نظم: mono no aware جي ديپ مالا مزمل سائر May 2021
سمئه جي مُرليءَ جي سُر سُر جو اَجرڪ اوڍي
mono no aware جي ديپ مالا جلوه گر آهي
لطيف جي دنبوري جو رقص ڪندڙ سورج منڊل هجي
مِيرا جي پايلن جو هِڏڪيون ڏيندڙ firework هجي
Sesshū جي landscape تي سُرندڙ chimera هجي
پِڪاسو جي شعر ۾ punctuation جو نيرو cache-sexe هجي
اينجيلو جي David جي اکين جي Mariana Trench هجي
تاج محل جي ماربل ۾ magma جو سنگيت هجي
يا تنهنجي منهنجي آتمائن جو ڪو آواره گيت
mono no aware جي ديپ مالا جلوه گر آهي
وقت ازل ۽ ابد وچ ۾ جَر ڦوٽن جو رنگيلو سمندر
اتھاس وقت جي آرسيءَ تي ٿيڙ کائيندڙ اولڙو
جِيوَن ڪنهن ٻالڪ جي چھري تي ٿڌڙي هير جو ماسڪ
سُک ڏُک ڪنهن رنگدار بُلبُلي جي رينگهه
دائميت جو مجسمو ايامن کان ڪنهن اَڏٺل کاهيءَ ۾ پيو ڪِري
فنا جي ڪُماچ جو ڏيئو چومُک جلون ۾
ڌرتي ته پئي موسمن جا لائونج سوٽ مٽائيندي
پوکن جا ڦوڪڻا پيا ڦوڪبا، پيا ڦاٽندا
سج جو تاءُ ٿرماميٽر جي پاري وانگر پيو هيٺ مٿي ٿيندو
چنڊ جي ڊِسڪ آسمان جي player ۾ پئي ڦيريون کائيندي
تارن جو ڀرت آڪاس جي چوليءَ تي پيو جهر مر ڪندو
ڪائنات جو لاٽون yin ۽ yang جي ڏور تي پيو ڦرندو
پر تنهنجو منهنجو وجود ڪو temperature ئي ته آهي
گهٽ وڌ ٿي لھي وڃڻو آ
منهنجي راڌا منهنجي مِيرا منهنجي امرتا
اُداسيءَ دلگيريءَ جي پاڇن جي لوئي ويڙهڻ چاهين ته ويڙهه
بيوسيءَ ملولائيءَ جي لڙڪن جو سالارو بڻجڻ چاهين ته بڻج
پر ان فنا جي ڪُماچ جي ديپ جي شعاعن منجهه
اُداسيءَ بيوسيءَ دلگيريءَ ملولائيءَ جي چِلڪن پويان
سوڀيا سرهائي راحت ۽ مرڪن جون ڏورون
دم به دم پوپرين جيئن رقص پيون ڪن
انهن جي قدمن جي نشانن جون راڳڻيون
لمحن جي آرڪيسٽرا ۾ جِيوَن جي chorus ۾ پيون مٽجن
فنا جو ڪُماچ ئي دائميت جو راڳ ٿو ڇيڙي
رڳو گذرندڙ لمحو ئي قائم دائم ابدي آ
ڇو جو سواءِ گذرندڙ لمحي جي ٻيو ڪو لمحو ناهي
آئندو هڪ تصوير
ماضي هڪ ياد
فقط گذرندڙ لمحو ئي حقيقت جو رنگ محل
جتي اَنگ اَويس ايفرڊائٽي اَڊونس جي ڇھاو جي منتظر آ
اها ايفرڊائٽي اهو اَويس اَنگ قائم دائم ابدي آ
اهو اَڊونس اهو اَڊونس جو ڇھاو قائم دائم ابدي آ
اَملتاس جي ٿُڙ ۾ هو جو آکيرو همه تن گوش آهي
پاريھر جي ٻچڙن جي چون چون جي ٺمريءَ ۾ مدهوش آ
اجهو آيو پاريھر جِيوَن جو سرٽيفڪيٽ ڪڻڪ داڻن ۾ کڻي
ڪڻڪ داڻن مان جِيوَن چوسيندي ٻچڙا بي اونا آنند ۾
اجهو موت جي واديءَ جو سير ڪري پاريھر بڻيو آ هڪ خيال
اهي ٻچڙا ان خيال جو ريڙهو گِھليندا اَڄاتل سفر تي نڪتل
آکيرو خالي پڻي جي شور کان ڪنن تي پٽيون ٻڌيو ليٽيل
وايومنڊل جو ويسُ ڪنهن وِڌوا جي ساڙهيءَ جھڙو
اَملتاس ڪنهن ننڍي ريلوي اسٽيشن جي پليٽفارم وانگر
نه ڪا ريل نه ڪا سِيٽي نه ڪو مسافر نه ڪو سامان
اجهو اجهو چند ڏهاڙن ۾ هڪ سِيٽيءَ پنهنجو وزن هلڪو ڪيو
اجها ڇِڪ ڇِڪ ڇِڪ ڪندي نئين ريل لڙي آهي
اجهو آکيرو ٻيھر همه تن گوش آهي
ڪويل جي پھرين ڪُوڪ جي پڙلاءَ ۾ مدهوش آ
اجهي ته لڳيون چون چون جون نڪور تانون
اجهو ته وايومنڊل پھريو نئون عروسي ويسُ
وايومنڊل کي پھريل عروسي ويسُ هجي
آکيرو همه تن گوش هجي
يا اَملتاس راحت جي راڳ ۾
mono no aware جي ديپ مالا جلوه گر آهي
آسمان جي سرمئي ــ چاندُئي چنبن مان ڇڄندو
واءُ مينھن جون اڌ ــ مئل، اڌ ــ جيئريون لينگهون ويڙهيو
رات جي سائيز جي سرڙاٽن جا هارن وڄائيندو
سمنڊ جي mercury ــ اُرهن جو رت ولوڙڻ لڳو آهي
سمنڊ جو کير گوها هڻيو نظرن جي بلبن کي وسائي
۽ واءَ سان گڏجي ٿونا هڻيو نس نس جي crust ۾ زلزلا پيو آڻي
هو ٻيڙو ڇڪجي هوا ۾ آيو آ واپس ڪِرڻ ۾ سئو ميلن جو وقت لڳائيندو
هو ٽٽندڙ ٻيڙا ته سڪل مانيءَ جي ڀورن جا مفلر جوڙي ڪفن ڪيو پائيندا اڏن
وڻن جي ٽارين جون اميدون پاش پاش ٿيو پنن سان هوا ۾ بولاٽيون پيون کائين
وڻن جا لاهه لاهه پٽجڻ وارو محاورو اڄ سمجهڻ لڳا آهن
جبلن جي پيشانين تي واءَ مينھن ۽ سمنڊ جي ٺپڻين جا سٽڪا
گوڙ جي بغلن ۾ ايڏي ڪتڪتوڙي ٿي آ جو هاڻ کلي کلي روئڻ لڳو آ
پاريھر ڪويل سڀ پکي پرند جِيوَ گذرندڙ لمحن جي فلور تي
خوشيءَ جا گهنگهرو ڳنڍي اُميدن جون ڇيريون ٻَڌي
مستقبل لئه moon walk ۾ رُڌل
پر گذرندڙ لمحي جو conveyor belt کين ڏسيو مُرڪي پيو
ڇو ته فقط گذرندڙ لمحو ئي حقيقت جو رنگ محل آهي
هوءَ ڪونج ڪوهه جي ڇڄھريءَ جي دڪيءَ تي ويٺل
اکين جي چُھنبن سان هوائن جي چپڙن کي ٺونگا پئي هڻي
سجَ جي ڪمانَ مان ڪرندڙ اَکُٽ ڪانَ مٺڙو سُور ڀريندا وتنس
اجها ڪونج کنڀڙاٽيون ڇنڊي هوا جي تُرنگ تي چڙهي آ
ڦَڙ ڦَڙ جي ڀيرويءَ ۾ جِيوَن جو ٽائٽل سانگ پئي ورجائي
هوري وکون کڻندڙ هوا جو تُرنگ gallop لئه سنبريل
اجها free fall ۾ ڦرموٽي ٿي ڦِري آ
ڪونج مستيءَ جي مائيڪ تي ڪرڪي آ
ڇا ته نظارو ڇا ته اُس ڇا ته هوا جون وکون ڇا ته ڪونج ڇا ته اُڏام
هي منظر نيڻن جي اسڪرين تي ته paste ٿي ويو
پر ڪونج نيٺ ته ٿڪبي
اُڏامن جي قافلي جا مسافر نيٺ ته آرامي ٿيندا
هن منظر جي ڪُک مان ٻيو منظر جنم وٺندو
ڪجهه به ساڳيو نه رهندو
نه نظارو نه اُس نه هوا جون وکون نه ڪونج نه اُڏام
پر اهو ڪوهه ته ڀُڻ ڀُڻ پيو ڪندو
پر ڪيسيتائين؟ ڪو به نه پُرجهي ڪو به نه ڄاڻي
۽ اِن ڪوهه جي ڀاڪر ۾ ڀريل هو ننڍڙو شھر
اُس جي ريشمي چادر ويڙهيو چُرپُر ۾ مگن
مڪانن جي ڇِتين تي اُس ويرانين جون رباعيون پئي پڙهي
هڪ ٻليءَ ٻچڙو هن منگهه ڀَر ۾ ميائون ميائون جو بُرش جهلي
وڇوڙي جي ڪينوس تي امڙ جي ڪنن ۾ رنگ پيو ڀري
امڙ ٻي ڇِت تي اونَ جي رولر ڪوسٽر جي ڦيرين ۾
هوءَ پتنگ جِيوَن جي راند هاريو هن اينٽينا ۾ اٽڪي آ
ٽُٽل ڏور ۾ نينگر جي اميدن جو لاش پيو لڙڪي
هوءَ اُڏندڙ پتنگ هن ڪٽيل پتنگ کي ڳر لائڻ جي ته ڪري
پر هٺيلو ڇوڪر وٺيو جو ڏور ڇڪي
پتنگ آڪڙجيو اُڏام وٺيو اُس جي تَئي کي اک ڏيکاري
ڪٽيل پتنگ جي آتما سندس اُڏام تي مرڪيو روئي
هوءَ ليليٰ جوڀن جو مندر ڌوئي آڳر تان ڊڪڻ ته لڳي آ
اُس مجنون جا اُڃايل چپڙا پائي
اَويس ليليٰ جي اَنگ اَنگ مان رَس چوسڻ لڳي آ
اُس جي چپڙن جي حرارت تي ليليٰ جو اَنگ اَنگ وگهري پيو
پگهر جي بوند بوند اُس جي مجنون لئه ڄڻ هَڻ کَڻ
ليليٰ جيئن ئي آڳر ڇڏي اَلوپ ٿي آ
مجنون آڳر جي فرش تي ڳڙيل پگهر جي بوند بوند پيئڻ لڳو آ
هن اوچي عمارت جي ڀِت تي ڪرڙيءَ جيئن چنبڙيل پُرش
بُرش سان عمارت جي شرمگاهه ڍڪڻ جي ته پيو ڪري
پر رنگن کي ڇا خبر شرم ۽ حيا جي
هلڪڙا گھرا ٿيو painter کي لڄي ڪرڻ جي پيا ڪن
پر بُرش ته ارڏو آ لڄي ڇو ٿئي
وٺيو جو زپزپاٽ ڪرڻ لڳو آ
رنگ discipline جو هيلمٽ پائيو سرگوشي پيا ڪن
بُرش جي خوديءَ جو بمبو خود اعتماديءَ جي هندوري ۾
ٻُڍي فُٽپاٿ جي چيڙهه ۾ هڪ اَڌ اُگهاڙي نينگر بيھوش
هڪ پِنيءَ جي ماس ۾ هڪ آواره ماڪوڙو
رت جو شراب ڏوگهڻ لئه هوران کوران ۾ ورتل
ڇاتيءَ کان اِسڪَرٽ جي بارڊر تائين اُلٽيءَ جا رنگ چلڪن ۾
اَڌ کليل هٿ جي آڱرين ۾ Heineken جي بوتل بي يارو مددگار
ڄنگهن وچ ۾ ڪريل پَرس جي زبان نڪتل
گِگ ڳاڙيندي هڪ چريو کيس اچرج مان تڪي رهيو آهي
سوچ جون گراڙيون ٽُٽل
لينگهون ويڙهيل تَن تي خارشن جي سونامي لٿل
هِت هُت کَنھيندو نينگر جي سينڊل ۾ هٿ وجهڻ لڳو آ
هوءَ گهِٽي ويرانيءَ جو پائوڊر مکيو ليٽي پئي آهي
هڪ ڪُنڊ تي هڪ سائيڪل ڪِريل
اڳيون ڦيٿو سياستدانن جي بيانن جي يُو ٽَرن جيئن مُڙيل
زنجيرَ بي گهر ٿي چڪل
لوهه جتان ڪٿان زنگيل
جيئن هن ڪتي جو پير بيخياليءَ ۾ زنگيل لوهه کي لڳو آ
ڪتي جي رڙين تي گهٽي جي ويرانيءَ جو پائوڊر لھڻ لڳو آ
هو اوٺي اُٺ جي چِٽڪمري واجهه جهليو
هڪ هڪ ٻڙهڪي تي “مسافر هون يارو” ڳائيندو هلي
اُٺ جي پوري جسم تي واڱڻائي ۽ زرد tattoos
اوٺيءَ جي چَتين لڳل گيڙو قميض تي
چارلي چيپلن وانگر مُرڪي کيس چيڙائي رهيا آهن
هوءَ پٽڙي اتھاس جي اسٽيشن تي ڄِڀ ڪڍي بيٺي آ
ته من ڪا ريل گاڏي هتان به لنگهي
پر سندس سَنڌ سَنڌ اُڊڙيل چَپ ڦاٽل بدن ليرون ليرون
ريل گاڏي لنگهي به ته ڪيئن؟
هوءَ جهُوني بصر جون کلون چٻائي بُک جا ٽانڊا پئي وسائي
هن جهُوني جي ڪُٻَ تي تاريخ جو پھوڙ آرامي آ
هن گهٽيءَ ۾ ڪشور ڪمار جي گيتن جو سانڌاڻو رَس بڻجي
وايومنڊل جي ڪنن جي چپڙن تي سنھڙي لار جيئن ڳڙِي
کٽڙي کٽڙي ڀُڻ ڀُڻ پيو ڪري
ڏينھن ۽ رات شام جي هٿن ۾ هٿ وجهي چيڪليون پيا پائين
رات ورندي ته رات جي سلائيڊ تان لمحا هوري هوري پيا ترڪندا
اسٽيشن تي مسافرن جي سلوئيٽن جي تصوير چُرپُر پئي ڪري
سوين مسافر هڪ ريل گاڏيءَ طرف ڪوئن وانگر پيا ڊُڪن
هڪ مسافر پليٽ فارم جي وچ ۾ بيٺل
سندس ٿيلھو فرش تي ڪانڀ ڪڍيو ويٺل
گهڙيال جي خودپسند hourglass شڪل جي اڇڙي سُئين تي
سوچ جي ٿڪل نينگري ليٽي پئي آ
سندس ساهه جي اچ وڃ سان گهڙيال جون سئيون لُڏن پيون
جن جي ٽِڪ ٽِڪ کي مسافر جون اکيون پڪڙڻ جي پيون ڪن
هن ڪار جي وِنڊ اسڪرين تي ڪنهن ڪبوتر جو پَرُ
زندگيءَ جي فلسفي جو راڳ پيو ڳائي
Yūgen جي تصوير منهنجي اکين ۾ ڀريندو
هو پکين جو ولر هن ڊگهي عمارت پويان الائي ته ڪاڏي نڪتو
فقيرن جي گهٽيءَ جا وار بغير ڦڻيءَ جي وکريل اڻڀا اڻڀا ڇڻندڙ
اَڇُھيل بدبوءِ اَسونگهيل ڇانوَ جا patches اَڏٺل مايوسي
هڪ فقيرياڻيءَ جي چوليءَ جي نَوَن ٽوپن مان
لِيلا جو نَوَ لکو هار فقيرن جي ٽولي تي اَڏٺو مشڪي پيو
پرڀرو هڪ وئشيه لنگهي پئي
بدن تي سماج جون قدرون shocking pink جوڙو ٿي ليٽيل
exploitation جو لاوو ميڪ اپ ٿي چھري تي ليٿڙن ۾
اڇي چمڙيءَ مان سڳنڌ جي ٻاڦ اُٿيو وايومنڊل پئي گرمائي
آتم جي مائونٽ ايورسٽ اُتان احساس ٿاٻڙجندا ڪرندا وتن
ڳوڙهن جي لائوڊ اسپيڪر جي بيٽري جواب ڏئي ويٺل
هو سرمئي ڪواڙ اوجاڳي ۾ راڳ راڻي ۾ آلاپي پيو
ڪُنڍي ڪوڪي ۾ اَٽڪيل ڄڻ زوريءَ جي شادي ڪيل زال مڙس
انتظار جي طبلي تي خاموشيءَ جي ٿاپ پيا هڻن
چانئٺ جا هٿ چِپيل ننھن نڪتل
ماس وڃايل ٻالڪ وانگر وحشين جي نظرن جي لامارن هيٺ
پاسي ۾ دڪيءَ تي ويٺل هڪ ڪھاڻيڪار جي ڪلڪ ۾
احساس vowels جي هوليءَ ۾ هڪ ٻئي کي رڱين پيا
منطق consonants جي لوئي ويڙهيو کين ڏسي پيو
چنڊ جي سائز جي ايليويٽر تي ڪردار هيٺ مٿي اچ وڃ ۾
ڊائلاگ Bose جي اسپيڪرن ۾ ڪوارنٽِين ٿيل
ڀر ۾ هڪ ڪَسيءَ ۾ هڪ ميرانجهي ڪاغذ جي ٻيڙي
قد کان وڏين موجن جي ٿپڪين تي ساڄي کاٻي ٿڙندي
بيوسيءَ جي سرمنڊل جي تندن تي “رات ڀر ڪا هي مهمان انڌيرا” پئي ڳائي
هو مصور ڇڄھريءَ مان سج جي نبض ۾ آڱر ٻوڙي
آڱر تان آڳ ويڙهيل روشنيءَ کي ڪينوس تي لاهي
ليٽائي چڳ چڳ کي ڦڻي ڏئي سينگاري کيس سيلفي ڪڍڻ لئه پيو چوي
ٻي پينٽنگ انتظار جي شال ويڙهيو ويٺل
جڏهن ڌرتيءَ جي ڪاري لفافي تي چنڊ initial ڪندو
مصور چانڊاڻ جو آرٽيڪل پينٽنگ تي چنبڙائيندو
پر هينئر هڪ ٻئي ڪينوس تي هڪ غزال اک ۽ ڳوڙهو چِٽي
ڳوڙهي کي مٿي کان پٻن تائين ڪمبل جيئن ويڙهي
ڪينوس جي کٽ تي اکيون بند ڪري ليٽي پيو آهي
هن جهوني بازار ۾ زندگيءَ جي ٻوليءَ جو گرامر ڀڃ ڊاهه ۾
هر پُرش گرامردان ٿيو گرامر جي سگار جو دونھون هر ٻي پُرش جي منھن ۾ اُڇلي
هو دڪاندار لفظن جا نوٽ خرچ ڪندو وتي
هو خريدار نوٽن نه بلڪه سُڪونَ جو پوڄاري آ
هو ريڙهي وارو زندگيءَ جا هوڪا پيو ڏئي
هوءَ گهٽي هوڪن کي پڙاڏن ۾ مَٽيو موٽ پئي ڏئي
هن ريسٽرانٽ جي پھراڻ تي نواڻ جو ڀرت
هن barber جي قينچيءَ ۾ زال جي ويم جي گونج
هو چانھه وارو ديڳڙيءَ مان اٿندڙ دونھون جهليو
گرل فرينڊ جي بستر ۾ اگهاڙو گهڙي رهيو آ
چانھه جي انتظار ۾ ويٺلن کي ڏِسيو دونھون لڳاتار مُرڪي
هن لائبريري جو هر هڪ ڪتاب بيباڪ کُليل
هڪ هڪ لفظ هڪ هڪ اکر پنن جي پڃري مان نڪري
سُنھري وڇونءَ ۾ مٽجيو روشنيءَ جون ڏورون جهليو
آسمان جي ڪوٽ اندر اَلوپ ٿيندو وڃي
آسمان جي ڀاتين جا رانڀاٽَ
هن فيڪٽريءَ ۾ فلسفا robots جي روپ ۾
هڪ هڪ ماڻهوءَ جي اسڪريننگ پيا ڪن
پَٽي ٻَڌل ڪُوڪ هوا جي ڪَنَ جي پاپڙيءَ تي لڳي مُئي
پاڇي جي شڪل چٻي ٿيندي وڃي
جيون جا پڙلاءَ مُڙندا وڃن
ميرانجهو پَرس غصي جي گونج کي فٽپاٿ تي پيو ريڙهي
اڌ سُڪو اڌ آلو ٽوال مُرڪن جي پلاسٽڪ لاهيو ليٽيل
بيچ جي واريءَ جي وارن ۾ سُڪل پُسيل هٿ ڦيريل
ماٺيڻيون لھريون واڪا ڪندڙ اکيون
هڏائون پڃرو گوشت ۽ رت جي کيرڻي کائڻ ۾ رُڌل
پرتي هڪ ڪنواري مڇي ٽُٻيءَ جو اعلان ڪرڻ ۾ مصروف
هن سمنڊ جي ڀاڪر مان هر هڪ ڦڙو
سمئه جي بلبلي جو روپ ڌارن ڪري
ڪڪرن جي قلعي ۾ گُم ٿيندو وڃي
مڪانن اندر هائو مڪانن اندر
ڇانوَ قرار جو ڏوهيڙو چوڻ ۾ مصروف
هو جهونو Netflix جي unicorn تي fantasy جي واديءَ ۾
Rasselas ٿيو جِيوَن جا اَڏٺل پيچرا پيو گهمي
هڪ پيچري تي گناهن جي ڊبل ڊيڪر جا دروازا
ويلڪم جي ٽھڪن ۾ کيس سڏين پيا
۽ هو دروازن جي آڱرين ۾ هٿ ڦيريو
بس اسٽاپ تان کسڪيو مندر جي چنگچي طرف ڀڄڻ لڳي
هڪ پيچري تي بي ايمانيءَ جو لائوڊ اسپيڪر
پاپ موسيقي وڄائي کيس جاڳائڻ جي ڪري
پر هو ايمانداريءَ جي ڪپھه ڪنن ۾ وجهيو سمھڻ لڳي
هڪ پيچري تي هڪ اگهاڙي بدن جا چلڪا
جيئن ئي کيس روشني ڏيڻ جي ڪن
هو شرافت جا goggles پائيو انڌو ٿيو نڪرڻ جي ڪري
فلسفي کي ڇيھون ڪندي هتي هوءَ اڇيرڙي yin ڪپڙا ڦٽي ڪيو
ڪاريرڙي yang جي ڀِت ڀڃيو ڪمري ۾ گهڙي آهي
هن گهر جي ڀت تي ماضي مستقبل جي پورٽريٽ جي صورت
حال جي ڪوڪي ۾ اٽڪيو پيو آهي
ماضيءَ جا رنگ گھرا
مستقبل جا curves آڙا، ٽيڙها
حال جو ڪوڪو ڪنهن منصف وانگر poker face ٺاهيل
هن شاعر جي نوٽ بڪ جي پنن مان اُسري
هڪ نظم جو آواز تصوير بڻيو سئمنگ پُول ۾ float پيو ڪري
نظم جي پڙلاءَ ۾ گهُنجَ آرسيءَ تي اولڙا ٿي رقص پيا ڪن
ڪمرو حيرت ڪدو ٿو سجهي
هن بلب ۾ هو روشنيءَ جو ڪُنڍل ٿڪل ٿڪل لڙڪي پيو
هن آرسيءَ جو آواز dog eared ٿيل
پر شاعر پڙهڻ جي موڊ ۾ ناهي
هن ميز تي ڪجهه ڪتاب سرگوشيءَ ۾
پر ميز آ جو ڪنن تي قلف چاڙهيو ويٺي آ
هوءَ پرفيوم جي بوتل نه پر ڪو ڪوٽ آهي
جتي خوشبوءَ جي ماروي ڪوٽ ڀڃڻ جي اُڻ تُڻ ۾ آ
هن بستر تي رات جا گهنج ليٽيل
چادر جي ٿرماميٽر مان رات جو هلڪڙو تَپُ جهڻڪي پيو
هن پنکي جي پرن جو واچوڙو هڪ ئي جڳھه تي ڦيرين ۾
پر ان جو احساس ڪمري ٻاهر ٽي وي لائونج کي به آهي
جتي صوفن جا جرمن سڳورا عرب سڳورا سيد سڳورا
ڀر ۾ رکيل غير جرمن غير عرب غير سيد مھاڻي منجيءَ تي ٺٺوليون پيا ڪن
منهنجي راڌا منهنجي مِيرا منهنجي امرتا
ڪجهه به هجي ڀل ڪجهه نه به هجي
پر mono no aware جي ديپ مالا جلوه گر آهي
زندگيءَ جي ٻوليءَ جو گرامر سکي ڪير ڄميو آهي؟
غيب جي ايلجبرا جي ٽيوشن ڪنهن ورتي آ؟
موت جي تاج محل ۾ ڊراما ڪنهن binge watch ڪيا آهن؟
ٽائم ٽريوِل جي سمفني جو آلاپ ڪنهن ڪڍيو آهي؟
وقت جي آخري ڀت تي ڪنهن پنهنجي پورٽريٽ چنبڙائي آهي؟
ڪائنات جي پرئين پار ڪنهن پنهنجو سرندو ڇيڙيو آهي؟
منهنجي راڌا منهنجي مِيرا منهنجي امرتا
تو ڪجهه چيو هو پر اکين ۾ خيال salsa پيا ڪن
۽ آءٌ انھن جي پڙلائن جي پاڇن کي پڪڙڻ ۾ گُم آهيان
لفظ ته memory جي ريشم تان اسڪيٽنگ ڪندا ٿِڙي چڪا
اکين جي اسڪرين تي تنهنجي سوچ جا گهُنجَ پوءِ به صاف آهن
اکين کي تنهنجي محبت جي بادبان ۾ چھڪ هينئر به ياد آهن
ڏس منهنجي نظرن جي prism مان تنهنجي احساسن جا رنگ
هينئر به الڳ الڳ ٿي منهنجي پني تي ڳڙي رهيا آهن
منهنجون آڱريون کين جهليو ليٽائين پيون
هر رنگ جي بدن جي حرارت تي منهنجو پنو ڌڳي پيو
هن منظر ۾ ڪا به ڳڙکي ناهي جو ٻاهر ڏسي سگهان.
وقت ڪيترو به ڪٺن ڇو نه ٿيو هجي
منهنجي بدن جي ميموري ايتري خراب ته ناهي ٿي
جو آئون تنهنجو ڇُهاءُ سڃاڻي نه سگهان
۽ منهنجي هٿن جي ميموري به ايتري خراب ناهي ٿي
جو آئون اکيون بند ڪري توکي ڇُهي سڃاڻي نه سگهان
ڇو نه هلي اتساهه جي ان گهٽيءَ ۾ واڪ ڪيون جتي اڃان بارش کان بچڻ لئه Umbrella نه ٺاهي وئي آ
پوءِ اتي ڪڪر پروڻ ٿي مينهن ڪڻين کي ڇاڻين
وايو منڊل ڦڙ ڦڙ جي مدر موسيقي تي ناچ ڪرڻ لڳي
ڪچي مٽيءَ جي مهڪ اسان جي روح ۾ سمائجڻ لئه ڳاٽ کڻي
اسين سندس چپڙن کي Kiss ڪندا هلندا هلون
هڪ هڪ ڦڙيءَ جي ڇُهاءُ کي جيون اوتي ڏيندا وڃون
ان سرود جي اڏند کٽولي ٺاهي وقت جي آرپار اڏندا هلون
ڪڏهن Sphinx جي سوالن جا جواب ڏيون
ڪڏهن Medusa جي اکين ۾ اکيون وجهي کيس ٿورڙي دير لئه پٿر بڻائي ڇڏيون
پوءِ اسان برندا بن جي هڪ اڏٺل گهر جي اکٽ ڇت تي اتهاس جي لمحن جو ويس پائي جيون جي سهاڳ رات ملهايون
تارڙا گلڙا بڻجي ڪرندا رهن چانڊاڻ سڳند بڻي وکرندي رهي
ڪَتيون نکٽ کير ڌارائون تائب ٿي نوڙندا رهن
منهنجي لبڙن جو لمس ڪنهن ديو مالائي وڇونءَ جيئن جيئن ئي تنهنجي ڳچيءَ جي گولائي تي سُرڻ لڳي
تنهنجو انگ اويس بيوس ٿي لرزڻ لڳي هو ديو مالائي وڇون سرندو سرندو ڏنگيندو رهي
ان وڇونءَ جي ڏنگ ڏنگ تي تون پنهنجو پاڻ مان اڀري اچين
پوءِ تنهنجي لبڙن جو لمس هڪ ديو مالائي ڪوراڙ بڻجي منهنجي لونءُ لونءُ کي چيڀاٽيندو رهي
ان ڇت تي ان رات جا گهنج جيئن جا تيئن ڇڏي اسين وقت جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رومانس ڪرڻ نڪرون
رومانس ڪندي ڪندي هڪٻئي سان ملي هڪٻئي کان گم ٿي وڃون
پوري ڪائنات ۾ وکري وڃون ڇو جو او منهنجي راڌا منهنجي ميرا منهنجي امرتا
سمئه جي مرلي جي سُر سُر جو ارجڪ اوڍي مونو اواري جي ديپ مالا جلوه گر آه
اچ ته هن هلندڙ رڪس ڪندڙ لمحي کي پي وٺون جي وٺون
اهو ئي ته قائم آهي اهو ئي ته دائم آهي اهو ئي ازلي آه اهو ئي ابدي آه
(نوٽ: جاپاني ادب ۾ شين يا وقت جي عارضيت بابت استعمال ٿيندڙ لفظ عارضي هجڻ اداسي ۽ پيڙاءُ جو ڪارڻ ته بڻجي ئي ٿو، پر گڏوگڏ اهو احساس به ڏياري ٿو ته عارضي هجڻ ئي حقيقت ۾ زندگيءَ جي سونهن جو ڪارڻ به آهي mono no aware زندگي ۽ موت وچ ۾ جڙيل رشتي کي به اجاڳر ٿو ڪري جاپاني شاعريءَ سان گڏوگڏ جاپاني ناولن ۾ به اهو خيال گهڻي ڀاڱي ملندو. نوبيل پرائز ماڻيندڙ جاپان سان تعلق رکندڙ برطانوي ناولسٽ Kazuo Ishiguro پنهنجي ناول اندر مسئلن کي بغير ڪنهن حل جي جيئن جو تيئن ڇڏيو ڏي، سندس ناول The Remains of the Day ان جو هڪ خوبصورت مثال آهي. mono no aware خيال جاپاني ادب جي Heian دور ۾ استعمال ٿيو اهو 794 کان 1185 وارو دور هو جنهن ۾ گاديءَ جو هنڌ Nara کان Heian-kyo جيڪو هاڻوڪي ڪيوٽو شهر منتقل ڪيو ويو هو. ارڙهين صديءَ ۾ هڪ نقاد Motoori Norinaga جاپان جي شاهڪار ناول The Tale of Genji جي تنقيد دوران mono no aware جو استعمال ٻيهر ڪيو ۽ بعد ۾ اهو جاپاني ادب جو حصو بڻجي ويو.)