيو تي بدترين تشدد ڪيو، پوسٽ مارٽم ۾ ناظم جوکيو جي قتل جو وقت به صبح 5 وڳي جو آهي. تشدد ۾ ڄام اويس پاڻ ملوث هو يا سندس چوڻ تي ڪيو ويو ان جي جاچ جاري آهي. جڏهن ته گرفتار ملزمن جا بيان ورتا ويا آهن.