خاص

نفرت عمران خان کان نه ان جي سوچ کان آهي: آصف زرداري

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري عمران خان جي ان الزام کي رد ڪري ڇڏيو ته سندس حڪومت هٽائڻ لاءِ حزب اختلاف آمريڪا سان گڏجي سازش ڪئي آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي عمران خان کي ڪوڙو قرار ڏنو ۽ چيو ته عمران جي حڪومت هٽائڻ لاءِ ٽن سالن کان ان جي اتحادين سان ڳالهه ٻولهه هلي رهي هئي، شهباز شريف سان ڳجهي ڳالهه ٻولهه به جاري هئي. آصف زرداري چيو ته شهباز شريف کي وزيراعظم نامزد به هن ڪيو ۽ ان کي وزارت عظميٰ سنڀالڻ تي راضي به ڪيو. هن چيو ته اليڪشن ڪڏهن ڪرائڻي آهي اهو فيصلو گڏجي ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته هڪ پاڪستاني بزنس مين پاڪستان ۾ عمران خان کي فنانس ڪيو، ان بزنس مين جو ڪيس هاڻي آمريڪا ۾ هلڻ وارو آهي. اڳوڻي صدر موجب عمران خان شروع کان ئي ڪوڙ ڳالهائيندو آهي، مون کي 8 مهينن لاءِ سرڪاري مهمان بڻايو ويو، اسفند يار ولي منهنجو چوڻ وٺندو آهي، اتحاد ۾ اسان ڏيڻ وارن مان آهيون، پيپلز پارٽي سدائين ڏنو آهي، جيترا به دوست اتحاد ۾ آهن انهن سان معاهدا ٿيا آهن، مان انهن سمورن کي گڏ ڪيو آهي، انهن جا جائز مطالبا پورا ڪيا ويندا. آصف زرداري چيو ته ايم ڪيو ايم سان معاهدي جو ضامن به مان آهيان، پرويز الاهي اسان کان ٿورو سينيئر آهي، اسان ان لاءِ ڪوشش ڪندا رهياسين، جڏهن ٻار وڏا ٿي وڃن ته مسئلو ٿيندو آهي، ڪنهن پرويز الاهي کي مس گائيڊ ڪيو، اسان ته هاڻي به چاهيون ٿا ته پرويز الاهي سياسي دائري ۾ واپس اچي وڃي. اڳوڻي صدر چيو ته مان شهباز شريف کي وزيراعظم ٿيڻ جي آڇ ڪئي هئي، شهباز شريف کي چيو ته توهان وزيراعظم ٿي وڃو، مون وٽ 70 ووٽ آهن، اتحادين سان رابطي ۾ هئس، مون کي خبر هئي ته هو مون سان گڏ ايندا، اتحادين کي خبر آهي ته جيڪي مون واعدا ڪيا اهي پورا ڪندس. آصف زرداري اهو به چيو ته نفرت عمران خان سان نه ان جي سوچ سان آهي، بلاول ڀٽو سموري سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (سي اي سي) کي گڏ کڻي هلندو آهي، پوءِ پاليسي ٺاهيندو آهي، بلاول پرڏيهي وزير ٿيندو يا نه ان جو فيصلو سي اي سي ڪندي.